تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

آفتن جي دور ۾ عوام تي معاشي حملا

پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جي پھچڻ کانپوءِ ھڪ طرف سنڌ حڪومت جو لاڪ ڊائون سخت ڪرڻ جو فيصلو ھو ته ٻئي طرف وفاقي عمراني حڪومت جا پھرين ڏينھن کان ئي لاڪ ڊائون خلاف اھي دليل هئا ته اسان ھڪ غريب ملڪ آھيون، لاڪ ڊائون ڪرڻ سبب لکين پورھيت جيڪي اڳ ئي غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آھن اھي بيروزگار بڻجي ويندا ۽ لکين خاندانن جا چلھا اجھامي ويندا. تنھن ڪري لازمي آھي ته ڪاروباري عمل جاري رھي ڇو ته رياست جي ايتري مالي صلاحيت ناھي ته ڪروڙين شھرين جي ڪفالت جو بار برداشت ڪري سگھي. ٻڌڻ ۾ ته اھي ڳالھيون ڏاڍيون سٺيون پئي لڳيون ته اسان جي وزيراعظم کي پورھيت طبقي جو وڏو اونو آھي ۽ ھو ڪنھن به خاندان جو خاص طور تي ھن وبا واري ڪيفيت ۾ چلھو اجھائڻ نه پيو چاھي. پر ٿورڙي ئي عرصي ۾ وفاقي حڪومت جون پورھيت دشمن پاليسيون ھڪ ڌماڪي سان سامھون اچڻ شروع ٿي ويون آھن. جنھن وزير اعظم کي پورھيتن جي روزگار جو فڪر رات جو سڪون سان سمھڻ نه پيو ڏي ان جي حڪومت ھڪ ڌڪ سان پاڪستان جي سڀ کان اھم صنعتي يونٽ اسٽيل مل جي لڳ ڀڳ ڏھه ھزار ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ مل کي خانگائڻ جا شاھي حڪم ناما جاري ڪري ڇڏيا. ان کان تڪڙو پوءِ تاريخ جي ظالم ترين عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي وئي. جنھن ۾ سرڪاري ملازمن جون پگھارون وڌائڻ ته پري رھيو پر ڪورونا وبا جيڪا ملڪ ۾ موجود صحت جي سھولتن جي پت وائکي ڪئي، ان کي بھتر ڪرڻ لاءِ صحت جي بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻ بجاءِ ان کي گھٽايو ويو. ھتي تعليم ۽ ترقياتي بجيٽ جي ڳالھه ڪرڻ ئي غير اھم بڻجي وڃي ٿي ۽ دفاع جي بجيٽ جي ڳالھه ڪري نٿي سگھجي. ان کان پوءِ عوام جي روزگار تي ٻيو وڏو حملو پي آءِ اي کي خانگائڻ جو فيصلو آھي. جنھن سان ھزارين خاندانن جو مستقبل داءُ تي لڳي چڪو آھي. اڃان ان معاشي جبر خلاف آواز اٿيو ئي مس ته مٿان وفاقي ادارن مان ھڪ لک نوڪريون مستقل طور تي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ان تي واويلا ٿي ته ٽوئرزم جي اداري جي نجڪاري فيصلو ڪيو ويو. ريلوي جي چاليھه کان ستر ھزار ملازمن کي اضافي ڄاڻائي انھن جون ملازمتون مستقل طور تي ختم ڪرڻ جون ڳالھيون پڻ ٿي رھيون آھن. واپڊا ته پھرين ئي ٽارگيٽ تي آھي. تيل جون قيمتون تاريخ جي گھٽ ترين سطح تي ھجڻ جي باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل کي ساڳين اگھن تي رکيو ويو آھي، بجلي ۽ گيس جي اگھن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي. ان سان گڏو گڏ رياستي جبر ۾ به بي پناھه اضافو ٿيو آھي، جنھن جي تفصيل ۾ نٿو وڃي سگھجي. عمراني حڪومت جي پورھيتن خلاف ان شديد حملي نه صرف عام عوام ۽ پورھيت طبقي کي ششدر ڪري ڇڏيو آھي پر سياسي ۽ معاشي تجزيه نگار به پريشان آھن ته آخر ھي ٿي ڇا رھيو آھي؟ ھن وبا واري ڪيفيت ۾ حڪومت عوام تي ايترا معاشي حملا ڪري پنھنجي ساک ڇو وڃائي رھي آھي آخر ھن چريائپ پويان ڪھڙي دانش ٿي سگھي ٿي. ھن وبا واري صورتحال ۾ پورھيتن خلاف ملڪي تاريخ جي تمام سنگين معاشي حملي کي نيولبرل معاشيات جي ابي ملٽن فريڊمين جي ترتيب ڏنل نيولبرل پاليسين کي ڪنھن به ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ واري حڪمت عملي جي بنياد تي سمجھي سگھجي ٿو. ڪينيڊا جي صحافڻ مائي نيومي ڪلائين 2007ع ۾ The rise of disaster capitalism shock doctorine capitalism جي نالي سان ڪتاب لکي نيولبرل ازم جي وحشي واردات کي پوري دنيا آڏو ننگو ڪري ڏيکاريو.
Shock doctrine ۽ disaster capitalism ڇا آھي؟
ان تصور جو مرڪزي نقطو اھو آھي ته اگر قدرتي آفتن جھڙوڪ سيلاب، سامونڊي طوفان، وبائن ۽ زلزلن واري صورتحال ۾ سخت ترين نيولبرل معاشي حملا ڪيا وڃن ته اھي ڪامياب ٿي سگھن ٿا. ڇوته ان وقت پورو معاشرو صدمي واري ڪيفيت ۾ ھوندو آھي ۽ عوام جو انھن معاشي حملن طرف ڌيان ناھي ھوندو. اگر ڪٿي قدرتي آفتن واري صورتحال نه ھجي ته اتي جنگ مسلط ڪري معاشري کي صدمي واري ڪيفيت ۾ پھچائي معاشي پاليسيون لاڳو ڪيون وڃن. جيڪو تجربو ڪاميابي سان عراق اندر ڪيو ويو.
شاڪ ٿراپي جو پھرين آغاز نفسياتي علاج لاءِ ڪيو ويو جنھن ۾ نفسيات جي مريضن کي بجلي جا جھٽڪا ڏئي ھنن جي روين کي بھتر بڻايو ويندو ھو. ان کان پوءِ سي آءِ اي ان طريقي سان پنھنجن سياسي مخالفن کي ٽارچر ڪري نيوٽرلائيز ڪرڻ شروع ڪيو. ملٽن فريڊمين جو خيال ھو ته اگر اھو طريقو پوري سماج لاءِ استعمال ڪجي ته ان کي به نيوٽرلائيز ڪري سگھجي ٿو. سڀ کان پھريون تجربو چلي جي اندر سن ٽيھتر ۾ ڪيو ويو جڏھن اولاندي جي جمھوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري آمريڪا جي مدد سان پنوشي جي آمريت مڙھي . ملٽن جي شاگردن جن کي شڪاگو بوائز جي نالي سان سڏيو ويو، تن کي معاشي صلاحڪارن جي طور تي چلي آندو ويو ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي ڀيانڪ نجڪاري جو آغاز ڪيو ويو. ھڪ کان پوءِ ٻئي اھم صنعت ۽ ادارن کي خانگايو ويو، وڏي پيماني تي پورھيتن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو. سياسي مخالفت کي بيدردي سان ڪچليو ويو. چلي جي معاشري کي معاشي ۽ طبعي صدمن مان گذاريو ويو. ان کان پوءِ ارجنٽينا، ڪوريا، ايڪواڊور، انڊونيشيا، روس ۽ بلڪان جي رياستن ۾ آءِ ايم ايف جي مدد سان نيولبرل پاليسيون ان حڪمت عملي تحت لاڳو ڪيون ويون. آمريڪي رياست نيوآرلين ۾ جڏھن ٻه ھزار پنج ۾ سامونڊي طوفان آيو ته بجاءِ رستن تي ترندڙ لاشن کي ڍوئڻ ۽ گھرن ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ان مصيبت جي گھڙي ۾ رياست اتي جي تعليمي ادارن کي خانگائي ڇڏيو. ان وقت ملٽن فريڊمين جنھن جي عمر 95 سال ٿي چڪي ھئي چيو ته، جيڪو ڪم اسان چاليھه سالن ۾ نه ڪري سگھياسين اھو ھڪ سامونڊي طوفان ٻن ڏينھن ۾ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ سونامي به اھڙو موقعو فراھم ڪيو. سريلنڪا اندر جڏھن لکين ماڻھو دربدر ٿيا ۽ ھزارين سمنڊ جي قاتل لھرن حوالي ٿيا ته رياست ان صدمي واري ڪيفيت ۾ بجلي ۽ سامونڊي پٽي تي برباد ٿيل ڳوٺن جون زمينون ليز ڪري سرمائيدارن حوالي ڪري ڇڏيون.
نيومي ڪلائين پنھنجي ڪتاب ۾ اھو انڪشاف به ڪيو آھي ته 1988ع کان وٺي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جھڙن عالمي مالياتي ادارن تي انھن ئي شڪاگو بوائز جو غلبو آھي ۽ اھي ادارا عالمي طورتي نيولبرل پاليسيون لاڳو ڪرڻ جا اھم ذريعا بڻجي چڪا آھن. اڄ جيڪو ڪجھه پاڪستان اندر ٿي رھيو آھي اھو مڪمل طور تي انھن عالمي سامراجي ادارن جي مرضي سان ٿي رھيو آھي. وبا واري صورتحال ۾ شديد معاشي حملا آفتن واري سرمائيداري واري حڪمت عملي ئي آھي. وبا جيڪو معاشري ۾ انتشار ۽ جيڪا مستقبل بابت غيريقيني واري ڪيفيت پيدا ڪئي آھي ان حڪمرانن کي موقعو فراھم ڪيو آھي ته اھي پورھيتن تي ملڪي تاريخ جا سخت ترين حملا ڪن ۽ عوام کان سڀ ڪجھه کسي سرمائيدارن جي جھولي ۾ وجھن. اسان جا حڪمران پنھنجون مراعتون بچائڻ لاء انھن ادارن جا نه صرف ساٿاري آھن پر وڌيڪ معاشي جبر ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آھن. پاڪستان جي پارليامينٽ جي اھڙي ڪا به پارٽي ناھي جيڪا ان ظلم خلاف آواز اٿاري سگھي. ڇو ته سڀ سرمائيدارن جون پارٽيون آھن ۽ انھن جي چوري ۽ ڌاڙي جون محافظ آھن. پر پوءِ پورھيت پنھجن محدود قوتن جي باوجود متحد ٿي رھيا آھن. 21 جولاءِ تي لاھور ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپين، ريلوي جي مزدورن جون يونينز، پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي سڏ تي پورھيتن جي ھڪ گڏجاڻي ٿي آھي جنھن ۾ لڳ ڀڳ پنجويھه پورھيت تنظيمن شرڪت ڪري اھو فيصلو ورتو آھي ته حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف 5 آگسٽ تي پوري ملڪ ۾ ريل جي ڦيٿا روڪ ھڙتال سان گڏ پوري ملڪ ۾ ڪلارڪ قلم ڇڏ ھڙتال ڪئي ويندي.
آفتن ۽ بربادي تي پلجندڙ ھن نظام ۾ ترقي جي ڪابه گنجائش ناهي رھي. ڏھاڪن کان پوءِ وري آمريڪا ۽ يورپ اندر عوامي اڀار اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته سرمائيداري ھڪ ناقابل برداشت نظام بڻجي چڪو آھي. آمريڪا جھڙي جابر رياست ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي علامتن وارن بتن جو ڊھڻ ۽ اتي ئي لينن جي مجسمن جو ٺهڻ سوشلزم جي سچائي جو واضح ثبوت آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *