تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

آزادي مارچ جا تڪڙا ۽ ڏُور رس مقصد!

مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جا مقصد ظاهري طور تي ڪجهه هن ريت آهن ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ۽ نيون چونڊون ڪرايون وڃن، جڏهن ته آئنده ٿيندڙ چونڊون فوج جي نگرانيءَ ۾ نه ڪرايون وڃن ۽ سمورا ادارا ملڪي آئين موجب ڪم ڪن. پر ڏٺو وڃي ته هي مارچ جيڪو هاڻي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، اصل ۾ گهڻ رُخي مقصدن لاءِ شروع ڪيو ويو هو، جن مان ڪجهه تڪڙا ۽ ٻيا ڏُور رس مقصد آهن.
تڪڙا مقصد:
ڪنهن به سياسي پارٽي جي بقا ۽ عوامي مقبوليت جو دارو مدار ان جي تنظيم ڪاري ۽ تحرڪ سان ڳنڍيل هوندو آهي. پوئين سال جولاءِ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سوڌو پارٽي جا ڪيترائي پڪا اميدوار پنهنجون سيٽون وڃائي ويٺا (ساڳي ريت اي اين پي ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي قيادت به ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪيتريون ئي روايتي سيٽون وڃايون، سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي به ساڳي ريت شڪست ملي/ ڏياري وئي) ان جي نتيجي ۾ جي يو آءِ (ف) پهرين ڏينهن کان چونڊن جي نتيجن کي قبولڻ کان انڪار ڪيو، نه رڳو اهو پر نتيجن سبب پارٽي اهو محسوس ڪيو ته سندن سياسي قد ڪاٺ به گهٽيو آهي، ۽ عوامي موٽ به متاثر ٿي آهي، تنهن ڪري پارٽيءَ کي پنهنجي ساڳي پوزيشن تي آڻڻ لاءِ جي يو آءِ (ف) هن نئين تبديلي سرڪار خلاف شروع کان ئي سڀ کان اثرائتو آواز ٿي اڀري. حڪومت توڙي چونڊن کي نه مڃڻ واري واضح موقف سبب سندن خواهش هئي ته اسيمبلين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي پر مخالف ڌر جي وڏين پارٽين پي پي پي ۽ نواز ليگ سندن ساٿ نه ڏنو پر جي يو آءِ (ف) لڳاتار سرڪار مخالف سياسي تحرڪ ۾ رهي، جنهن جي پڄاڻي آزادي مارچ تي ٿي آهي. ان کان اڳ آل پارٽيز ڪانفرنس جي نتيجي ۾ جي يو آءِ (ف) نه رڳو مخالف ڌر کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي پر ان سان گڏ رهبر ڪاميٽي جي صورت ۾ هڪ مستقل پليٽ فارم به جوڙي ورتو.
ڏٺو وڃي ته هن سال سوا جي تحرڪ جي نتيجي ۾ جي يو آءِ (ف) پنهنجي مقبوليت به وڌائي آهي ۽ سياسي قد ڪاٺ به نمايان نظر اچي ٿو. عملي طور مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف جي مخالف پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ واري حڪمت عملي ۾ سڀني لاهن چاڙهن جي باوجود هينئر تائين ڪامياب ويو آهي ۽ ايئن هن جي پنهنجي پارٽي به متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ چونڊن ۾ شڪست سبب وڃايل رٽ به ڪافي حد تائين بحال ڪرائي ورتي آهي،
تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي سبب جيڪو اسٽريٽ پاور ۽ پريشر گروپ جو رول سندن هٿن مان نڪري ويو هو، هن آزادي مارچ ۽ ڌرڻي ان کي واپس ورائڻ ۾ به مولانا فضل الرحمان جي مدد ڪئي آهي. ايئن هو اسيمبلين اندر ۽ ٻاهر پنهنجي ڌار حيثيت ۽ مقام موٽائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جيڪو سندس پارٽي جي سياسي مستقبل لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، نه رڳو اهو پر هن مارچ جي نتيجي ۾ هو تبديلي سرڪار کي ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪري چڪو آهي، جنهن سان ٻنهي پاسي هڪ ٻئي لاءِ راءِ به تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ ان کي مولانا جي هڪ وڌيڪ ڪاميابي سان ڀيٽي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته آزادي مارچ کان اڳ جي يو آءِ (ف) ۽ تحريڪ انصاف جو هڪ ٻئي ڏانهن رويو وڌيڪ سخت هو، ان کانسواءِ مارچ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل دٻاءُ سبب سرڪار جو پي پي پي ۽ نواز ليگ ڏانهن رويو به نرم ٿيندو نظر اچي ٿو ۽ بيڪ ڊور ڊپلوميسي سبب نواز شريف، مريم نواز ۽ شاهد خاقان کي تڪڙو رليف به ملي چڪو آهي، ساڳيو رليف پ پ کي ملندي نظر اچي رهيو آهي. ايئن هي مارچ نه رڳو جي يو آءِ (ف) پر مخالف ڌر جي سڀني پارٽين لاءِ وقتي فائدي وارو ثابت ٿي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف “ڪجهه ڏيو، ڪجهه وٺو” جي بنياد تي پنهنجي سرڪار بچائڻ لاءِ راضي ٿيندي نظر اچي پئي، اهڙي ڪنهن سمجهوتي جي نتيجي ۾ تبديلي سرڪار جو مورال ڪرندو ۽ مخالف ڌر کي عوام وٽ وڃي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه حاصل ٿي ويندو.
ڏُور رس مقصد:
هن مارچ جا ڏو رس مقصد ڏکيا ۽ بحث طلب آهن، خاص طور تي سول – ملٽري لاڳاپن جي نقطهءِ نگاهه کان مولانا جي پيش ڪيل مطالبن جو منظور ٿيڻ ايترو آسان نه آهي. ان جو اندازو خود مولانا فضل الرحمان کي به آهي، پر ان حوالي سان نواز شريف جي بيانئي کي مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو وري بحث جو موضوع بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. جيتوڻيڪ اهڙو بحث شروع ڪرڻ جي هڪ قيمت نواز شريف کي پهرين وزيراعظم جو عهدو ۽ پوءِ چونڊون هارائڻ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئي آهي ۽ ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي مولانا به مطالبا رکڻ کان اڳ سوچ ويچار ته ضرور ڪيو هوندو پر لڳي ٿو ته مولانا سمورا رستا بند ٿيڻ کان پوءِ اهڙا ڳرا مطالبا سامهون آندا آهن.
چونڊن کان فوج کي پري رکڻ واري مطالبي جي حوالي سان سرڪار ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق ٿيڻ ڏکيو آهي، واڳ ڌڻي به نه چاهيندا ته ان حوالي سان سياسي ڌرين ۾ ڪو اتفاق ٿئي پر ساڳئي وقت اهڙن مطالبن جي نتيجي ۾ دٻاءُ به ٻنهي پاسي موجود آهي، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته اهڙن مطالبن کي هڪ پاسي رکي مفاهمت وارو وچيون رستو ڪڍي چوڌري ڀائرن جي مدد سان معاملي کي ٿڌو ڪيو وڃي. ان حوالي سان ڪجهه اڳڀرائي به ٿيندي نظر اچي پئي، پر جيڪر مولانا لچڪ نه ڏيکاري ته پوءِ ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ٿيندي جنهن سان ملڪ ان ساڳي ڪيفيت کي محسوس ڪندو جيڪا نواز شريف جي بيانئي سبب پيدا ٿي هئي. هاڻي ڏسجي ته سياسي قيادت مولانا جي اٿاريل سوالن جا جواب سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه! ساڳي ريت بال سرڪار ۽ واڳ ڌڻين جي ڪورٽ ۾ آهي ته اهي ملڪ جي سياسي مستقبل بابت ڪنهن سنجيده ڊائيلاگ ڏانهن وک وڌائن ٿا يا روايتي سخت گير موقف تي قائم رهندي ردعمل ڏيکارين ٿا. ان وچ ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪاميٽي جي گڏجاڻين ۾ ان حوالي سان جيڪي تجويزون سامهون آيون آهن، اهي بهتر ۽ صحتمند روش خيالي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون پر ان ڊائيلاگ جي ڦلدائڪ ٿيڻ وارو سوال اڃان به سڀ کان وڏو سوال آهي.
جيتري قدر ڌرڻي جي نتيجي ۾ حڪومت ڪيرائڻ جو تعلق آهي ته اها ڳالهه اڳ ۾ واضح آهي ته ايئن ٿيڻ ممڪن ناهي نه وري وزيراعظم جي استعيفيٰ ٿيڻي آهي، باقي مولانا کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪجهه رعايتن ۽ سهولتن جون خاطريون ڏنيون وينديون ۽ معاملو ڪن ڪاميٽين جوڙڻ تي به نبري سگهي ٿو، ان ۾ سرڪار کي نه رڳو لچڪ ڏيکارڻي پوندي پر ساڳئي وقت پنهنجي ٺٺول واري ٻولي، الزامن ۽ بهتانن هڻڻ واري روش ۾ به تبديلي آڻڻي پوندي، ٻي صورت ۾ هي آزادي مارچ اسلام آباد جي پشاور موڙ کان ٻاهر نڪري سڄي ملڪ تائين ڦهلجي ويندو ۽ مولانا فضل الرحمان جي صورت ۾ رياست کي هڪ وڌيڪ نواز شريف کي منهن ڏيڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *