تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اسان ڪووڊ 19 واري جنگ ڪيئن هارائي آهي؟

انهيءَ کان اڳ جو جذباتي لڙهي ۾ وڌيڪ لڙهڻ لڳان، تقريبن ٽن مهينن کانپوءِ هن اسپيس تي لکندي (پنهنجي ڪيترين بيوسين ۽ لاچارين کي پاسي رکندي)، مان ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪي اسان جي ملڪي پيشوراڻي نااهليءَ کي پڌرو ڪن ٿيون ۽ ان امر کي به ته بطور رياست ۽ سماج اسان دنيا جي هن انوکي جنگ (ڪووڊ 19) کي ڪيتري سنجيدگيءَ سان ورتو هو/آهي.
.1 ڪورونا مريضن لاءِ جيڪي آئسوليشن وارڊ يا آءِ سي يوز جوڙيا ويا، اهي تڪڙ، بداحتياطي ۽ ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل جهول (lapses) جو شڪار نظر آيا. ڪووڊ جا اڪثر مريض آءِ سي يوز مان صحتياب ٿيڻ بجاءِ پنهنجي زندگيءَ جي جنگ هارائي چڪا آهن.
.2 سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪووڊ وارڊن ۾ وينٽيليٽر جديد ۽ اعليٰ معيار جا هئا ۽ اهو تجربو ذاتي آهي جو اسان جي فيملي ان بيماريءَ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو آهي، پر ڏٺو اهو ويو ته اتي جيڪو ٽيڪنيڪل اسٽاف مقرر هو، ان کي وينٽيليٽر آپريٽ (استعمال) ڪرڻ به نه پئي آيا.
.3 بهترين سيٽ اپ وارن آءِ سي يوز ۾ موت جي شرح 10 کان 20 سيڪڙو رهي، پر سرڪاري سسٽم هيٺ هلندڙ سيٽ اپس ۾ موت جي شرح وڌيڪ ٿي آهي. چيو وڃي ٿو ته، جي اسان جي ٽيڪنيڪل عملي ۾ اها پيشوراڻي صلاحيت هجي ها ته موت جي اها شرح گهٽجي پئي سگهي.
.4 اسان جي هڪ ماهر ڊاڪٽر، جنهن کي اهڙي سرڪاري آءِ سي يو جو تجربو ٿيو، جي موجب (الف) 16 بسترن واري هڪڙي سرڪاري ماتحت آءِ سي يو وارڊ ۾ رات واري شفٽ ۾ 3 کان 4 نرسنگ اسٽاف مقرر هو جيڪو پيشوراڻي حساب تحت اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. هجڻ ته ايئن کپندو هو/آهي ته هر مريض لاءِ هڪ (ميل/ فيميل) نرس اسٽاف 24 ڪلاڪ مقرر هجي. ويندي انتهائي مهارت حاصل عملو هجڻ باوجود سرڪاري اسپتالن جي محدود بجيٽ ۽ گنجائش کي نظر ۾ رکندي جي هر مريض لاءِ نه ته ٻن يا ٽن مريضن لاءِ نرس اسٽاف موجود هجڻ گهرجي سو به ضروري فني صلاحيتن وارو. ان جي جاءِ تي 16 بسترن (جن مان ڪو به خالي نه هجي) تي 3 يا 4 نرس اسٽاف ۽ هڪ ڊاڪٽر ڪورونا جهڙي خطرناڪ مريض جي ڪهڙي سارسنڀال ڪري سگهندا؟
.5 ڪووڊ آءِ سي يو ۾ موجود ڊيوٽي ڊاڪٽر (جيڪيPG هجن ٿا) ڪنهن به صورت ۾ اهي سي پي آر(Cardiopulmonary resuscitation)، انٽبيوشن، اي بي جيز (Blood gases test)، ايڪسري ۽ وينٽيليٽر جي سيٽنگس کان واقف هجن ۽ ان ۾ چڱي مهارت رکندڙ هجن؛ يا گهٽ ۾ گهٽ آن ڪال ڪنسلٽنٽس سان انهن شين متعلق هنگامي بنيادن تي ڳالهائي سگهن ۽ ان پٽاندڙ مريض جي علاج ۾ اپ ڊيٽس (تبديليون) آڻي سگهن.
.6 جيڪي جونيئر ڊاڪٽر آءِ سي يو وارڊن ۾ مقرر ٿيل آهن، اهي گهربل فني مهارت کان اڻ ڄاڻ آهن ڇو ته هڪ ته ڪووڊ جي بيماري نئين هئي. پر پنجاب ڏهه هزار عملي کي انٽرنيشنل ٽرينرز (سکيا ڏيندڙ ماهرن) کان ضروري ٽيڪنيڪل مهارت سان پُر ڪري صوبي جي مختلف ڪووڊ مرڪزن ۾ موڪليو آهي پر سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ سنجيدگيءَ کان وانجهيل نظر آئي آهي. ماڻهن جي زندگي ۽ موت وارن مامرن تي به وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ جيڪا اعصابي جنگ واري ڪيفيت ڏٺي وئي، اها هن حساس مامري تي مشڪريءَ کانسوا ڪجهه نه هئي.
.7هر آءِ سي يو جي هر شفٽ ۾ ڪنسلٽنٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽر جي موجودگيءَ کي يقيني بنائڻو هو پر ان ڏس ۾ وفاقي توڻي صوبائي حڪومت نه سنجيده نظر آئي ۽ نه انهن ڪي خاطرخواه قدم کنيا.
.8اسان جو ڀاءُ 14 کان 15 ڏينهن ٽراما سينٽر ڪراچيءَ ۾ داخل هو… انهن 15 ڏهاڙن ۾ هڪڙو بريٿنگ سرڪٽ، هڪڙو ايڇ ايم اِي فلٽر، ساڳيو اين آءِ وي ماسڪ لڳل هئا، جن سبب انفيڪشن جو خطرو لاحق هوندو آهي. ماسڪ فٽنگ جو صحيح نه هجڻ ۽ اهو (ماسڪ) 14 ڏينهن تائين تبديل نه ڪرڻ پڻ مريض لاءِ هاڃيڪار هجي ٿو HME فلٽر 24 ڪلاڪن يا وڌ ۾ وڌ 48 ڪلاڪن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت هجي ٿي جڏهن ته ماسڪ ۽ بريٿنگ سرڪٽ 5 کان 7 ڏينهن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت هجي ٿي.
9.بايوميڊيڪل انجنيئرن جي پڻ ضرورت هجي ٿي جيڪي طبي اوزارن جي گهربل چڪاس ڪري سگهن ۽ ان قسم جو گهربل طبي سامان هر اسپتال ۾ هر وقت موجود هجڻ گهرجي.
10.آءِ سي يوز ۾ نيوٽريشن جو مناسب بندوبست نه ڏٺو ويو. ڪووڊ جي مريض لاءِ نيوٽريشنل سپورٽ انتهائي اهم هوندي آهي ته جيئن مريض جو اميون سسٽم (قوتِ مدافعت) مضبوط ٿي سگهي. نيوٽريشن ماهر ڪووڊ وارڊن ۾ هجڻ گهرجي. ان کان علاوه فزيوٿراپسٽ ۽ خاص ڪري ريسپرئٽري ٿراپسٽ جي ڪووڊ مريضن کي وڌيڪ ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي.
اهي پاسا ته پروفيشنل ۽ فني نوعيت جا هئا جيڪي هڪ ماهر ڊاڪٽر (جيڪو هن سڄي سانحي ۾ اسان سان گڏ هو) جا هئا ۽ هن ئي اهي تجويزون ڏنيون آهن ۽ جيڪي جهول (lapses) هن مشاهدي ۾ آندا، انهن کان پڻ آگاهه ڪيو. پر جيڪي عام نوعيت وارا پاسا آهن، اهي به انتهائي اهم آهن جيڪي اسان وٽ بلڪل نظرانداز ڪيا ويا آهن. سڀ کان اهم اهو ته رڳو ڪووڊ مريض نه پر هر مريض Compassion چاهيندو آهي. اهو دنيا ۾ هر مريض چاهيندو آهي. مان، هن ڪالم ۾ پنهنجي سمورين جذباتي شين کي هڪ پاسي رکندي چوان ٿو ته، ڪووڊ جي مريضن سان اسان جي اسپتالن ۾ موجود عملي طرفان جنهن Compassionجي ضرورت هئي، جي بيحد کوٽ ڏٺي وئي. ڪووڊ جي مريضن کي باقي مريضن کان وڌيڪ ڪيئر (سارسنڀال) جي ضرورت هوندي آهي. ان کي همدردي ۽ شفقت ڀريل روين جي ضرورت هوندي آهي. ان کي انٽرٽين ڪرڻ (وندرائڻ) جي ضرورت هوندي آهي. حال اهو هو ته ويچارا مريض اڃ بک لاءِ دانهون ڪندي ڏٺا ويا. بيڊ شيٽ، ڊائپر وغيره تبديل ڪرڻ سميت هر مامري ۾ روايتي لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڏٺو ويو. ڪو مريض اگر شگر جو اڳ ئي مريض آهي ۽ اوچتو هن جي شگر سطح ڊراپ ٿئي ٿي، يا وڌي ٿي ته، ان کي فوري ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عملو موجود ناهي يا آهي ته مانيٽرنگ مان اهي شيون مس آهن (يا اهو چيڪ ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي). ڪو مريض بلڊ پريشر جو مريض آهي ۽ هر وقت مختلف مرحلن مان گذرڻ سبب پنهنجي بي پيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ کان قاصر آهي ته، ان لاءِ عملي کي به هر وقت چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. ان قسم جي ايماندار پروفيشنل ايمرجنسي اسان وٽ نظر نه آئي. نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جسنڊا آرڊرن پنهنجي ملڪ کي ڪورونا کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هاڻ جڏهن اتي ٻيهر ڪيس سامهون آيا ته اتي عام چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. اها ٿيندي آهي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ واري سنجيدگي. اسان جي سنجيدگيءَ جو عالم اهو آهي ته پرڏيهي وزير جي رڳو هڪ بيان، جيڪو مقدس شيخن کي برو لڳو، اسان جي رياست جا پيل پاوا ئي لڏي ويا. پر هي جيڪي ماڻهو مرن پيا، اهي ڪهڙي کاتي ۾ وڃڻا آهن؟ ويٽنام جهڙي ننڍڙي ملڪ ۾ هن وقت تائين اڃان هڪ به ڪورونا مريض مئو ناهي. اها ٿيندي آهي وبا سان جنگ وڙهڻ جي فني حڪمت عملي ۽ حوصلي جي جنگ. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي ته، اسڪاٽ لينڊ ڄائو برطانوي پائلٽ اسٽيفن ڪيمران جڏهن ڪميونسٽ غريب ملڪ ويٽنام ۾لينڊ ڪيو ته، هو ڪورونا پازيٽو قرار ڏنو ويو. کيس هوچي منهه سٽيءَ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ رکيو ويو جتي ويٽنامي اختيارين کيس ملڪ جو سڀ کان نازڪ ترين ڪورونا مريض ڊڪليئر ڪيو. هن جي ڦڦڙن مشڪل سان ڏھه سيڪڙو ڪم پئي ڪيو. هو اڍائي مهينا، يعني پورا 10 هفتا، وينٽيليٽر تي هو جڏهن ته پورا 4 مهينا ساڳي اسپتال ۾ زير علاج رهيو. ويٽنامي ڊاڪٽر غيرملڪي شهريءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ موت سان وڙهندا رهيا ۽ نيٺ 4 مهينن کانپوءِ (ڏهه جولاءِ) مڪمل صحتياب ٿيڻ تي کيس برطانيا روانو ڪيو ويو. غور ڪريو 10 هفتا وينٽيلٽر تي ۽ 4 مهينا ڪورونا سان اسپتال ۾ وڙهڻ باوجود ڊاڪٽر هن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويا. ان تي ويٽنامي ڊاڪٽرن کي سلام پيش ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. ياد رهي ته ويٽنام ائٽمي طاقت ناهي ۽ نه دنيا جي ڇهين وڏي فوج جي هام هڻندڙ آهي. بي انتها حساس نوعيت جي هن مامري تي، جيڪو زندگي ۽ موت سان لاڳاپيل هو/آهي، اسان ايتري بي حيائيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. جيڪو مورٽلٽي ريشو (موت جو تعداد) سرڪاري سطح تي ڏيکاريو پيو وڃي، ان کان ڏهوڻ تي وڌيڪ آهي. اهو تعداد ظاهر آهي ته اهو آهي، جيڪو سرڪاري/غيرسرڪاري اسپتالن ۾ رڪارڊ/رجسٽرڊ ٿيو آهي ۽ سرڪاري سطح تي ٻڌايو پيو وڃي. پر جيڪا خدا جي خلق اسپتالن تائين نه پهتي ۽ ان پنهنجا پيارا وڃايا آهن، اهو تعداد تمام وڏو آهي جنهن جي ڊيٽا گڏ ٿيڻ گهرجي. ڪهاڻيون جيڪي ڪووڊ 19 جون ترتيب ڏئي سگهجن ٿيون، اهي پويان اهڙا هاڃا ڇڏي ويون آهن، جن جو خال شايد ڀرجي نه سگهي ۽ نه وسري سگهي. هي انفرادي هاڃا به هئا ته اجتماعي هاڃا به هئا/آهن. ذاتي طور مون کي ڪن اهڙن گهراڻن جي به خبر آهي جن مان هڪ گهر جا 5 کان 6 ڀاتي به ڪورونا جي هاڃي جو شڪار ٿيا آهن. اسان ماڻهن جي زندگين جي ڪيتري پرواهه ڪيون ٿا، هنن جي صحت کي ڪيترو سنجيده وٺون ٿا، رياستي ۽ سماجي سطح تي، ان ۾ ڪيترا ننڍڙا ثابت ٿيا آهيون، ان جو بيان انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ اذيت ڏيندڙ آهي. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *