تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

اسپتالن جو عملو ۽ غير انساني رويا!

گذريل ڏينهن ميرپورخاص ۾ جيڪو هنيانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو تنهن نه رُڳو بي حسي ۽ سنگ دليءَ جي هڪ نئين تاريخ لکي آهي پر سرڪاري اسپتالن جي رويي جي حقيقي چهري کي پڻ سامهون آندو آهي. اهو واقعو ميرپورخاص جي سول اسپتال ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن اسپتال ۾ داخل هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو. ٻارڙي جو لاش کڻائڻ لاءِ وارثن اسپتال انتظاميه کان ايمبولينس گهري ته کانئن پيٽرول جا پيسا گهريا ويا، نه هئڻ تي کين ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. هو ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي کڻائي واپس موٽي رهيا هئا ته دڳ ۾ حادثي دوران پاڻ به لاشن ۾ تبديل ٿي ويا.
اسپتالون ۽ صحت مرڪز شفا گهر سمجهيا ويندا آهن، جتي بيمار مريضن جو علاج ڪري کين شفاياب ۽ اڪثر ڪري موت جي منهن مان ڪڍي زندگيءَ ڏانهن موٽايو ويندو آهي پر سنڌ جي اسپتالن جو حال اهو آهي جو اهي زنده ماڻهن کان حياتيون کسجڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. ان کان وڌيڪ الميو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ٽيڪس جي نالي ۾ انهن ئي غريبن جو خون چوسيندڙ حڪومت وٽ موٽ ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪري پنهنجي بنيادي ذميواري ادا ڪرڻ ته پري رهيو، ماڳهين انسانيت ۽ اخلاقيات جا ليڪا به لتاڙيا وڃن. يعني ايمبولينس جي پئٽرول جا پئسا گهرڻ وقت اهو به نه ڏٺو وڃي ته اهي مسڪين ماڻهو ڪهڙي سوڳ واري ڪيفيت ۾ آهن، تن کي دلداري ڏيڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، نه ڪي هنن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺندي کين ڦرڻ. ڇا سنڌ حڪومت اهو قانون ٻڌائي سگهي ٿي، جنهن تحت غريب، مسڪين ماڻهن کي بنا ايمبولينس جي پئٽرول جا پئسا ادا ڪرڻ جي لاش کڻائي وڃڻ تي پابندي آهي؟ جي اهڙو ڪو قانون ناهي ته پوءِ هي غير قانوني ڌنڌو ڪنهن جو شروع ڪيل آهي؟ هي ڪير آهن جيڪي پنهنجي پيشي ۽ انساني قدرن کي لڄائي رهيا آهن؟ سنڌ جي اسپتالن ۾ مريضن توڙي سندن تيماردار وارثن سان بدتميزي ۽ سندن تذليل ڪرڻ ته معمول آهي، کين علاج لاءِ ڌڪا کائڻ، دربدر ڪرڻ، دوائن جي کوٽ ڄاڻائي کين ٻاهرين اسٽورن تان مهانگيون دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ، سندن عزت نفس کي مجروح ڪرڻ انهن اسپتالن جي انتظاميه توڙي عملي لاءِ نئين ڳالهه ڪانهي، پر چند پئسن خاطر ايتري نيچ پڻي جو مظاهرو به ڪا انوکي ڳالهه ڪانهي. اهڙا ڪيترائي لاش ۽ زخمي ڪڏهن رڪشائن ۾، ڪڏهن گڏهه گاڏن تي آندا ۽ نيا ويندا آهن پر ايمبولينسون پنهنجي جاءِ تان ناهن چُرنديون. بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو حوالو ڏئي سگهجي ٿو جو عالمي برادري پاران جڏهن مها ٻوڏ واري وقت ۾ عطئي طور ايمبولينسون ڏنيون ويون هيون ته انهن کي مريض کڻڻ بدران مسافر ڍوئڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ڪري هلايو ويو هو. جيتوڻيڪ ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير پاران انهيءَ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جيڪا روايتي طور معاملي جي جاچ ڪندي وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي پر ڇا ان سان انهيءَ دردناڪ واقعي کي رورس ڪري سگهبو، ڇا ان سان اهي ٻه بي گناهه حياتيون واپس اچي سگهنديون جيڪي سول اسپتال جي بي رحماڻي رويي جي ور چڙهي ويون؟ هن واقعي جو نوٽيس ڀل وٺجي پر اصل نوٽيس اسپتالن جي حالت سڌارڻ، مريضن کي علاج معالجي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ عملي جي رويي کي انسان دوست بڻائڻ لاءِ وٺڻ گهرجي، اهو الائي ڪڏهن ورتو ويندو!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *