تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

آصفه ڀٽو،مريم نواز ۽ جيل جا دروازا

مون اڃان لکڻ جي شروعات ڪئي هئي ته هڪ دوست فون ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن پنهنجي ڪالم ۾ توهان اسلام آباد جي ان وقت جي ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو جو ذڪر ئي نه ڪيوجنهن کي عمران خان ۽ ڊاڪٽرطاهر القادري جي ڊي چوڪ وارن ڪارڪنن ريڊ زون اندر سخت تشددجو نشانو بڻايو جنهن پوليس کي هو ڪمانڊڪري رهيو هو، اهي پوليس وارا به پنهنجي جان بچائي ڀڄي ويا هئا. سڄي دنيا اهي فوٽيجز ڏٺا هئا عمران خان رڳو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ پوليس وارن سان اها حالت ناهي ڪئي. فون واري دوست سان سهمت ٿيندي مون اهو سوچڻ شروع ڪيو ته عمران خان ته قومي اسيمبلي جي پنهنجي تازي خطاب ۾ چيو هو ته مان ڪرڪيٽر رهيو آهيان جيڪڏهن ڪنهن ٽيم جي ڪپتان کي به توهان بار بار تبديل ڪندئو ته اها ٽيم هيٺ هلي ويندي. خبر ناهي ڇو عمران خان کي پنجاب پوليس جي آءِ جي جي مسئلي تي پنهنجو ئي اهو موقف يادنه ٿو اچي. مون کي عمران خان جي اسلام آباد ۾ ڪيل اها تقرير به يادآهي جنهن ۾عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته جمائمه خان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا جيڪڏهن هو هتي هجي ها ته گرفتار ٿي وڃي ها.
عمران خان پنهنجي خطاب ۾سوال ڪري رهيو هو ته مائرن ۽ ڀينرن،گھر جي عورتن خلاف ايئن ڪيس داخل ڪبا آهن؟ مون کي عمران خان جي اها تقرير ان ڪري به ياد آئي جو گذريل ڏينهن احتساب عدالت اندرآصفه ڀٽو زرداري کي پنهنجي والد آصف علي زرداري کي سهارو ڏيندي ڏٺو، تڏهن مون کي اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي والد سان ملاقات لاءِاسلام آباد جي ميلو ڊي واري علائقي پهتي هئي تڏهن سندس ملاقات ايتري ته ڏکئي بڻجي وئي جو آصفه ڀٽو زرداري کي عدالتن جا در کڙڪائڻا پيا. عدالتن جا در کڙڪائڻ باوجود آصفه پنهنجي والد سان ملاقات نه ڪري سگھي هئي. اسان سڄي رات ان ايونٽ کي ڪور ڪرڻ لاءِ بيٺا هئاسين ته ڪاري رنگ واري گاڏي اچڻ تي اسان اهو سمجھيو ته آصفه ڀٽو ٻيهر اچي وئي آهي تڏهن اسان کي ٻڌايو ويو ته اها اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي فيملي آهي. جيڪا شاهدخاقان عباسي لاءِ کاڌو کڻي آئي آهي. فريال ٽالپر جي گرفتاري بعد اسان کي اهي اطلاع مليا ته آصفه ڀٽو پنهنجي گھرزرداري هائوس اسلام آباد ٻاهران ڪيتري ئي وقت کان بيٺل آهي. آصفه ڀٽو جا اهي فوٽيجز ڪئمرامين به رڪارڊڪري ورتا هئا. ناليواري صحافي پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندڙ شڪيل انجم پريس ڪلب اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي موجودگي ۾پنهنجي خطاب دوران اهي جملا چيا ته “بلاول ڀٽو وارن کي مان تڏهن ڏٺو هو جڏهن اهي پنهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو جو هٿ پڪڙي پنهنجي والد سان جيل ۾ملاقات ڪرڻ ايندا هئا.” شڪيل انجم اهي جملا چوندي روئي ڏنو هو، پريس ڪلب جي صدر جي روئڻ تي دير تائين تقريب اندرسڪتو طاري ٿي ويو هو.بلاول ڀٽو، بختاور ڀٽو هينئر تائين پنهنجي والد سان ملاقات لاءِ جيل جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا ان ڪري ئي احتساب عدالت ٻاهران آصف زرداري جيل وڃڻ واري ڳالهه تي چيو ته اها اسان لاءِ ڪهڙي نئين ڳالهه آهي.
جيئن آصفه ڀٽو پنهنجي والد سان گڏ زرداري هائوس کان احتساب عدالت پهتي هئي تيئن ئي نواز شريف جي نياڻي مريم نواز ڪوھه مري کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتي هئي. انهي کان اڳ مريم نواز جڏهن لنڊن کان پنهنجي والد نواز شريف سان گڏجي لاهور ايئرپورٽ پهتي هئي تڏهن نواز شريف سان گڏ کيس جيل پهچايو ويو هو. مريم نواز گذريل ڏينهن جڏهن اهڙو قصو ٻڌائي رهي هئي تڏهن کيس ٻڌايو ويو ته توهان کي به گرفتار ڪرڻ لاءِ ٻاهر ٽيم پهتل آهي.توهان ٻاهر اچو. مريم نواز جي اهڙي قصي تي خبر ناهي ڇو شهيدذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي آخري ملاقات ياد اچي رهي هئي. ساڳئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سامهون اسان جي دوست ساجد گوندل جي ماءُ پنهنجي پُٽ جي بازيابي جي لاءِعدالت ٻاهران دانهون ڪري رهي هئي.ساجد گوندل جي گھرواري پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ وزيراعظم واري عاليشان محل آڏو احتجاج ڪري رهي هئي. اهو ئي وزيراعظم هائوس آهي جنهن کي عمران خان يونيورسٽي بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته سمورن گورنر هائوسز تي بلڊوزر گھمندا پر في الحال ته سنڌ جي گورنر هائوس واري اهميت کي تسليم ڪندي وزيراعليٰ هائوس کان وڌيڪ اهميت ۽ طاقت ان گورنر هائوس کي ڏئي رهيو آهي خبر ناهي ڇو پر مان جڏهن ان وزيراعظم هائوس آڏو گذرندو آهيان تڏهن ساحر لڌيانوي جو اهو شعريادايندو رهندو آهي ته ڪنهن دولت مند پنهنجي دولت جو سهارو وٺي اسان غريبن جي محبت جو مذاق اڏايو آهي. ساجد گوندل جي گھرواري ان وزيراعظم هائوس آڏو ويهي رهي هئي جنهن وزيراعظم هائوس اندر سندس مڙس ساجد گوندل ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم کان سوال ڪندي نظر آيو هو.
ساجد گوندل اسان جو ساٿي رهيو آهي اسان گڏجي اسلام آباد جا اهي ايوينٽ ڪور ڪيا آهن جتي گاڏين جي پهچڻ به وس جي ڳالهه نه هوندي هئي، ڪلوميٽرن تائين پنڌ ڪري جهاز حادثن جي رپورٽنگ دوران به هو هميشه ايئن خاموش رهندو هو جيئن پنهنجي بازيابي کانپوءِ خاموش آهي، سرڪاري نوڪري ۾ وڃڻ کانپوءِ هن مون کي نوڪري ملڻ جو ميسيج ڪيو هيو پر جڏهن سندس ماءُ هاءِ ڪورٽ ۽ گهر واري وزيراعظم هائوس آڏو احتجاج ڪري رهي هئي تڏهن سرڪاري نوڪري وارا نه پر سندس پراڻي صحافتي برادري وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنسن ۽ سوشل ميڊيا تي احتجاج ڪري رهي هئي. اهڙي ئي سوال تي شبلي فراز چيو هو ته صرف ساجد گوندل جو واقعو ٿيو آهي جيڪو به نه ٿيڻ کپي پر امن امان جي اهڙي صورتحال آهي جو مان وفاقي وزير هئڻ باوجود رات جو اڪيلو گهمندو آهيان، شبلي فراز جڏهن اهڙي ڳالهه ڪري رهيو هو تنهن رات موٽر وي تي هڪ عورت کي پنهنجي معصوم ٻارن جي سامهون ڪار مان لاهي جهنگ ۾ گهلي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو پوليس جو چوڻ هو ته عورت رات جو پنهنجا ٻار وٺي پيٽرول چيڪ ڪرڻ کانسواءِ ڇو نڪتي هئي؟ جنهن لاهور ۾ پوليس وارا اهڙا سوال اٿاري رهيا هئا انهي لاهور ۾ شهباز شريف پنهنجي نياڻي سان گڏ عدالت اندر پهتو هو سندس پارٽي ترجمان مريم اورنگزيب چئي رهي هئي ته جن ملڪ جي خدمت ڪئي آهي اهي پنهنجي نياڻين سان گڏ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، نواز شريف جي پاڪستان واپس نه اچڻ کان اڳ ئي مريم نواز پنهنجي لاهوري واري ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اسان کي زنده ليڊر کپن، مريم نواز جڏهن اهڙي ڳالهه ڪري رهي هئي تڏهن مون کي شيخ اياز جو دودا تنهنجو ساهه ته ويندو پر ماڻهن جو ويساهه نه ويندو ۽ فيض احمد فيض جو جس دهج سي ڪوئي مقتل ۾ گيا وه شان سلامت رهتي هي واري ٿيوري گهڻو ياد پئي آئي. مريم نواز هاءِ ڪورٽ ٻاهران به چيو پئي ته ميان صاحب واپس اچڻ لاءِ تيار آهي اسان کيس روڪيو آهي، احتساب عدالت ٻاهران ئي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ڏسي ۽ ساجد گوندل جي ماءُ کي احتجاج ڪندي ڏسي مون کي يوسف رضا گيلاني جي جيل وارا اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن سندس امڙ پڇاڻو ڪيو ته يوسف ڪٿي آهي تڏهن يوسف رضا گيلاني جيل واري ڪمري کي درخواست ڪري اهڙو بڻايو جو اهو جيل نه لڳي جتي سندس ماءُ ملڻ کانپوءِ دعا ڪندي چيو ته ڪمرو سهڻو اٿئي، يوسف رضا گيلاني پنهنجي ڪتاب چاهه يوسف سي صدا ۾ اهڙو قصو لکيو آهي رڳو اهو نه پر جيل ۾ ٻهاري ڏيندڙ هڪ عورت يوسف رضا گيلاني کي چيو ته سائين نوڪريون ڏيڻ جي ڪري توهان جيل ۾ آهيو ته پوءِ منهنجي پٽ کي به کڻي نوڪري ڏياريو، اهو اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني هاڻي آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي توشه خانه مان گاڏيون ڏيڻ تي ريفرنس کي ڀوڳي رهيو آهي. پيپلز پارٽي وارا ٻاهر اهي سوال ڪري رهيا هئا ته هي ڪهڙي حڪومت آهي جنهن ۾ مائرون ڀينرون جيلن جا چڪر ڪاٽي رهيون آهن. اسد عمر جي انهي ڳالهه کي ڇڏي ڪري ته ڪم ڪريو نه ته ماڻهو پي ٽي آءِ ۽ پ پ وارن کي جوتا هڻندا کان وڌيڪ اهي ڏينهن ياد اچي رهيا هئا جڏهن موجوده چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي لاهور واري گهر تي خوني واردات ۾ سندس خاندان قتل ٿيو هو تڏهن اسلام آباد جي ججز ڪالوني ۾ رات جي وقت جسٽس (ر) جاويد اقبال جي گهر سامهون عاصمه جهانگير مخاطب ٿي هئي ته توهان سڀ ته ملڪ ڇڏي هليا ويندا اسان کي ته هن ملڪ ۾ رهڻو آهي اسان ڪيڏانهن وڃون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *