تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

اقرار پسند معاشري ۾ انڪار جي جرئت!

“ماڻهو مرڻ کانپوءِ ڪجهه به ناهي سوچيندو، ماڻهو مرڻ کانپوءِ ڪجهه به ناهي ڳالهائيندو. ڪجهه به نه سوچڻ ۽ ڪجهه به نه ڳالهائڻ جي ڪري ماڻهو مري ويندو آهي.” ڪٿي لکيل اهي لفظ اڄ مون کي سنڌ جي صورتحال تي سورنهن آنا ٺهڪندڙ محسوس ٿي رهيا آهن. جڏهن اسان پنهنجي بقا، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي وجود جي خطري واري حالت ۾ نه ڪجهه سوچي رهيا آهيون ۽ نه ڪجهه ڳالهائي رهيا آهيون. وڪٽر هارا چيو هو ته، “وڙهڻ جي لاءِ ڇا گهرجي؟ آڱريون – جيڪي لفظن کي گيت ۽ گٽار کي هٿيار بڻائي سگهن ٿيون.” اسان جون آڱريون جهڙوڪ سُن ٿي چڪيون آهن، اسان جا دماغ مائوف ٿي چڪا آهن. اسان صرف برداشت ڇو ڪري رهيا آهيون ؟ جڏهن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته برداشت اهو تشدد آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ تي ڪيو ويندو آهي.
“ڪراچي ڪاميٽي” ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪري سنڌ جي وجود تي سنڌائتو وار ڪيو آهي. هاڻي عملي جدوجهد جو وقت اچي ويو آهي، گهر ويٺي سوشل ميڊيا تي ويهي لعنتون، ملامتون ۽ مذمتون ڪرڻ جو وقت ناهي، هاڻِ جياپي جي جنگ وڙهڻ جو وقت اچي چڪو آهي، ڪنهن چواڻي ته “جيئڻ ۾ دير نه ڪريو متان مري وڃو” اسان کي به مرڻ کان بچڻ لاءِ هاڻ جيئڻ ۾ دير ناهي ڪرڻي. انسان عام زندگي ۾ پنهنجي وجود جي اظهار بنا رهي نه ٿو سگهي، پر ائين به ناهي ته صرف پنهنجي وجود جو اظهار ئي انسان جو بنيادي مقصد هجي ٿو، پنهنجي روز مرهه جي زندگي ۾ اسين پنهنجي سمجهوتي ۽ سهڻ واري سوچ جي ڪري اندر جي اڇل کي ٻاهر اچڻ نه ڏيندا آهيون، دل ۾ دٻائي رکندا آهيون، اظهار جي معاملي ۾ ڪنجوسيءَ کان ڪم وٺندا آهيون، خاص ڪري متضاد معاملن ۾ اسان جي زبان کي ڄڻ ته زنگ لڳي ويندو آهي. ڇو ته اسان جو الميو اهو آهي ته اسان صدين کان وٺي اقرار پسند سماج، ها ۾ ها ملائيندڙ معاشري جا فرد رهندا آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان نسل در نسل اهو ئي ڏسندا آيا آهيون ته اقرار پسند ماڻهو هر دور ۾ مراعتون ماڻيندا آهن، جڏهن ته انڪار جي جرئت ڪندڙ وڏي ڪرب مان گذرندا آهن.
جيتوڻيڪ چوڻ لاءِ ته اهو هڪ لفظ “ها” تمام ننڍڙو آهي پر ان مختصر ترين لفظن جي عيوض مراعتن ۽ مال و زر جا دروازا کلي ويندا آهن، جن به ماڻهن کي ها ۾ ها ملائڻ جو هنر ايندو آهي جيڪي اختلاف يا انڪار کي پنهنجي مزاج جي ڀرسان ڀٽڪڻ به نه ڏيندا آهن جيڪي هر دور جا yes man هوندا آهن، آسائشون انهن جي درن جون داسيون بڻجي وينديون آهن، اهي انعامن اڪرامن سان نوازيا ويندا آهن، پر اهڙا انسان سماج توڙي معاشري توڙي قوم لاءِ هيڪاندا هاڃيڪار هوندا آهن، اهي مير جعفر جهڙن ڪردارن جو تسلسل هوندا آهن ۽ سنڌ هاڻي اهڙن ڪردارن کان آجپو چاهي ٿي، سنڌ کي اهڙا ڪردار بنهه نه ٿا کپن.
ايمرسن چيو هو ته “اسان کي ٺهيل ٺڪيل ماڻهو ڪو نه ٿا کپن، جيڪي چاٻي ڦيرائڻ سان ادبي لفاظي يا اهڙي ڪا ٻي ڪرت ڪري سگهندا هجن، بلڪه پاڻ کي ته اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي ارادي جي سگهه ڪتب آڻيندي سمجهداري سان ڪنهن به نئين ڪم ۾ هٿ وجهي سگهندا هجن.”سنڌ هن وقت انڪار جي جرئت رکندڙ جوڌن لاءِ واجهائي رهي آهي، سرمائيدارن جي ستايل سنڌ، ڀوتارن جي ڀليل سنڌ، جاگيردارن جي جبر هيٺ آيل سنڌ مقناطيسي نعرن جي نهوڙيل سنڌ اڄ ڪنهن اهڙي متبادل لاءِ واجهائي رهي آهي، ڪنهن اهڙي مسيحا جي منتظر آهي، ڪنهن اهڙي ديواني جو دڳ ڏسي رهي آهي، جيڪو “انڪار” جي آڱر وٺي هلي، جنهن وٽ سولي تي چڙهڻ جو حوصلو هجي، پر پنهنجي سوچ کي سمجهوتي جي چادر نه اوڍائي، جيڪو فيض احمد فيض جهڙو فڪر رکندي اهو چئي سگهي ته:
مقام فيض ڪوئي راهه مين جچا هي نهين
جو ڪُوئي يار سي نڪلي تو سُوئي دار چلي
هڪ اهڙو ديوانو جنهن کي ساريندي حبيب جالب هي سٽون صدا بڻايون هيون ته:
ڪوئي تو پرچم لي ڪر نڪلي اپني گريبان ڪا جالب
چارون جانب سناٽا هي، ديواني ياد آتي هين
هاڻي سنڌ پنهنجو مستقبل ڪنهن دلال بدران ڪنهن ديواني جي سپرد ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ پنهنجي ذات نه پر قوم اهم هجي، ڌرتي اهم هجي، هڪ اهڙي تبديلي جي ضرورت آهي، اهڙي انقلابي ۽ انقلاب جي ضروت آهي، جنهن لاءِ نيپولين چيو هو ته جتي پري پري تائين رڻ ۽ ريگستان هوندو آهي، اتي ان رڻ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو رابيل ضرور تڙيل هوندو آهي. اهڙي طرح جتي اقرار هوندو آهي، اتي انڪار به هوندو آهي، جتي “ها” جو ورد ڪرڻ وارا وسندا آهن اتي “نه” چوڻ جي جرئت رکندڙ به رهندا آهن، هر اقرار پسند معاشري ۾ اهڙا ديوانا به ملي ويندا آهن جيڪي ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪوٺڻ کان سدائين انڪار ڪندا آهن، تاريخ ۾ اهڙا ڪئين اعليٰ ظرف رکندڙ ڪردار امر ٿي ويا آهن، حضرت امام حسين عليه السلام يزيد جي بعيت کان انڪار ڪيو ته کيس ڪربلا جي ريگزار ڌرتي تي شهيد ڪيو ويو، عظيم ڏاهي سقراط جڏهن انڪار جي جرئت ڪئي ته کيس سزا طور زهر جو پيالو پنهنجي اندر اوتڻو پيو، يسوع مسيح انڪار کي پنهنجو ڪلمو بڻايو ته کيس صليب تي چڙهڻو پيو، سرمد جڏهن انڪار جي آڱر ورتي ته سندس سر قلم ڪيو ويو. ڪارل مارڪس انڪار جو اهڃاڻ بڻيو ته کيس دربدر ٿي فاقاڪشي واري زندگي ملي، ذوالفقار علي ڀٽو ها ۾ ها ملائڻ کان نابري واري بيٺو ته کيس ڦاهي جو ڦندو چمڻو پيو، جي ايم سيد انڪار جو علمبردار بڻيو ته سڄي عمر صعوبتون سهندو رهيو، مير مرتضيٰ ڀٽو ارڏو ۽ انڪاري رهيو ته رات وچ ۾ راهن ۾ ماريو ويو. بشير خان قريشي ان سسٽم جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو ته سندس زندگي زهر جي زور تي ختم ڪئي وئي.
مطلب ته اهڙن ديوانن تي زندگي جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن جيڪي اقرار پسند معاشري جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪندا آهن، سنڌ کي اڄ اهڙن ديوانن جي ضرورت آهي جيڪي سندس سورن جو سامان بڻجڻ بدران سندس دردن جو درمان بڻجن، جيڪي سندس سودو ڪرڻ بدران سر ڏئي سگهن، جيڪي شيخ اياز جي لفظن ۾ رڃ ۾ رڙ جهڙا هجن، جيڪي وفاق جي اکين ۾ اکيون ملائي سينو تاڻي چئي سگهن؛
متو آهين مَڇ، ٿُلها ٿِئو ٿُونا هڻين
جا تو ڀانئين اَڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *