تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي بار بڻجندڙ عمران خان !!

جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ وزارت دفاع مٿان اسان جي سيڪيورٽي اسٽيبشلمينٽ جي واضح برتري ڪا نئين ڳالھ ناهي، اهو ئي سبب آهي ته جڏهن سويلين حڪومتن جي قيادت ڪنهن وزير کي سائيڊ لائين ڪرڻ چاهيندي آهي ته ان کي  دفاع واري وزارت جو قلمدان ڏئي ڇڏيندي آهي، ۽ اهو وزير  دفاع واري وزارت هلائڻ بدران رڳو پنهنجي ئي دفاع ۾ پورو هوندو آهي!! پرڏيهي وزارت جو معاملو پاڪستان ۾ ٿورڙو مختلف آهي، ان وزارت جو واضح چهرو وزير خارجا ئي هوندو آهي پر گهڻا تڻا فيصلا اسان جي اسٽيبشليمنٽ ئي ڪندي آهي.
 عمران خان جي حڪومت ٻه سال پورا ڪري چڪي آهي، هن کي مليل آئيني مينڊيٽ تحت باقي 3 سال آهن. باخبر حلقن کي سينيٽ جي مارچ ۾ ٿيندڙ چونڊن جو انتظار آهي، اها دعويٰ ضرور ٿئي پئي ته انهن چونڊن بعد سياسي صورتحال تبديل ٿئي، پر هن وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان خود ان گمان کي هٿي ڏني آهي ته مارچ کان اڳ صورتحال ڪهڙي بيهي ٿي! ان باري ۾ سياسي منظرنامو منجهيل آهي، اها ڪنفيوزن ان ڪري به آهي ته خود ملڪ جون ٻه وڏيون حڪومت مخالف جماعتون، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي به حڪومت خلاف ڪنهن واضح جدوجهد جي باري ۾ منهجيل آهن، ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ن ليگ کي انگيج رکڻ لاءِ مختلف وقتن تي مختلف اڳواڻن سان رابطا ڪري رهي آهي، جيئن عمران خان کي وٿي ملي سگهي ۽ هن کان جيڪي غلطيون ٿيون آهن، اهي سڌاري سگهجن، پر عمران خان نه رڳو اندروني محاذ تي پر پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي به وڏيون غلطيون ڪيون آهن، نتيجي ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ڪنڊا ڪڍڻا پيا پون، خاص ڪري موجوده حالتن ۾ جڏهن، عام ماڻهو وٽ اهو تاثر مضبوط آهي ته عمران خان کي ته آندو ئي اسٽيبلشمينٽ آهي، ان ڪري اسٽيبلشمينٽ لاءِ به اهو مسئلو آهي ته جيڪڏهن عمران خان ناڪام ٿيو ته اها ناڪامي سندس هوندي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ مخالف ڌر جون جماعتون “حڪومت پاران نيب کي استعمال” ڪرڻ واري تاثر کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن، اعلي عدالتن پاران نيب جي ڪارڪردگي تي سنگين سوال اٿاريا ويا آهن، انهن سوالن خود مخالف ڌر جي راءِ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي، جنهن جو هو اظهار ڪندي رهي آهي. مخالف ڌر جو چٽو موقف آهي ته حڪومت نيب کي استعمال ڪري رهي آهي. جڏهن ته ملڪ اندر مهانگائي جو بي قابو جِن، عام ماڻهو جي زندگي ۾ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪري رهيو آهي، نتيجي ۾ موجوده حڪومت تيزي سان غيرمقبول ٿي رهي آهي، ميڊيا مٿان اڻ اعلانيل سينسرشپ، معاشي ناڪابندي جي نتيجي ۾ ملڪ اندر بيروزگار ٿيندڙ صاحِب راءِ صحافين جي وڏي اڪثريت سوشل ميڊيا ذريعي حڪومت خلاف سامهون آئي آهي، جنهن خود حڪومت خلاف راءِ عامه جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ، پنجاب ۽ پختون خوا ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندڙ شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ وارن واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، جنهن تي وفاقي حڪومت مڪمل خاموش آهي. ٻئي طرف ملڪ جي خارجا پاليسي کي به موجوده حڪومت جي انگلن جي نتيجي ۾ گهڻو نقصان پهتو آهي. پاڙيسري ملڪ ڀارت، جيڪو هندن جي وڏي اڪثريت جي باجود آئيني طور تي غير مذهبي آئين رکندڙ ملڪ هو، مودي ان جو سيڪيولر چهرو مڪمل طور تي مسخ ڪري ڇڏيو آهي، جيئن هندو شدت پسندي هندستان ۾ وڌي رهي آهي، ائين پاڪستان ۾ به مسلم شدت پسندي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر هن دفعي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ شدت پسندي ۾ اضافي جي طريقه ڪار کي مڪمل طور تبديل ڪيو آهي. ساڳي صورتحال ايران جي آهي، جڏهن ته ترڪي ۾ غير معمولي اختيار رکندڙ صدر رجب طيب اردگان سيڪيولر ڪمال اتاترڪ جهڙي لافاني شهرت چاهي ٿو، پر هو اتاترڪ جي بنيادي فلسفي جي ابتڙ ترڪي جو تشخص ترڪ اسلامي چاهي ٿو، هن جو  جهيڙو عرب آپيشاهي سان آهي، ۽ اسلامي دنيا مٿان عربن جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ هو باقي مسلم دنيا ۾ وڏو سرمايو خرچ ڪري ڊرامن ۽ ميڊيا ذريعي پنهنجي پذيرائي ڪرائي رهيو آهي. ايران ۾ اڳ ۾ ئي شيعه اسلامي حڪومت قائم آهي، جيڪا پنهنجي جوهر ۾ مڪمل طور تي شدت پسند آهي. جڏهن ته آمريڪي اڳواڻي ۾ ان مٿان پابنديون لاڳو هجڻ ڪري قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ هجڻ باجود ايران انتهائي ڪمزور معيشت کي منهن ڏئي رهيو آهي.
گذريل سال فيبروري ۾ سعودي عرب جو ولي عهد  محمد بن سلمان پاڪستان آيو هو. هن جي دوري دوران لڳ ڀڳ 16 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا هئا. سعودي عرب جي اندروني صورتحال ۽ عرب دنيا جي معاشي مفادن جو درست اندازو لڳائڻ کانسواءِ پاڪستان جي سويلين حڪومت جي سربراھ عمران خان ملڪ کي معاشي طور سگهو ڪرڻ بدران اسلامي دنيا جي ليڊر ٿيڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا. هن ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻنهي ڌرين جي مرضي کانسواءِ ٺاھ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. سعودي عرب پاڪستان جي ماضي جي خدمتن جو ڀرم رکندي خاموشي اختيار ڪئي، ۽ عمران خان جي سرگرمين جو مشاهدو ڪندو رهيو، ظاهر آهي ته ايران سان سعودي عرب جا لاڳاپا آمريڪا سان لاڳاپن سان مشروط آهن، ان ڪري اهو ڪيئن ممڪن هو ته عمران خان جي چند دورن سان هڪ ٻئي جي جاني دشمن اسلامي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي سگهن. سعودي عرب جي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري جي چند مهينن بعد هندستان پنهنجي قبضي هيٺ ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪري ڇڏي ۽ ان کي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو. سعودي عرب، جنهن وٽ اسلامي ملڪن جي تنظيم ( او آءِ سي) جون واڳون آهن، پاڪستان جي موقف جي ڪابه مدد نه ڪئي. سعودي عرب جي ان رويي اڻ سڌي ريت هندستان جي حمايت ڪئي هئي. ان وقت قومي اسيمبلي ۾ ن ليگ پاران او آءِ سي مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي هئي، خود حڪومت پاران به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. عمران خان سعودي عرب جي ان قسم جي رويي تي ناراض هو، پر هٿ ٽنگيندڙ حڪمران جي حيثيت نوازيندڙ جي آڏو ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ هڪ دفعو وري پاڪستان جي فوج سعودي ناراضگي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، ڇاڪاڻ ته عمران خان پاران اسلامي دنيا کي گڏ ڪرڻ جي سطحي ڪوششن عرب دنيا جي وڏي ملڪ کي ڪاوڙائي وڌو هو. گذريل سال اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ ۾ عمران خان سعودي عرب جو دورو ڪيو هو، هن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي گذارش ڪئي ته جيڪڏهن  هو ( ايم بي ايس ) ڪوشش ڪري صدر ٽرمپ سان ملاقات جو بندوبست ٿي سگهي ٿو، عمران خان جي اها درخواست قبول پئي، محمد بن سلمان صدر ٽرمپ جي ناٺي ڪشنر، جنهن سان هن جي ذاتي دوستي آهي، کي اها ملاقات ڪرائڻ جو چيو ۽  پنهنجو جهاز به کيس ڏنو ۽ هو پنهنجي وفد سان گڏجي سوار ٿي نيويارڪ پهتو. عمران خان جي نيويارڪ ۾ سرگرمين سعودي عرب کي ڪاوڙائي وڌو، ڇاڪاڻ ته عمران خان ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ملائيشيا جي صدر مهاتير محمد سان ملاقات ۾ هڪ عالمي سطح جو انگريزي ٽي وي چينل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. نتيجي ۾ عمران خان پنهنجي وفد سان محمد بن سلمان جي جهاز ۾ چڙهي جڏهن پاڪستان لاءِ روانو ٿيو ته آمريڪا جي ئي حدن ۾ جهاز جي پائليٽ کي چيو ويو ته جهاز واپس نيو يارڪ لاٿو وڃي. نتيجي ۾ وزيراعظم عمران خان کي  ايم بي ايس جي جهاز مان لهي ٻئي جهاز ۾ واپس ملڪ موٽڻو پيو. ان بعد ڪوالالمپور ۾ مسلم ملڪن جي ڪانفرنس ۾ عمران خان کي عين وقت تي پنهنجو پروگرام تبديل ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب مڪمل طور تي ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي شرڪت جو مخالف هو. سعودي عرب سمجهي پيو ته اها ڪانفرنس مسلمان ملڪن جو نئون فورم جوڙڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڳالھه درست به هئي. تازو پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي جي او آءِ سي جي روئي جي باري ۾ بيان سعودي عرب جي ڪاوڙ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
 پاڪستان مٿان ڌٻاءَ وڌو ويو ته هو فوري طور تي هڪ ارب ڊالر سعودي عرب کي واپس ڪري، جنهن ڪري چين کان قرض کڻي اها رقم واپس ڪئي وئي. هڪ دفعو وري سعودي عرب جون ناراضگيون ختم ڪرڻ لاءِ آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ چيف سعودي عرب وڃڻا آهن، پاڪستان جا سعودي عرب سان فوجي تعلقات سدائين  مثالي رهيا آهن. ان جي عيوض اسان جي تمام گهڻي مالي مدد به ٿيندي رهي آهي.
هن وقت سعودي عرب اندر خود حڪمران خاندان جي اندر وڏي پئماني ڇڪتاڻ موجود آهي، ان خوف موجوده سعودي بادشاهت کي مجبور ڪري وڌو آهي ته هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ حتمي فيصلا ڪري. پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ٻن اهم اڳواڻن جو سعودي عرب جو تازو دورو ضرور ڪي نتيجا ڏيندو، پر عمران خان جي ڪري پاڪستان جي فوج کي سعودي تعلقاتن جي ڪري گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
ان سڄي صورتحال جي باجود عمران خان پاڪستان ۾ ترڪي جي صدر رجب طيب ارگان جي مدد ڪري رهيو آهي، ترڪي جو ڊرامو ارطغرل ان جو وڏو مثال آهي، اهو ڊارمو اڻسڌي ريت اردگان جي پاڪستان ۾ پذيرائي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي. اڳي اها پذيرائي پاڪستان ۾ عربن کي ڏياري ويندي هئي.
 دنيا جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، يو اي اي پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ان سلسلي جي وڏي ڪڙي آهي، سعودي عرب به ان طرف وڃي رهيو آهي. اردگان جي خواهش آهي ته هو ترڪي ۾ سيڪيولر ڪمال اتاترڪ جي پذيرائي کي ختم ڪري پاڻ مذهبي اڳواڻ طور اها جاءِ والاري، اهو ئي سبب آهي ته استنبول جي ميوزيم آيا صوفيا کي مسجد جو درجو ڏنو ويو، جنهن جو نه رڳو ترڪي ۾ پر دنيا ۾ عقيدي تي سختي سان قائم رهندڙ مسلمانن تي وڏو اثر پيو آهي. پر ان فيصلي عيسائي دنيا کي به ناراض ڪري وڌو آهي. عمران خان پاڪستان ۾ رياست مدينا جو نعرو ڏئي پاڪستان جي دنيا ۾ اسلامي شدت پسند ملڪ جي تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.
خطي ۾ چين ايران لاڳاپن، ترڪي جي وڌندڙ اثر ۽ پاڪستان ۾ چين جي وڌندڙ ڪردار جي ڪري آمريڪا کي به ڳڻتي آهي. نومبر ۾ آمريڪي صدارتي چونڊن جي نتيجن جو اثر نه رڳو هن خطي تي پر خود سعودي عرب مٿان به گهڻو پوندو. صدر ٽرمپ جي ڪاميابي ۽ ناڪامي نه رڳو هن خطي پر سعودي عرب جي شاهي خاندان مٿان به گهڻو اثر انداز ٿيندي.
عمران خان پاڪستان جي اندروني حالتن جو گهرائي سان جائزو وٺڻ بدران سطحي قسم جو تجزيو ڪري فيصلا ڪيا، ۽ ان جي نتيجي ۾ نه رڳو سرڪاري مشينري پر مخالف ڌر جي جماعتن ديوار سان لڳڻ جي خوف سبب ردعمل ڏنو، نتيجي ۾ ملڪ اندر بي يقيني ۾ اضافي سبب معيشت ۽ سياسي نظام کي سخت نقصان رسيو آهي. ساڳي ريت پرڏيهي پاليسي جي نتيجي ۾ به جيترو پاڪستان کي فائدو پهچڻ گهرجي ها ان کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. دنيا ۾ اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته پرڏيهي پاليسي ڪڏهن به جذباتن جي بنيادن تي نه پر مفادن جي بنيادن تي جوڙي ويندي آهي، جيئن پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪري سگهجن. بدقسمتي سان عمران خان ان ۾ به ناڪام ويو آهي.   

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *