تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

آفيسون نه صرف آفيسر گھرجن!!؟

گذريل عام چونڊن کي ٻه سال گذرڻ بعد نيٺ پ پ سجاول جي قيادت فيصلو ڪري ورتو آھي ته ھفتي جا ٽي ڏينھن سومر کان اربع تائين پ پ ضلعي آفيس ۾ ويھي عام ماڻھن جا مسئلا ٻڌا ويندا ۽ حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، اڳواڻن جي اھڙي اعلان بعد جڏھن ايم پي اي ھير سوھو ھڪ ڏينھن اچي سجاول واري آفيس تي ويٺي ۽ ھن ايس پي ۽ ڊي سي سان ملاقات به ڪئي، ان بعد جڏھن ساڻس ڳالھه ٻولھه ٿي ته ھن چٽي ريت اھو اعتراف ڪيو ته سجاول جي ايم پي ايز سميت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۾ اختلاف ھجڻ ڪري اسان سجاول ضلعي لاءِ ڪو ميگا پراجيڪٽ نه وٺي سگھيا آھيون. جڏھن پ پ اڳواڻن ۾ اندروني اختلافن جو سبب ڄاڻڻ لاءِ مختلف اڳواڻن ۽ عام ڪارڪنن توڙي شھرين سان ڪچھريون ڪجن ٿيون ته پتو پوي ٿو ته اڳواڻن ۾ اختلافن جو ٻيو ڪو اھم سبب ناھي، ڪارڻ صرف اھو آھي ته پ پ جا اڳواڻ ضلعي اندر پنھنجا من پسند ڪامورا مقرر ڪرڻ چاھين ٿا ۽ ان تان ئي سندن وچ ۾ اختلاف ۽ اڻبڻت ھلندڙ آھي.
اھڙي صوتحال جي تصديق ھير سوھو جي ان ڳالھه مان به ٿئي ٿي جو ھن اھو پڻ اقرار ڪيو ته جڏھن به سجاول جا پ پ اڳواڻ وڏي وزير توڙي پارٽي جي ٻي قيادت سان ملڻ وڃن ٿا تڏھن ضلعي جي بھتري لاءِ ڳالھه ٻولھه ڪرڻ بدران صرف ھڪٻئي جون شڪايتون ڪندا رهن ٿا. مختلف وقتن تي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جو جائزو وٺڻ بعد پڻ اھا ڳالھه صاف نظر اچي ٿي ته ڪيئي ڀيرا محمد علي ملڪاڻي، ريحانا لغاري ۽ ٻين اڳواڻن صوبائي قيادت وٽ وڃي دانھيو آھي ته ضلعي جا مک آفيسر شيرازين جي مرضي سان مقرر ڪيل آھن جيڪي شيرازين کانسواءِ ٻين پ پ اڳواڻن کي لفٽ ئي نه ٿا ڪرائين ان ڪري کين بدلي ڪيو وڃي.
ھاڻي ھڪ نظر ضلعي جي صورتحال تي وجھبي ته اھا ڳالھه چٽي ٿي سامهون اچي ٿي ته سال 2013ع ۾ سجاول کي ضلعي جو درجو ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ھو جنھن کي خير سان 7 سال ٿيا آھن، انھن ست سالن دوران ضلعي جي ڪا ھڪ به نئين آفيس نه ٺھي سگھي آھي، ضلعي آفيسون نه ھجڻ ڪري اڳوڻي ايس ڊي ايم جي آفيس کي ڊي سي آفيس بڻايو ويو آھي، ٿاڻي جي نئين عمارت کي ايس پي آفيس ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، ايگريڪلچر کاتي جي آفيس ضلعي ڪائونسل کي ڏني وئي آھي، سول اسپتال جي ھڪ حصي کي ڊي ايڇ او آفيس بڻايو ويو آھي ۽ مختيارڪار آفيس جي عمارت ۾ 8 مختلف آفيسون قائم ڪيون ويون آھن ۽ باقي سمورا ضلعي آفيسر يا ته پراڻي تعلقي آفيسن ۾ ويھي ڪار وھنوار ھلائي رھيا آھن يا ته مسواڙ تي جايون وٺي انھن ۾ پنھنجون آفيسون قائم ڪري ويٺل آھن. اھڙي صوتحال ۾ جتي آفيسرن لاءِ آفيسون ۽ سرڪاري رھائشگاھون نه ھجن، ڪھڙو آفيسر ھن ضلعي ۾ رھي ڪم ڪرڻ چاھيندو؟ ڪيترن ئي کاتن جا ضلعي آفيسر سجاول ۾ مقرري جو آرڊر ملڻ بعد اثر رسوخ استعمال ڪري ٻين ھنڌن ڏانھن بدلي ڪرائي ھليا وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ ھن ضلعي جي 8 لک جي لڳ ڀڳ عوام مختلف سرڪاري ڪمن ڪارين لاءِ اڄ به ٺٽي ۽ حيدرآباد جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھي.
سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ھتان جي ھڪ جھوني سياسي ڪاڪن ڪچھري ۾ ٻڌايو ته لڳي ٿو ته سجاول ضلعي جي سياسي اڳواڻن کي ان ڳالھه سان ڪو غرض ڪونھي ته 7 سال گذرڻ باوجود سجاول ۾ ڪي سرڪاري آفيسون ٺھن، بس ھنن کي غرض ان ڳالھه سان آھي ته ڪامورا سندن مرضي جا ھجن جيڪي سندن ھر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ھجن، سجاول ضلعي ۾ ھڪ چونڊيل ايم اين اي اياز شاھ شيرازي، ٻه چونڊيل ايم پي ايز شاھ حسين شيرازي ۽ محمد علي ملڪاڻي آھن ان کان علاوه مخصوص سيٽن تي آيل ايم پي اي ريحانا لغاري ۽ ھير سوھو به ھتان جون آھن اھڙي ريت چار ايم پي ايز ۽ ھڪ ايم اين اي ھجڻ باوجود ھتي 7 سالن ۾ ڪا آفيس نه جڙي سگھي آھي آخر سبب ڇا آھي؟
ڪارڪن ۽ شھري چون ٿا ته ھتان جي چونڊيل نمائندن جو شايد خيال آھي ته سجاول کي ضلعي آفيسون نه گھرجن صرف ضلعي آفيسر گھرجن جيڪي سندن مرضي جا ھجن ۽ انھن وٽان ڪو به عوامي ڪم اڳواڻن جي چٺي يا فون ڪال کانسواءِ نه ٿي سگھي، ھتان جي سياسي اڳواڻن جيترا چڪر پارٽي قيادت وٽ اچي وڃي ھڪٻئي جون شڪايتون ڏنيون آھن ۽ ضلعي آفيسر مقرر ڪرڻ ۽ بدلي ڪرڻ جون ڳالھيون ڪيون آھن ان جي اڌ جيترا چڪر به جيڪڏھن ھتي آفيسون قائم ڪرائڻ لاءِ لڳايا وڃن ھا ته گذريل 7 سالن جي دوران ھتي سموريون ضلعي آفيسون ٺھي چڪيون ھجن ھا ۽ عوام جي لاءِ ڪجھه آساني پيدا ٿي پوي ھا. ھڪ چونڊيل حڪومت جو مدو به پنج سال ھجي ٿو پر سجاول ضلعو ٿيڻ کي ست سال گذري ويا آھن، ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ سياسي اڳواڻن کي پھرين ان بابت سوچڻ گھرجي ۽ جاکوڙ ڪرڻ گھرجي ته سجاول ضلعي ۾ سموريون سرڪاري آفيسون قائم ڪرايون وڃن ته جيئن عوام حيدرآباد ۽ ٺٽي جا چڪر ڪاٽڻ کان بچي پوي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *