تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو وقت

ملڪ ۾ افغان پناهگيرن لاءِ مقرر ڪيل مدو 30 جون تي ختم ٿي چڪو آهي،انهن کي واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو نه ڪو بندوبست ڪيو ويو نه ئي ويجهي مستقبل ۾ اهڙي ڪا رٿابندي ٿيندي نظر اچي رهي آهي.افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ حالتون خراب ٿيڻ کانپوءِ لکين افغاني ڀرپاسي جي مختلف ملڪن ۾ پناهه لاءِ پهتا ۽ انهن مان وڏو تعداد پاڪستان به پناهه لاءِ پهتو هو. انهن پناهه گيرن کي گڏيل قومن جي مدد سان ڀرپاسي جي ملڪن ۾ انهن جي سرحدن ڀرسان خيما بستيون قائم ڪري اتي ترسائڻ جو پروگرام جوڙيو ويو ته جيئن افغانستان ۾ حالتون بهتر ٿيندي ئي کين واپس موڪلڻ ۾ آساني ٿئي پر افغانستان ۾ حالتون وقت بوقت خراب رهڻ ڪري پاڪستان ۾انهن جي ترسائڻ واري مدي ۾ بار بار واڌ ٿيندي رهي، جيڪا آخرڪار 30 جون تي ختم ٿي وئي.انهن پناهگيرن مان وڏوتعداد خيما بستين ۾ رهڻ بدران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويو ۽ گهڻو ڪري انهن سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي اچي پنهنجو ٺڪاڻو بڻايو ۽ ٻين ننڍن ننڍن شهرن ۾ به پکڙجي ويا.
افغان پناهگيرن سميت سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ وڏي وقت کان آواز اٿندا رهيا آهن ۽ اهي آواز ڪڏهن ڪڏهن تحريڪن جي شڪل به اختيار ڪندا رهيا آهن، خاص ڪري جڏهن بنگلاديش ۾ ترسيل بهارين کي آڻڻ جي ڪوسش ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ هڪڙي تحريڪ هلي جنهن ۾ هر سياسي پارٽي توڙي عام ماڻهو ڀرپور حصو وٺي بهارين کي پاڪستان آڻڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ بهارين کي آڻڻ جو ارداو تبديل ڪيو ويو. پر انهي هوندي به ڪيترائي ڌاريا بهاري،بنگالي،برمي ۽ افغاني اڃان تائين غير قانوني طور ترسيل آهن ،نه رڳو ترسيل آهن پر اسان جي ڪمزور ۽ ڪرپٽ نظام جي ڪري ڪيترن ئي پنهنجا رهائش لاءِ گهربل ڪاغذ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن.غير قانوني پرڏيهين جي ڪري نه رڳو سنڌ جي وسيلن تي بار پئجي رهيو آهي پر اهي ڌاريا ڏوهن ۾ به ملوث آهن ۽ صوبي ۾ بدامني سميت غير قانوني ڌنڌن ۽ منشيات جي وڪري ۾به ملوث آهن.پر اڃان تائين انهن ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪا پاليسي ڪا رٿابندي نظر نه ٿي اچي . سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته افغان پناهگيرن کي واپس موڪلي يا کين ڪي پي يا اسلام آباد ۾ ترسائي.صوبائي وزير اسماعيل راهو ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي جو هر پرڏيهي کي سنڌ ۾ ترسايو وڃي ،هن وفاق کان سوال به ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته هن وقت تائين ڪيترن غير قانوني پرڏيهين جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي؟ وفاقي گهرو وزير کي ڪا خبر ئي ناهي.صوبائي وزير چيو ته ڌارين جي ڪري سنڌ ۾ بدامني ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿي آهي تنهن ڪري وفاق افغان پناهگيرن کي رهائڻ واري مدي ۾ واڌ ڪرڻ بدران انهن جي واپسي جو بندوبست ڪري.
غيرقانوني پرڏيهين جي رجسٽريشن ۾جتي وفاقي حڪومت سستي ڪري رهي آهي اوتري ذميوار صوبائي حڪومت ۽ ان جا وزير به آهن جو انهن ڪڏهن به سنڌ جي وسيلن تي بار بڻيل غير قانوني پرڏيهين بابت ڪابه حڪمت عملي نه جوڙي آهي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت سان اهو معاملو اهڙي سنجيده انداز ۾ کنيو آهي جنهن جو اهو گهرجائو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل ڪجهه ماڻهن جا ته بيان ۽ ڳالهيون رڪارڊ تي آهن جن ڪجهه ووٽن جي لالڄ ۾ انهن غير قانوني پرڏيهين کي کلي عام سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جي حمايت ڪئي ۽ اهو به نه سوچيو ته اهي ڌاريا صوبي جي وسيلن تي بار هجڻ سان گڏوگڏ هتان جو امن امان تباهه ڪرڻ جو به سبب بڻجڻ ٿا. جنهن جو مثال ڪالهو اخبار ۾ ئي ڇپيل اها خبر آهي جنهن ۾ پوليس مقابلي ۾ 3 هٿياربند مارجي ويا آهن جن مان ٻن هٿياربندن جي سڃاڻپ افغانين طور ٿي آهي ۽ انهن جي قبضي مان 92 جون تي اغوا ٿيل نينگر کي بازياب ڪرايو ويو آهي. انهي کانسوءِ روز اهڙيون خبرون اينديون رهنديون آهن ته ڪڏهن پلاٽن تي قبصي،ڪڏهن ڦرن ۽ ڪڏهن قتل ۽ اغاوئن جي وارداتن ۾ انهن افغانين سميت ٻيا ڌاريا ملوث ڏٺا وڃن ٿا ،جڏهن ته انهن ڏوهن کانسواءِ صوبي ۾ مذهبي منافرت ڦهلائڻ ۾ به اهي ڌاريا ئي آهن جيڪي سنڌ جهڙي روادار معاشري ۾ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪري صدين کان امن سان رهندڙ مختلف مذهب جي ماڻهن کي ويڙهائي انهن جي ٻڌي ۽ ايڪي کي نقصان پهچائين ٿا ته جيئن اهي پنهنجي بنيادي مسئلن طرف ڌيان نه ڏئي سگهن .
اسان سمجهون ٿا ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ صوبي کي انهن سڀني براين کان پري رکڻ لاءِهر انهي ڌارئي يا غير قانوني طور ترسيل ماڻهو کي نيڪالي ڏيڻ گهرجي.ان لاءِ ضروري آهي ته وفاقي حڪومت افغان پناهگيرن جي مدي ۾ واڌ نه ڪري ۽ سنڌ حڪومت انهن افغانين سميت ٻين ڌارين کي به تڙڻ لاءِ وفاق سان لهه وچڙ ۾ اچي ڪا حڪمت عملي جوڙي، جيئن سنڌ پنهنجي وسيلن تي اضافي بار کان بچي پوي ۽ امن امان جي صورتحال به سڌري سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *