تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

آرٽيڪل 149 جي آڙ ۾ سنڌ مٿان هڪ ٻيو وار!

وفاقي قانوني وارو وزير فروغ نسيم الطاف حسين ۽ بعد ۾ پرويز مشرف جو وڪيل رهيو آهي، ان کان علاوه هو ايم ڪيو ايم جو پُراڻو ۽ اهم اڳواڻ ۽ سينيٽر به رهندو آيو آهي. هن همراهه جي سوچ ۽ نظرئي ۾ الطاف حسين جي سنڌ دشمني، پرويز مشرف جي غير جمهوري سوچ ۽ ايم ڪيو ايم جي فاشسٽ سياست جو خطرناڪ امتراج آهي. هن وقت هو ايم ڪيو ايم جو ٿنڪ ٽينڪ آهي ۽ عمران خان توڙي سگهارين ڏرين سان به هن جي ڪافي قربت آهي. عمران خان سندس نفاست مان ڏاڍو متاثر آهي ۽ کيس ملڪ اندر قانون جي سڌارن جو ذمو به ڏنو اٿس. فروغ نسيم پنهنجن سمورن وسيلن کي استعمال ڪندي ٻيو ته ملڪ لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو پر ٻه ٽي ڪم يقينن اهڙا ڪيا اٿس جنهن عمران خان جي نئين پاڪستان جون پاڙون زمين ۾ کوڙڻ کان اڳ ئي پٽرائي ڇڏيون آهن. هڪ ته ملڪ جي ٻن انتهائي ايماندار، بهادر، آزاد ۽ اهل ججن قاضي فائز عيسيٰ ۽ ڪي ڪي آغا خلاف ريفرنسز داخل ڪرائي پوري دنيا ۾ اسان جي عدالتي نظام تي سوال اٿاري ڇڏيا اٿس. ٻيو وزير صاحب پوري ڪوشش ڪئي آهي ته وڪيلن ۾ ڌڙابندي ڪجي، جنهن جي لاءِ هن ڪروڙين رپيا مختلف بارس کي گرانٽ طور ڏنا آهن. اهو ڪريڊٽ به وزير صاحب ڏي وڃي ٿو جو هن آئين جي سراسر ڀڃڪڙي ڪندي اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن کي صدر طرفان نامزد ڪرائي اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر هنن کي حلف کڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي ميمبرن جي مقرري لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ مشاورت نه ٿي هئي. بجاءِ جو وزير صاحب پنهنجي غلطي مڃي يا شرارت کان باز اچي هن الٽو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف به عدالتي ريفرنس اماڻي ڇڏيو آهي.
فروغ نسيم پاران ڪراچي ۾ وڌندڙ گند ڪچري، مڪاني ادارن ۽ صوبائي حڪومت جي نالائقي کي بهانو بڻائيندي آئين جي آرٽيڪل 149 (4) جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو به سندس مٿي ڄاڻايل سوچ جو عڪاس آهي. آرٽيڪل 148 ۽ 149 وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سهڪار لاءِ يا بدامني يا معاشي بحران جي صورت ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا پر اهڙي قسم جا اختيار ماضيءَ ۾ ڪڏهن به استعمال نه ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته آئين ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي پنهنجا پنهنجا ايگزيڪيوٽو اختيار پنهنجي دائرن اندر محدود ڪن ٿا. سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته وزير موصوف هن موقعي تي آرٽيڪل 149 جي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪراچي کي وفاقي انتظام هيٺ ڏيڻ جي سازش ڇو ڪئي آهي. حالانڪه هو ان سازش ۾ هن وقت ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته نه صرف ان خلاف سخت ردعمل پ پ، نواز ليگ ۽ سنڌ مان مختلف آوازن ذريعي پيدا ٿيو پر خود پي ٽي آءِ وارن به ان جي مخالفت ڪئي ۽ صدر پاڪستان به ان خلاف پنهنجو اظهار ڪيو پر ان جي باوجود به فروغ نسيم ۽ ايم ڪيو ايم جي سازش جي پٺيان جيڪي مقصد هئا انهن تي روشني وجهڻ ضروري آهي.
(1) عمران خان جي سياست سنڌ اندر رُڳو ڪراچي تائين محدود آهي، ايم ڪيو ايم جي پوري ڪوشش آهي ته عمران خان کي ڪراچي ۾ به تڪراري بڻائجي ۽ سنڌين سميت ٻيون سڀ لساني ڌريون کيس ڪراچي ۾ ووٽ نه ڪن.
(2) ايم ڪيو ايم ڪراچي تي سياست ڪري پنهنجي وڃايل ساک ۽ اثر واپس وٺي، مهاجر پرستيءَ کي وڌيڪ اُڀارڻ چاهي ٿي ته جيئن ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ کيس ووٽ پوي ۽ پنهنجي حريفن کي شڪست ڏئي.
(3) عمران خان کي پوري سنڌ ۾ غير مقبول ڪرائجي، سندس سنڌ مان تڏا ويڙهه ڪرائجي.
04) سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائجن ۽ پاڪستان ۽ وفاق کي ڪاپاري ڌڪ هڻائجي ۽ الطاف حسين جي پاڪستان مخالف نظرئي کي پورو ڪجي.
اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت دنيا وري نون خطرن ۽ چئلينجن جو شڪار ٿيندي نظر اچي ٿي. جمهوريت کي يا پاپولسٽ ليڊرن مان خطرو آهي، معاشي طور تي ڪمزور، گهڻ قومي رياستن کي وڌندڙ سب نيشنلزم مان خطرو آهي. علائقائي ڇڪتاڻ پٺيان منفي نظريا، مذهبي بنياد پرستي ۽ نسل پرستي ۽ مها قومپرستيءَ وارا عنصر آهن. ان کان علاوه بين الاقوامي قانون ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو آهي جو ان جو شڪار صرف معاشي طور تي ڪمزور ۽ محڪوم ملڪ ٿي رهيا آهن. ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان به گهڻن ئي چئلينجن جو شڪار ٿيندي نظر اچي ٿو. پاڪستان کي هن وقت سخت ضرورت آهي ته ملڪ اندر سياسي استحڪام هجي، معاشي ترقي هجي، علائقي ۾ امن امان هجي ۽ ان سان گڏ پاڪستان جيترو جلد ٿي سگهي آءِ ايم ايف جي جڪڙ مان نڪري پر ايم ڪيو ايم جي هن موجوده سازش جي پٺيان اهي سڀئي فيڪٽرس به موجود آهن. اهي الطاف حسين جا پوئلڳ چاهين ٿا ته پاڪستان هن وقت جڏهن ڪمزور، غير مستحڪم ۽ دنيا ۾ ڪافي اڪيلو آهي، اهڙي وقت ۾ سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائجن ته جيئن ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿئي ۽ جيترو ٿي سگهي هن ملڪ کي تباهه برباد ڪجي.
هاڻ ان صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو سوال ان ڪري به اهميت ٿو رکي جو هن وقت جتي عمران خان عددي حوالي سان ايم ڪيو ايم هٿان بليڪ ميل ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي پ پ حڪومت به ڪرپٽ مافيا ۽ سنڌ دشمن مافيا جي جڪڙ ۾ آيل آهي، ٻئي طرف جي ڊي اي وارن مان سواءِ اياز لطيف پليجي جي ڪنهن به ٻئي ليڊر جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي ۽ افواهه تيز ٿي رهيا آهن ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت اندر فارورڊ بلاڪ ٺهي رهيو آهي، جنهن سان پ پ حڪومت جي وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ يا ڊهڻ جا امڪان به پيدا ٿي چڪا آهن. بدقسمتي سان هن وقت سنڌ جي قومپرست قيادت به ڪمزور، منجهيل ۽ ورهايل نظر اچي رهي آهي، تنهنڪري اسان سڀني کي هن وقت متحد ٿيڻو پوندو، پنهنجا ننڍا وڏا اختلاف ختم ڪرڻا پوندا ۽ سنڌ جي وحدت ۽ آئيندي جي لاءِ گڏجي ميدان ۾ نڪرڻو پوندو، ان ۾ اسان جا اديب، دانشور، ميڊيا، شاگرد، استاد، وڪيل ۽ محنت ڪش طبقا شامل آهن. هن وقت يقينن ملڪ اندر جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ بي يقيني آهي ۽ خاص طور تي سنڌ اندر اسان جي حالت وڌيڪ خراب آهي، ڇاڪاڻ ته هتي ليڊر شپ جو وڏو بحران آهي ۽ اسان جي ٻهراڙي وارا علائقا زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان به محروم آهن ۽ حڪومت جو انهن مسئلن جي حل ڏانهن ڪو ڌيان ڪونهي. ان ڪري اسان سڀني لاءِ اهو ضروري آهي ته نه صرف جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن، انهن تي نگاهه رکون پر انهن سازشن کي شڪست ڏيڻ لاءِ به هر وقت تيار هجون ۽ جيڪڏهن اسان ايئن ڪيوسين ته هي ايم ڪيو ايم جو جيڪو ملڪ مخالف ۽ سنڌ دشمن ايجنڊا آهي، سي يقينن ڪوشش ڪندا ته پنهنجو ايجنڊا پورو ڪن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *