تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

امدادي ڪم، سنڌ ۽ وفاقي حڪومت گڏجي تحرڪ وٺن

تازين برساتن سنڌ کانپوءِ ٻين صوبن ۾به شهري ٻوڏ جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ برساتن جي هڪ وڌيڪ اسپيل جي اڄ کان ٻيهر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، جيڪو ٿرپارڪر ،ميرپورخاص ،بدين ،ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ وسڪاري جو سبب بڻبو ۽ ڪراچي ۾ سومر تي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.انهي کان علاوه کير ٿر جي جابلو پٽي تي به وسڪارن جو امڪان آهي،بلوچستان سان ڳنڍيل ڪاڇي ۾ وري نيون وهي اچي سگهن ٿيون.برسات جي نشاني تي سمورا اهي علائقا آهن جيڪي اڳ ئي پيل برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اڃان ڪيترن ئي هنڌن تان اهو پاڻي نيڪال ئي نه ٿي سگهيو آهي تنهن ڪري خطرو آهي ته ٿورو گهڻو تباهي کان بچي ويل علائقا هڪڙي مڪمل تباهي جي ور چڙهي ويندا.
انهن برساتن ۾ جتي رڳو تباهي ئي تباهي ٿي آهي انهي جو هڪڙو مثبت پاسو اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون جيڪي ٿورين برساتن ، ٻين مسئلن ۽ خاص ڪري ڪراچي تي هڪٻئي جي آمهون سامهون هيون گهٽ ۾ گهٽ هن وقت ۽ هنن برساتن ۾ هڪ پيج تي نظر اچي رهيون آهن ۽ ٻنهي حڪومتن ڏکئي وقت ۾ بهرحال ذميواري جو مظاهرو ڪندي گهٽ ۾ گهٽ بيانن جي حد تائين گڏجي مسئلي کي گڏجي منهن ڏيڻ جو اظهار ڪيو آهي باقي عملي ۽ انتظامي طور صورتحال ڇا ٿي بيهي اهو ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ انهن جي کاڌ خوراڪ جي بندوبست ۽ بحالي واري ڪم ۾ ئي نظر ايندو. جنهن نموني جي برساتن تباهي ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو اڃان بند نه ٿيو آهي انهي صورتحال ۾ عوام کي ٻنهي حڪومتن مان اهڙي قسم جي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي اميد هئي.هن وقت به سنڌ جي سامونڊي پٽي جي ٻهراڙي کان وٺي ڪاڇي جي ڳوٺن تائين لکين ماڻهو بنا ڇت جي برساتي پاڻي ۾ ڪيتري ڏينهن کان وٺي ويٺل آهن جڏهن ته وڏن شهرن ۾ لکين ماڻهن کي برساتي پاڻي ڄڻ ته گهرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.جيڪڏهن برساتن جي ايندڙ اسپيل ۾ وڌيڪ تيز وهڪرا ٿيا ته هن تباهي کانپوءِ ڪو ٻيو الميو جنم وٺي سگهي ٿو.سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جيڪو بيانن ذريعي ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي ان کي عملي طور اظهارڻ جي ضرورت آهي ،هن وقت به سنڌ حڪومت ۽ ڪٿي ڪٿي وفاقي حڪومت جا ڪي ادارا ماڻهن جي مدد ڪندي نظر اچن ٿا پر جنهن قسم جو ڊزاسٽر آهي ان ڪم کي اوتري انداز ۾ گڏجي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي.سنڌ ۾ امدادي سرگرمين کان ڪير به مطمئن نه آهي نه ئي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڪا اهڙي معلومات ملي ٿي ته ڪنهن به علائقي ۾ متاثر ماڻهن جي ڪا جوڳي مدد ٿي سگهي آهي اڃان تائين ته علائقن مان پاڻي ئي مڪمل نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي واهن ،شاخن،سم نالن کي لڳل گهارا بند ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري روزانو وڌيڪ علائقا ۽ ڳوٺ ٻوڏ جي هيٺ اچي رهيا آهن اها صورتحال خاص ڪري ڪاڇي ۾ روز نيون وهي اچڻ ۽ بدين ۽ ميرپورخاص جي سم نالن کي لڳل گهارن سبب پيدا ٿي رهي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي ترت تحرڪ وٺڻو پوندو، اهي پنهنجي ذميوار ادارن ۽ خاص ڪري اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي فعال ڪن ته اهي پنهنجي پنهنجي وسيلن سان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ پهچن انهي کانسواءِ ٻين ادارن ۽ ضلعي انتظاميا کي پنهنجي پنهنجي افرادي قوت ۽ وسيلن سان گڏ ماڻهن جي مدد لاءِ نڪرڻ کپي ۽ ٻئي حڪومتون انهن جي طرح نگراني ڪن جيڪڏهن وڌيڪ وسيلن ۽ فنڊن جي ضرورت پوي ته ايمرجنسي جي بنيادن تي انهن جو بندوبست ڪن ڇو ته جيڪڏهن ٿوري به دير ٿي ته پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهو بک ۽ بيمارين ۾ مرڻ شروع ٿيندا ۽ اها سڄي ذميواري وقت جي حڪومتن تي ايندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *