تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

اغوا وارداتون ۽ قبائلي جهيڙا هڪٻئي سان ڳنڍيل

ماضي ۾قبائلي جهيڙن ،بدامني ۽ اغوا جي وارداتن جو عذاب ڀوڳيندڙ سنڌ جو اتر وارو حصو وري هڪ دفعو ٻيهر انهي واٽ ڏانهن موٽندي محسوس ٿي رهيو آهي،اغوا جي وارداتون معمول بڻجي ويون آهن روز ڪا نه ڪا ورادات ٿي رهي آهي، ڏوهارين جا ٽولا وري نروار ٿي پنهنجي ٿاڪن تي گهمي رهيا آهن. وري آپريشنز جي موسم شروع ٿي آهي جيڪا لڳي ٿوسدائين وانگر ڏوهه گهٽائڻ بدران ڏوهاري پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ لاءِ ئي ايندي آهي. جڏهن به پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جا آپريشن شروع ٿيندا آهن انهن اغوا جي وارداتن جون خبرون اچڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ ڏوهن ۾ واڌ ٿيندي آهي ،هاڻي به ڪجهه مهين اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن کان آپريشن اتر جي ڪجهه علائقن ۾ شروع ڪيا ويا آهن اهي ئي علائقا وري اغوا جي وارداتن جون نرسريون بڻجي ويا آهن.
لڳي ايئن ٿو ڄڻ انهي اغوا فيڪٽري جي ڪنهن وٽ چاٻي آهي جنهن وقت انهي فيڪٽري کي کولڻ جي ضرورت پوي ٿي انهي کي کوليو وڃي ٿو ۽ جڏهن انهي جي ضرورت نه ٿي رهي ته اها فيڪٽري عارضي طور بند ڪئي وڃي ٿي .انهي فيڪٽري جي شروع ٿيڻ سان بدامني سان لاڳاپيل ٻيون پيداوار به مارڪيٽ ۾ اچي وڃن ٿيون جنهن ۾ وڏي ۾ وڏي پيداوار قبائلي جهيڙا آهن جنهن جون ڳنڍون انهي اغوا وارداتن سان ملن ٿيون ۽ اهي قبائلي جهيڙا ڪنهن ڪنهن کي فائدو ڏين ٿا اها هر ڪنهن کي خبر آهي.اهي قبائي جهيڙا ۽ اغوا جون وارداتون هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ، جڏهن به اغوا وارداتون ٿينديون آهن ته گڏوگڏ قبائلي تڪرار شروع ٿي ويندا آهن .سنڌ اهو عذاب ماضي ۾ ڀوڳي چڪي آهي ته جڏهن اتر وارن علائقن ۾ بدامني ۽ ڏوهه وڌيا هئا ته قبائلي تڪرار جو مرڪز به اهي ئي علائقا ٿيا هئا ۽ اهي قبائلي جهيڙا انهن ڏوهن ۽ بدامني مان ڦٽي نڪتا هئا جنهن سڄي سنڌ جو امن تاراج ڪري ڇڏيو هو. اتر ۾ رهندڙ ڪهڙي ذات هئي جنهن جو ڪنهن ٻي ذات واري سان جهيڙو هلندڙ نه هو.
هن وقت به اهو ساڳيو علائقو جنهن کي عرف عام ۾ اتر سنڌ سڏيو وڃي ٿو اتي وري اها ئي راند شروع ٿي وئي آهي،اغوائن جون وارداتون وڌي رهيون آهن ۽ گڏوگڏ هلڪي پئماني تي ئي سهي پر برادري ۽ قبائلي جهيڙن کي هوا ۽ هٿي ملڻ شروع ٿي وئي آهي ،تازو ئي مدئجي جي ڪچي مان هڪ ڊرائيور جي اغوا جي خبر آئي آهي جنهن کي پوليس پراڻو تڪرار سڏي رهي آهي جنهن جو مطلب ٿيو ته پرڻي تڪرار تان ڄڻ اغوا جي واردات ڪرڻ جي اجازت هجي ۽ اهو ڏوهه اهڙو ڏوهه ناهي جو پوليس ڪو تڪڙو تحرڪ وٺي. ان کان اڳ ۾ به اغوا جا ڪجهه اهڙا واقعا رپورٽ ٿيا جيڪي برادرين جي پاڻ ۾ هلندڙ جهيڙن جي ڪري ڄاڻايا ويا. ڏوهن ،بدامني ۽ قبائلي جهيڙن کي روڪڻ ۾ پوليس کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اها اهو ڪردار ادا ڪرڻ بدران لڳي ايئن ٿو ته انهن کي وڌائڻ جو ڪم ڪري رهي آهي. انهي کانسواءِ جيڪڏهن گهرو کاتي يا سنڌ حڪومت کي ڏسجي ته ايئن لڳندو ڄڻ ،بدامني ،قبائلي جهيڙا يا اغوا جون وارداتن انهن جي اوليت ئي ناهن يا انهن جو خاتمو انهن جي ايجنڊا ئي ناهي ،هر شعبي وانگر رڳو ڪراچي تائين انهن جي دلچسپي آهي ڇو ته اتي نالي جي قومي ميڊيا جو انهن تي دٻاءُ آهي جيڪڏهن ڪا موٽر سائيڪل جي ڦر جي به واردات ٿي تڏهن به سڀ عملدار ۽ حڪمران الرٽ ٿي ويندا پر ٻين شهرن ۾ جي قبائلي جهيڙن ۾ ٻه ٻه ماڻهو به قتل ٿي ويا يا ڪي نوجوان اغوا ٿي ويا ته انهن جي ڪنن تي جونءَ به نه سرندي .اسان اهو نه ٿا چئون ته ڪو ڪراچي جو امن اهم ناهي پر ان سان گڏ ٻين شهرن جي ماڻهن جي جان ۽ مال به اوتري اهم آهي ۽ حڪومت کي انهي لاءِ به اوتروئي سنجيده ٿيڻ گهرجي
اسان سمجهون ٿا ڪجهه مخصوص مفاد رکندڙ ڌريون انهن اغوا جي وارداتن ۽ قبائلي جهيڙن کي وڌائڻ ۾ سرگرم آهن ۽ سنڌ حڪومت ۽ پوليس به ماٺ ڪري ڄڻ ته انهن جون مددگار ٿي رهيون آهن،سنڌ جيڪو ماضي ۾ عذاب ڀوڳيو آهي هن وقت به حالتن کي ڏسي اهڙو خطرو محسوس ٿي رهيو آهي جيڪي به ڌريون پنهنجي مخصوص مفادن لاءِ سنڌ کي انهي باهه ۾ اڇلائڻ چاهين ٿيون انهي کي ٻنجو ڏيڻ سنڌ حڪومت ۽ گهرو کاتي جو ڪم آهي. جيڪڏهن هن وقت ڏوهاري وارداتن ۽ ٽولن کي اتي ئي ٻنجو نه ڏنو ويو ته پوءِ انهي باهه کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو ۽ سنڌ کي ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي جنهن جي ذميوار اول آخر اقتدار ۾ ويٺل حڪمران ۽ امن امان لاءِ مقرر ٿيل پوليس سميت سمورا ادارا هوندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *