تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

آبپاشي کاتو ڪٿي گم آهي ؟

حڪومتن ۽ ادارن جو مطلب هوندو آهي ته اهي وسيلن کي مئنيج ڪري عوام تائين صحيح نموني پهچائن جيئن عوام کي تڪليفن ۽ ڏکياين کان بچائي سگهجي. جيڪڏهن عوام تائين وسيلن جي ورڇ منصفاڻي نموني نه ٿي سگهي ته ادارن ۽ حڪومتن تان عوام جو اعتماد ختم ٿيڻ شروع ٿيندو آهي.گورننس جو مطلب رڳو عوام جي پئسي تي پنهنجي لاءِ سهولتون حاصل ڪرڻ نه آهي جڏهن عوام جي نمائندگي جي دعويداري ڪيو ٿا ته عوام جي زندگي آسان بڻائڻ لاءِ ڪردار به اهڙو ئي ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ گورننس جا اشوز ڪيتري وقت کان وٺي بحث هيٺ آهن،جيڪي ڏهاڙي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سامهون ايندا رهن ٿا.امن امان جو مسئلو هجي يا صحت سان لاڳاپيل معاملاهر شعبي ۾ شفافيت ۽ ميرٽ سواليا نشان بڻيل هوندي آهي جنهن ڪري اهي روايتي ڪم جيڪي پاڻمرادو ٿيڻ گهرجن انهن لاءِ به عوام وتي ٿو رلندو ۽ انهن وٽ احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن بچي ئي نه ٿو. اڄڪلهه اهڙي صورتحال آبپاشي کاتي بابت سڄي سنڌ ۾ آهي،پڇڙي جي تقريبن سڀئي علائقن جا ماڻهو روڊن رستن تي آهن پر آبپاشي کاتو آهي جيڪو ڪٿي نظر ئي نه ٿو اچي ۽ گم لڳو پيو آهي.
ملڪ وانگر سنڌ جي اڪثريت آبادي جو انحصار به زراعت تي ئي آهي،پر گهڻي عرصي کان وٺي ڪيترن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ يا پاڻي نه پهچڻ ڪري آبادگار پنهنجا فصل پوکڻ کان محروم آهن يا وري جيڪڏهن ٻيجارا پوکين ٿا ته وڌيڪ پاڻي نه ملڻ ڪري اهي سڙي ٿا وڃن ۽ آبادگارن جي محنت ۽ خرچ ٻئي ضايع ٿي وڃن ٿا. سانوڻي جي موسم جنهن ۾ تقريبن سڄي صوبي ۾ برساتون وسي رهيون آهن ۽ آبپاشي جي حوالي سان اها اهم موسم آهي انهي موسم ۾ انهي آبپاشي کاتي کي جيترو متحرڪ هجڻ گهرجي ان جي بدارن اهو کاتو ڄڻ اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. موسم ته ٺهيو پر ماڻهن جو احتجاج به انهي کاتي کي جاڳائي نه سگهيو آهي. عوام جي چونڊيل حڪومتن کي پنهنجي ساک جو فڪرهوندو آهي جنهن ڪري اهي هر ممڪن ڪوشش ڪنديون آهن ته جتي به ڪو مسئلو ٿئي ته اوستائين پهچجي ۽ مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي پر جيڪڏهن مسئلو حل نه به ڪري سگهجي ته تڏهن به متاثر ماڻهن کي آٿت ،ڪا اميد ڪو آسرو ڏيارجي، پر حيرت ٿي ٿئي ته سنڌ جي اهم کاتي سان لاڳاپيل معاملا هر شهر ۾ ٿي رهيا آهن پر انهي کاتي جو نه وزير ،نه سيڪريٽري ۽ نه ئي وري ڪو صلاحڪار يا ڪو ڪامورو انهي انداز ۾ متحرڪ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ڄڻ انهن جو پنهنجي کاتي جي معاملن سان ڪو واسطو ئي ناهي.هونئن ته درياءُ ۾ پاڻي گهٽ هجڻ ۽ برساتون نه پوڻ ڪري پاڻي جي کوٽ جو مسئلو رهندو آهي پر هن خريف جي موسم ۾ ته مٿان کان به تقريبن پورو پاڻي پهتو آهي ۽ سانوڻي جون برساتون به معمول کان وڌيڪ پيون آهن ته پوءِ هي جوهي کان وٺي بدين جي پڇڙي تائين ماڻهن جا لڳاتار احتجاج ڪهڙي ڪهاڻي بيان ڪري رهيا آهن؟ ماڻهن جي دانهن مان ته ايئن لڳي رهيو آهي ته آبپاشي کاتو غير فعال ٿي ويو آهي ۽ هر علائقي جو چڱو مڙس ۽ بااثر ماڻهو ڄڻ ته پنهنجي مرضي سان پاڻي جو نظام هلائي رهيا آهن.پاڻي چوري،ڪامورن جي رشوت خوري ،پاڻي جو وڪرو ۽ بااثرن جو زور اهي سمورين ڳالهين ملي پڇڙي جي علائقن کي اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي جو ڳوٺن جاڳوٺ لڏپلاڻ تي مجبور آهن. هاڻي ته حالت وڃي اتي بيٺي آهي جو زرعي پاڻي ته ٺهيو ماڻهن کي انهن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي .اها ڪا ڪنهن کان لڪل ڳالهه آهي ڇا ته پاڻي چوري جي ڪري سوين ايڪڙ زمين رکندڙ ماڻهو به پنهنجي ٻچن ۽ خاندان جي گذر لاءِ مزدوري يا هلڪو ڦلڪو ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن صوبي ۾ عوام سان زيادتي ٿئي ۽ پڇڙي وارن جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي ۽ ان ۾ ملوث به ڪامورا ۽ حڪمران پارٽي جا ماڻهو هجن ته پوءِ عوام ڪنهن در دانهن ڏيڻ وڃي.
پاڻي جي ورڇ ڪا ايڏي وڏي راڪيٽ سائنس ڪانهي جنهن کي مئنيج نه ڪري سگهجي پر اصل ڳالهه رڳو پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي نيت جي آهي جيڪا نه حڪمرانن ۾ نظر ٿي اچي نه ئي کاتو هلائيندڙ ڪامورن ۾ ،جنهن ڪري سڄي سنڌ هڪڙي احتجاج ۾ ورتل آهي.
اسان سمجهون ٿا ته پاڻي چوري هڪ طرف ڪيترن سکين ستابن خاندانن کي لاچار ۽ بيوس بڻائي ٿي ته ٻئي طرف ملڪي معيشت تي به ڪاري ضرب لڳائي ٿي تنهن ڪري اهو حڪمرانن جو فرض آهي ته پاڻي لاءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهن جو سڏ ورنائي پاڻي چوري روڪي ان جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ايئن نه ٿئي اڄ پاڻي لاءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهو سڀاڻي حڪمرانن خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *