تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اقتدار جي راند کان عوام ئي ٻاهر

تاريخ هر ڪنهن جو حساب رکي ٿي اهي ماڻهو جن ذاتي مفادن ۽ تسڪين لاءِ جنگيون ڪيون، خونريزيون ڪيون، پنهنجي ذاتي انا خاطر فرسودا ريتن رسمن ۽ مذهب جي آڙ ۾ ڪن کي زهر پياريو ته ڪن کي ڦاسي چاڙهيو ، ڪن کي گهاڻن ۾ پيڙهيو ويو ته ڪن کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو، ڪن کي جلاوطيون سهڻيون پيون ته ڪي وري ساهه جي آخري تند تائين وڙهندا رهيا. اهڙن حاڪمن جي حشمت ۽ جابرن جا جبر صرف ان لاءِ هئا ته جيئن ذاتي مفادن کي حاصل ڪجي. جڏهن ته ٻئي پاسي اهي ڏاها ارڏا بهادر ۽ سچا انسان ٿورائي ۾ هوندي پنهنجي ارادن تي اٽل رهيا جن حق ۽ سچ جي ناري کي هميشه بلند رکيو،
ازل کان اهو ئي نظام هلندو اچي ۽ شايد ابد تائين جاري رهي، ڇاڪاڻ بدلائو صرف وقت ۾ اچي ٿو، اهي ساڳيا حاڪم ۽ محڪوم ويس مٽائي ورن ٿا. پيڙهيل طبقو ازل کان پيڙهيل آهي ۽ اڃان تائين پيڙهجي پيو. مفاد پرست ٽولا به ساڳي طرح سرگرم آهن جن کي ڪا شئي عزيز آهي ته اهو صرف ذاتي مفاد آهن. هي قتل غارت، ڏاڍ جبر، ڪرپشن، رشوت خوري، ڪارا ڪرتوت ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ غربت ان جو نتيجو آهن. اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جو مثال اوهان جي سامهون هوندو جيڪي عوام ۽ ملڪي مفاد جي نعري سان اڳيان اچن ٿا، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪم ڪن ٿا عوام جي ڀرپور حمايت ۽ مقبوليت ماڻين ٿا پر انهن جي اولين ترجيح ذاتي مفاد ئي هوندا آهن.هر چيز کي پاسيرو رکي صرف پاڪستان جي سياسي تاريخ کي ئي ڏسو، ڪيترا سال جمهوريت رهي آهي ۽ ڪيترا سال آمريت؟ اهو اندازو به لڳايو ته سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندڙ ڪير آهن؟ ڪيترا خاندان آهن جيڪي نسل در نسل سياست ۾ چچڙ وانگر چهٽيل آهن؟ جڏهن به ڪا پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي ته عوامي مفاد ۾ ڪيترا ڪم ٿيندا آهن؟ اهي ڳالهيون ته هاڻي ڳجهيون نه رهيون آهن ته ڪنهن دور ۾ ملڪ جا سربراهه ۽ قومي خزانا رهندڙ ماڻهو هينئر ٻاهرين ملڪن ۾ آباد آهن ۽ وڏا ڪاروبار ڪن پيا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اها راند ايئن ئي هلندي رهي ته انهي عوام جو ڇا ٿيندو جيڪا ماڻهو چونڊي ايوانن ۾ موڪلي ٿي ته جيئن هر کلاڙي پنهنجي حصي جي راند کيڏي، بک بيروزگاري، مهانگائي، غربت، ڪرپشن ۽ بدامني کي شڪست ڏيئي.خوشحالي امن ۽ ترقي جو ڪپ کڻي عوام جي چهرن تي خوشيون آڻي سگهي.پر افسوس سان چئجي ٿو ته لاقانونيت گهر ڪري وئي آهي. قانون جي لتاڙ ڪري عوامي پئسي کي لٽي ڪرپشن ڪندڙ ڌرين کي ڄڻ اها پڪ هجي ته انهن جو احتساب ڪڏهن به ڪونه ٿيندو. ٻي ڳالهه جتي اين آر او، پلي بارگين ۽ ايمنسٽي اسڪيم جهڙيون ڏاڪڻيون ڪرپشن جي ديوار پار ڪرڻ لاءِ رکيون وڃن ته اتي ڊپ ڪهڙو؟
“اسان ننڍن چورن کي ته ڦاسي ڏيندا آهيون، ليڪن وڏن چورن کي سلام ڪندا آهيون” شيڪسپيئر پنهنجي زماني ۾ اها ڳالهه خبر نه آهي ڪهڙي حوالي سان ڪئي هئي پر اسان وٽ اڄ به اهو نظام آهي. ڪرپٽ سياستدانن جي خلاف سوين ڪيس هلن پيا پر سزا جا حقدار گهڻا ٿيا آهن؟
عمران خان به پاڪستان جي نظام تبديل ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي مڪمل خاتمي لاءِ آيو هو اڄ انهن جي پارٽي جا اڳواڻ خود ڪرپشن جي الزامن هيٺ آهن، اتي ڏسڻو اهو آهي ته عمران ڪنهن کي تجريح ڏئي ٿو عوامي مفادن کي يا پارٽي مفادن کي؟ اهو به ضرور ڏسجي ته ڏيڍ ٻه سال جي اقتداري سفر ۾ ڪنهن جا مفاد پورا ٿيا آهن يا ارڙهين ترميم جي خاتمي سان ڪنهن جو ڀلو ٿيندو؟ گڏوگڏ اهو به غور ڪجي ته ڪورونا جهڙي سنگين صورتحال ۾ سڀ ڪجهه وساري سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي اهڙي حڪمت عملي ۽ فيصلا ڪرڻ گهرجن ها جن سان بنا ڪنهن تفريق جي سڀني صوبن جي عوام کي رليف ملي ها پر مائنس ون فارمولي ۽ پراڻن ڪيسن جي نئين سر لکڻ سان ڏسڻو اهو آهي ته عوام کي ڇا ملندو يا اها رڳو اقتدار جي راند ايئن ئي جاري رهندي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *