تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

آپشن ۾ ڦاٿل ڪراچي ۽ ڌرتيءَ جي وارثيءَ جو سوال

جيئن ماڻهو يا مال جو ڌڻ ڪڏهن ڪڏهن ننڌڻڪو ٿيندو آهي تيئن ئي ڪي تاريخي وطن به اهڙا ننڌڻڪا بڻجي پوندا آهن جو وطن فروشن جي عالمي منڊي ۾ جڏهن انهن جو واڪ لڳندو آهي ته ڪو ڌرتي ڌڻي باقي زنده سلامت نه بچندو آهي جيڪو هٿ مٿي کڻي ان نيلامي کي روڪي ۽ سيني تي هٿ هڻي تاريخ جو وهڪرو ڦيرائي وجهي ته هي منهنجي ڌرتي آهي ان سان هٿ چراند ڪيئن ڪرڻ ڏيندس.اهڙو احساس ان وقت ٿئي ٿو جڏهن وفاق جو عدالتي نمائندو اٽارني جنرل ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت ۾ بيهي ڪراچي جي گٽر نالن جي صفائي واري شنوائي تي چوي ٿو ته وفاق وٽ ڪراچي بابت ڪيترائي آپشن غور هيٺ آهن جن مٿان جلد عمل ڪيو ويندو. جنهنڪري ڪيترن ئي ماڻهن سوشل ميڊيا تي مٿس ٽوڪ ڪئي ته “گٽر ڪا تو بهانا هئي..آپ ڪا مسئله پرانا هي..ڪراچي په قبضه جمانا هي.” اٽارني جنرل جو ته ڪم آهي عدالتن ۾ وفاق جي قانوني نمائندگي ڪرڻ سو ان سياسي انداز سان ڪئي پر جج صاحب جنهن طنز مان ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي کي ته هنن ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي سا طنز ڪجهه ماڻهن کي ئي سمجهه ۾ آئي ۽ شايد تڏهن ئي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن جيڪي ڳوٺاڻي پسمنظر مان آيل آهن تن پنهنجي پنهنجي سوشل ميڊيا وال تي اهو لکڻ شروع ڪيو ته ها مان ڳوٺاڻي يا ڳوٺاڻو آهيان بهتر تعليم يافتا آهيان پنهنجي پروفيشن ۾ مٿڀري پوزيشن تي آهيان ۽ مونکي ڳوٺاڻو هجڻ تي ڪا به شرمندگي ناهي. ڳوٺاڻو هجڻ يا پنجابي زبان ۾ پينڊو هجڻ کي شهري ماڻهو گهٽ عقل ۽ گهٽ صلاحيتن وارو سمجهندا آهن شايد تڏهن ئي اڳوڻي آمر جنرل مشرف به ساڳئي لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو هو توهان سنڌين ۾ ڪو اهڙو اهل ماڻهو ئي ناهي جنهن کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪجي.هاڻي ڪو وڃي کيس سندس پرائيويٽ ڊانسنگ ڪلب ۾ ياد ڏياري ته سنڌي اهل ٿي ويا آهن ۽ نه رڳو پوليس ۾ پر هاڻي فوج ۾ به اهي جنرل ٿي رهيا آهن.پر ڳالهه صرف اهليت جي يا ڳوٺاڻي هئڻ جي ناهي ڪراچي جي اڪثر اردو آبادي سنڌي يا قومپرست سنڌي ته پري جي ڳالهه خود وفاق جي نمائندگي ڪندڙ پيپلزپارٽي مان ايتري بيزار آهي جو انهن تاريخ ۾ ڪڏهن به پيپلزپارٽي کي اڪثريتي ووٽ ڏئي ڪراچي مان ڪامياب ناهي ڪرايو.اسي نوي واري ڏهاڪي ۾ آيل لساني جماعتن کان اڳ هو مذهبي جماعتن کي ووٽ ڏيندا هئا پر پيپلزپارٽي کي نه ڏيندا هئا.اهو منطق سمجهڻ لاءِ مون پيپلزپارٽي جي هڪ سينيئر اڳواڻ کان پڇيو هو ته ايئن ڇو آهي جو ڪراچي جا اردو ڳالهائيندڙ توهان کي ووٽ نٿا ڏين حالانڪه توهان سندن نمائندگي خاطر پارٽي جي عهدن کان ويندي حڪومتي عهدا به ڏيندا رهيا آهيو ته هن ڪجهه غور ڪرڻ بعد چيو هو مون ان تي ڪڏهن سوچيو ناهي پر اها حقيقت آهي ته مهاجرن جي اڪثريت پيپلزپارٽي کي ووٽ ناهي ڪندي.سو ان ئي آبادي مان ڪراچي تي وفاقي قبضي لاءِ هاڻي جڏهن هڪ تاجر تيلي ٻاري بيٺو آهي ته ٻين به سندس سر ۾ سر ملائڻ شروع ڪيو آهي.پاڪستان جي آمريت جي تاريخ ۾ توهانکي پهريان تاجر ريڊ ڪارپيٽ وڇائيندي نظر ايندا بعد ۾ عدليا انهن جي قانوني جوازن جي پروانن سان آجيان ڪندي ملندي تنهنڪري ان ڳٺ جوڙ جي نئين رليز ٿيل منصوبي تي ڪو اچرج نه ڪرڻ گهرجي پر سياستدانن کي سوچڻ گهرجي ته اهو منصوبو ناڪام ڪيئن ڪرڻ گهرجي.. اٽارني جنرل جي اشارن ۾ ڪيل ڳالهين کي سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽرن ڏاڍي وضاحت سان بيان ڪيو ته لڳي ٿو ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي آهي.سينيٽرن جا اهڙا بيان ٻڌي منهنجي هڪ خاموش خدمتگار دوست چيو هن ڀيري ٿيلهي مان ٻلي اڪيلي سر ڪونه نڪرندي پر ٻيا ٻلا به ساڻس گڏ هوندا.
هاڻي جڏهن ڪراچي تي وفاقي قبضي جون ڳالهيون اقتداري ايوانن ۾ سرعام ٿيڻ لڳيون آهن ته لڳي ٿو اهو اسٽيج تيار ڪيو پيو وڃي جنهن اسٽيج سجائڻ لاءِ نفسياتي حربا ڪيترن ئي سالن کان هلايا پئي ويا.عمران خان جي وفاقي حڪومت جي ڪراچي واري قبضي جي مهم سان جتي ٻيا ڪيترائي نقصان ٿيندا اتي ئي ان قدم سان سندس ٻن سياسي مخالفن کي ڀرپور سياسي فائدو پهچندو هڪ ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ٻيو پيپلزپارٽي. ٻنهي جماعتن جو پنهنجو پنهنجو ووٽ بئنڪ مضبوط ٿيندو.اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي هڪ ڀيرو ٻيهر احساس جاڳي پوندو ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائي سگهجي ٿو.ڪراچي جي اقتدار ۽ اختيارين مٿان سنڌي وزيرن جو قبضو ختم ٿي سگهي ٿو. اهڙو احساس ڪراچي جي مهاجر نوجوانن ۾ هاڻي کان ئي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ڀري رهيا آهن ته جنهن مطالبي جي مڃرائڻ لاءِ لنڊن واري بندش پيل ڀائي ٽيهه سال لڳائي مهاجرن جا ٽي نسل تباهه ڪيا ۽ هزارين مهاجر نوجوان بيدردي سان قتل ڪرايا اگر اهو ساڳيو مطالبو بنا ڪنهن رتوڇاڻ يا بنا ڪنهن جلسن جلوسن ۽ سياسي تحريڪن جي کين عدالتي ۽ وفاقي ادارن پاران پليٽ ۾ رکي گهر ويٺي هوم ڊليوري ٿي وڃي ته بهتر ناهي.اها ڳالهه ڪراچي جي مهاجر نوجوان کي وڌيڪ پرڪشش لڳي ٿي ۽ فيصل واوڊا جهڙا وائڙا وزير عمران خان کي اهو خواب ڏيکارين ٿا ته مهاجرن جو اهو ديرينا مطالبو ڪهڙي به نالي ۾ منظور ٿيڻ بعد ڪراچي جا سمورا ووٽ عمران خان جي نالي هوندا ۽ سمورا نوجوان ڏينهن رات ڪپتان ڪپتان ڪندا وتندا. عمران خان جي وفاقي حڪومت پاران ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش واري خودڪش بمبار جهڙي فيصلي سان ٻيو وڏو فائدو سندس ان سياسي مخالف جماعت يعني پيپلزپارٽي کي ٿيندو جنهن جي بدتر اقتدار مان خود سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ناخوش آهي پر عمران خان جي اهڙي فيصلي سبب اهي سمورا سوچيندڙ ماڻهو جيڪي پيپلزپارٽي جي انداز حڪمراني مان ناخوش آهن سي مجبورن پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏيندا. ان جو ننڍڙو مثال اياز لطيف پليجي جو اهو ٽوئيٽ آهي جيڪو هن ڪراچي تي قبضي جي وفاقي ڪوشش تي لکيو آهي ته پيپلزپارٽي سان سوين سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ڪراچي تي قبضي جي اجازت نه ڏبي.اهو ته اياز لطيف جو ٽوئيٽ آهي پر جڏهن ڳالهه سنگين ٿي وئي ۽ سنڌي ماڻهن ۾ اهو احساس وڌي ويو ته وفاق ڪراچي تي قبضو ڪري زيادتي ڪئي آهي ته خود پي ٽي آءِ جي ڪيمپ ۾ ويهاريل ڪيترائي سنڌي سياستدان اهڙا بيان جاري ڪري سگهن ٿا.جنهنڪري پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر مظلوم ٿي ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌي ماڻهن سامهون لهندي ته ڏسو وفاق ڪيتري زيادتي ڪئي آهي اسان کي ووٽ ڏيو ته ڪراچي واپس وٺون. رهي ڳالهه قومپرست جماعتن جي ته اهي ويچارا پنهنجو سر بچائڻ ۾ پورا آهن ڇو ته قومي ڌارا ۾ اچڻ جي باوجود انهن مٿان مالڪ اعتبار نٿا ڪن ۽ کين بار بار کنڀي کڻي ٿا وڃن. سياسي تحرڪ واري زماني ۾قومپرست سياست سنڌ اندر مختلف مسئلن تي ڪڏهن ڪڏهن پيپلزپارٽي کان به وڌيڪ اسٽريٽ پاور رکندي هئي پر ملڪ جي اصل مالڪن هاڻي اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته سنڌ ۾ ڪا به قومپرست سياست ڪنهن به سطح جي هجي ان جي اجازت نه ڏبي شايد تڏهن ئي ساگر ڏهراج جهڙي سينيئر سياسي ورڪر مٿان صرف انڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ته هن پنهنجي شهر ۾ شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه ملهائي هئي. سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن ۾ جبر ۽ حراس جي ڪيفيت ان انتها تي پهتل آهي جو ڪا به ويگو اسٽائيل واري گاڏي اگر انهن جي ڀرسان بيهي ٿي ته هو هڪٻئي جو منهن ڏسڻ لڳن ٿا ته خبرناهي هاڻي ڪنهنکي کڻندا.سو اهڙي حراس واري ڪيفيت مان گذرندڙ ڪارڪن ۽ ڇڙوڇڙ جماعتون ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ واري تحريڪ ۾ ڪيترو پاڻ نڀائينديون سو بهتر اندازو لڳائي سگهجي ٿو.هي نتيجو آهي انهن نفسياتي حملن جو جيڪي ڪراچي تي قبضي واري عملي قدم کان اڳ ڪيا ويا نه ته ڪجهه سال اڳ تائين سمورا ماڻهو ٻين قومپرست جماعتن کي به صلاح ڏيندا هئا ته توهان به بشير خان قريشي جيان ڪراچي کي پنهنجو مرڪز بڻايو ۽ ڪراچي جي سياست ۾ اسٽيڪ هولڊر ٿيو .پر انهن مان ڪنهن به اهڙي صلاح تي عمل نه ڪيو ڇو ته شايد کين خبر هئي ته ڪراچي ۾ قومپرست سياسي جماعت کي اسٽيڪ هولڊر بنائڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا.وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي سان فائدو ته پيپلزپارٽي کي ٿيندو پر جدوجهد يعني عملي جدوجهد ۾ وري به ڪجهه سر ڦريا سنڌپرست هوندا ڇو ته انهن ئي اڳ ۾ به ميدان ملهايو آهي ۽ شايد هاڻي به ملهائين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *