تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

آپگهات جي واقعن جا ڇرڪائيندڙ انگ اکر

سنڌ ۾ گذريل ڪجهه عرصي دوران آپگهات جي واقعن ۾ جيڪا تيزي آئي آهي تنهن پوري سماج ۾ ڳڻتي جي هڪ خوفناڪ لهر کي اڀاري ڇڏيو آهي، پر حڪومتي سطح تي ان جو ادراڪ نظر ئي نٿو اچي. بک بدحالي، غربت، بيروزگاري ۽ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ ۾ ورتل سنڌ اندر آپگهات جي واقعن جو رجحان تيزي سان وڌيو آهي. پريشانين ۾ مبتلا عوام لاءِ خودڪشي ڄڻ ڪو وڏو سهارو ٿي پئي آهي. ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران سنڌ ۾ 69 عورتن 17 ٻارن سميت خودڪشين جا ڪُل 303 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 43 عورتن ۽ 9 ٻارن ۽ 99 مردن سميت خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندڙ مجموعي طور 151 ماڻهن کي بچايو ويو.
پنهنجي اخبار کي مليل انگن اکرن موجب هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران سنڌ ۾ خودڪشين جا سڀ کان وڌيڪ واقعا عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ 38 ۽ 26 رپورٽ ٿيا جتي آپگهات ڪندڙن ۾ اڪثريت عورتن جي آهي. آپگهات جي واقعن ۾ بدين ضلعو ٽئين نمبر تي آهي جتي گڏيل طور 20 ماڻهن آپگهات ڪيو، جن ۾ 14 مرد ۽ 6 عورتون شامل آهن. جڏهن ته خيرپور، دادو، ڪراچي، لاڙڪاڻو ترتيبوار چوٿين، پنجين، ڇهين ۽  ستين نمبر تي آهن جتي خيرپور ۾ 19، دادو 18، ڪراچي 17 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 16 خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن آپگهات جي واقعن ۾ نوشهروفروز ۽ سانگهڙ ضلعن جو اٺون نمبر آهي جتي 14-14 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ميرپور خاص 12  قمبر-شهدادڪوٽ 11 واقعن سان نائين ۽ ڏهين نمبر تي آهن. ٻي طرف ڪشمور ۽ ڄامشورو ۾ 9-9 سکر، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 8-8 حيدرآباد، ٺٺو، جيڪب آباد ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ 7-7 جڏهن گهوٽڪيءَ ۾ 6 ۽ شڪارپور ۾ خودڪشيءَ 5 واقعا اخبارن جي زينت بڻيا آهن.
آپگهات جا سڀ کان گهٽ واقعا سجاول ضلعي مان 3 رپورٽ ٿيا. خودڪشين جي وڌندڙ واقعن جا مک سبب غربت ۽ بيروزگاري آهن، جيڪي سڀني ضلعن ۾ ساڳيا آهن جنهن جو تازو مثال مارچ جي آخري هفتي کان شروع ڪيل حڪومتي لاڪ ڊائون جي ٽن مهينن دوران آپگهات جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو جنهن ۾ اپريل، مئي ۽ جون تائين 5 عورتن سميت 34 پورهيتن پاران لاڪ ڊائون ۾ بيروزگاري سبب آپگهات ڪيو ويو. صحت جي عالمي اداري موجب دنيا ۾ آپگهات جي واقعن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي. جڏهن پاڪستان ۾ خودڪشيءَ جا واقعاسنڌ ۾ وڌي رهيا آهن.پنجن سالن دوران خوشخال سنڌ ۾ خودڪشين جا 1300 واقعا رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته هلندڙ سال جي صرف 6 مهينن دوران آپگهات واقعن جو انگ 303 تي پهتل آهي موجوده واقعن جي رفتار کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته آپگهات واقعن ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. جڏهن ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن جي خودڪشي جا واقعي ڏسي انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ان صورتحال ۾ سنڌ جي گهڻ گهرن کي سمجهڻ گهرجي ته ته معاشرو نارمل حالت ۾ ناهي. سنڌ ۾ خاص طور ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين ضلعن ۾ غربت، بيروزگاري، تيزيءَ سان وڌندڙ خودڪشين جا واقعا سنڌ لاءِ هاڻي ڪا نئين ڳالهه نه رهيا آهن. اهي واقعا سنڌ جي حڪمران طبقي لاءِ ڄڻ ته معمول جو حصو ٿي ويا آهن. اڪثر ڪري آپگهات جي واقعن کي انفرادي فعل سمجهي نظرانداز ڪيو ويندو آهي پر ان جي سببن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي آهي. بظاهر ته آپگهات جو رجحان سماجي حالتن جي پس منظر ۾ ذهني ۽ نفسياتي مونجهارن جو نتيجو هوندو آهي.
اخبار لاءِ اسٽوري ڪرڻ وقت مون جڏهن ملڪ جي نفسياتي ماهرن ڊاڪٽر واشديو ۽ ڊاڪٽر عبدالحليم کوسو کان موقف معلوم ڪيو ته سندن چوڻ هو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ذهني دٻاءُ جو شڪار ماڻهن کي آٿت ڏيڻ سان گڏ انهن کي نرم لهجي ۾ سمجهائي حالتن جو مقابلو ڪرڻ بابت آگاهي ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. هي اهو معاملو آهي جيڪو سنڌ جي ٻين مسئلن جي هيٺان دٻيل آهي جنهن جو نه ته سرڪاري سطح تي ڪو نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ نه ئي سماجي سطح تي ان کي سنجيده سمجهيو وڃي ٿو پر سنڌ ۾ خاموشيءَ سان رسيون يا روا ڳچي ۾ وجهي وڻ سان لڙڪندڙ لاشن جو انگ روز بروز تيزيءَ سان وڌندو وڃي ٿو. گڏ ڪيل انگ اکرن موجب سال جي پهرين مهيني جنوري ۾ خودڪشين جا ڪل 38 واقعا رپورٽ ٿيا، جنهن ۾ 6 عورتون 32 مرد شامل آهن. فيبروري ۾ 12 عورتن 32 مردن سميت 44 واقعا ميڊيا ۾ آيا. مارچ ۾ ڪل 31 واقعا ٿيا جنهن ۾ 14 عورتون 17 مرد شامل آهن. چوٿين مهيني اپريل ۾ آپگهات جا 41 واقعا ٿيا جنهن ۾ 12 عورتون ۽ 29 مرد شامل هئا. پنجين مهيني مئي ۾ 29 عورتن ۽ 40 مردن سميت خودڪشين جا ڪل 69 واقعا رپورٽ ٿيا. جڏهن ته هلندڙ سال جي ڇهين مهيني جون ۾ خودڪشين جا 80 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. بظاهر ته آپگهات جا سبب انتهائي معمولي هوندا آهن، جنهن ۾ ڪنهن ٻار پاران ڪا فرمائش پوري نه ٿيڻ، عشق يا شادي ۾ ناڪامي، گهرو جهيڙا، معاشي تنگي يا مسلسل بيروزگاري پر انهن جي پويان ذهني پيڙا جو هڪ پورو سفر هوندو آهي. تنهنڪري حڪومت سان گڏ سماجي ڌرين، پڙهيل لکيل طبقن کي اڳتي وڌي هن مسئلي بابت بحث جي شروعات ڪرڻ گهرجي، آپگهات جي سببن تي ڳالهائي ۽ اهڙن واقعن کي گهٽائڻ لاءِ ڪو حل تجويز ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *