تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

اقتدار بچائڻ لاءِ خطرناڪ راند

اڳين زمانن جا حڪمران جيڪي بادشاهه ۽ شهنشاهه سڏبا هئا. اهي جڏهن به حڪومتي ڏيوالڻپي جو شڪار ٿيندا هئا ته ديوتا جي ناراض هجڻ جا بهانا گهڙي، اٻوجهه ماڻهن کي گمراهه ڪندا هئا ته هاڻ جيڪڏهن ڪنهن ڪنواري دوشيزه جو ٻليدان نه ڏنو ويو ته ديوتا ناراض ٿيندو ۽ ملڪ ۾ خطرناڪ بيماريون يا ڏڪار موڪليندو، ان ڪري خوبصورت ڪنوارين دوشيزائن جي ڳولا شروع ڪئي ويندي هئي. اهڙي صورت ۾ هر ان گهر ۾ ڪهرام مچي ويندوهو، جنهن ۾ ڪائي ڪنواري نياڻي هوندي هئي. هڪدم شادي ڪرائي نياڻي بچائڻ جو ڪوئي بهانو نه هوندو هو ڇو ته بادشاهه جي اهڙي اعلان کان پوءِ ڪوبه ڪنوارو مرد ڪنهن به ڪنواري دوشيزه سان شادي ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهندو هو نيٺ انهن نياڻين جو نصيب پنهنجو خوبصورت ڪنڌ بدڪار حڪمرانن جي مقرر ڪيل جلادن جي تلوار جو کاڄ بڻجندو هو.
مان جڏهن کان سمجهه وارو ٿيو آهيان ان قسم جا هزارين داستان ، قصا ۽ ڪهاڻيون ڪتابن ۾ پڙهندو رهيو آهيان ان بعد منهنجي اک هڪ اهڙي بدنصيب ملڪ ۾ کلي جتي جادوگرن ۽ آدم خورن جو راڄ نظر آيو. قتل عام ۽ ڪوس عام قسم رهيو آهي يا ايئن کڻي چئجي ته هن ملڪ جي روايت رهي آهي هتي جو اقتدار سدائين چورن لٽيرن ۽ اهڙين قوتن جي هٿن ۾ رهيو آهي جن کي ڪڏهن به عوام پسند ناهي ڪيو ۽ اهي سدائين پاڻ کي عوام مٿان مڙهيندا رهيا آهن. هي وڌ ۾ وڌ قتل عام مذهب جي نالي ۾ ٿيندو رهيو آهي جنهن به عوام دشمن ۽ ڪمزو حڪمران جڏهن به عوام جي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪيو آهي ته ان مذهب کي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ڍال بڻايو ڀلي پوءِ ان کي تيمور لنگ يا نادر شاهه جيان انساني کوپڙين جا مينار ڇونه ٺاهڻا پيا هجن هن اهڙي عمل ۾ڪڏهن به هٻڪ محسوس نه ڪئي آهي.
پري جي ڳالهه ناهي 1977ع کان 1988ع تائين ملڪ اهڙو بد شڪلو ۽ عوام ۾ غير مقبول قابض حڪمران گذريو آهي. جنهن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ سياسي ڪارڪنن کي نه رڳو ڦاسيون ڏئي پنهنجي راهه ۾ رنڊڪ بڻجڻ جي خوف کان گوليون هڻي ۽ ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي قتل ڪندو رهيو . هڪڙو اهڙو دور به آيو جو هن ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پئدا ڪرڻ لاءِ پنهنجا قاتل ڪمانڊوز تيار ڪيا. جن کي وڏيون مراعتون ۽ عهدن ۾ ترقيون ڏئي فوٽ پاٿن تي سمهندڙ بي گهر ماڻهن جا مٿا هٿوڙن سان چٿرائي هنن کان زندگيون کسيون حالت اها ٿي جو عادي موالين به رات جو شهرن ۾ گهمڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪراچي جهڙي روشنين واري شهر ۾ سناٽو ڇانئجي ويو هو، پوءِ اڪيلي گهرن ۾ رهندڙ گهر ڀاتين جا مٿا چٿيا ويا. ان هٿوڙا گروپ لڳاتار ٻه سال 1981 کان 1982 تائين گهرن ۾ ننڊ ستل ماڻهن جا هٿوڙن سان مٿا چٿي بي گناهه ماڻهو قتل ڪيا.
پوءَ هتي وري نئين جنونيت پکيڙي وئي فرقيوار فساد شروع ڪرايا ويا. امام بارگاهن ۽ مسجدن تي حملا ڪري مسلمان هڪٻئي کي ڪافر ڪافر چوندا قتل ڪندا رهيا اهڙي صورت ٿي جو ماڻهن مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. اڄ ڏينهن تائين ناڪام ۽ نالائق حڪمران عوام جو ناحق خون وهائڻ لاءِ اها ئي ديوتائن کي خوش ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪندي بي گناهه ماڻهن جو مذهب جي آڙ ۾ قتل عام ڪرائي پنهنجي ڪمزور اقتدار جي عمر وڌائڻ واري ڪني روايت تي هلي رهيا آهن. هاڻي تازو فرقيوارنا ڏڦيڙ ڪرائڻ لاءِ نئون ۽ انهن ڪريل قسم جو انداز اختيار ڪيو ويو آهي. جيڪا ملڪ ۾ مختلف صورتن ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ خطرو آهي ته ڪٿي ڪو وڏا فرقيواراڻا فساد نه برپا ٿي پون.
هي نئين طرح سان اقتدار جي ڪلب جا اصلي مالڪ ، موجوده ڪمزور حڪومت کي بچائڻ لاءِ نئين ۽ انتهائي خطرناڪ طريقو اختيار ڪرندي فرقيوار ڏڦيڙ طرف ملڪ کي وٺي وڃي رهيا آهن. هڪ طرف سرحدن تي ڇڪتاڻ واري صورتحال آهن ملڪ کي گهڻ پاسن کان چئلينج سامهون آهن ٻئي طرف هي ڪهڙا نادان آهن جو فرقيواراڻن فسادن جهڙي خطرناڪ قسم جي خانا جنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڇا اقتدار اعليٰ جا اصلي وارث نادان آهن يا گونگا ٻوڙا جو اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ بيروني سازشن کي سمجهي نٿا سگهن ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ههڙي خطرناڪ صورتحال کي نظرانداز ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *