تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

آبادي جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جون ذميواريون

ڏيل قومن جي تنظيم مختلف عالمي معاملن ۽ مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انهن جو مستقل حل ڪڍڻ لاءِ مختلف عالمي ڏهاڙا ملهائيندي آهي. 1987ع ۾ دنيا جي آبادي 5 ارب ٿيڻ تي گڏيل قومن هن اهم مسئلي تي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي . وڌندڙ آبادي سان وڏن شهرن توڙي ٻهراڙي جي علائقن تي هڪ دٻاءُ پوي ٿو. موجود وسيلن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ صحت سان گڏ ٻيا مسئلا به جنم وٺن ٿا. 11 جولاءِ 1989 کان گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام هر سال آبادي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو . 1994ع ۾ گڏيل قومن طرفان “آبادي ۽ ترقي” جي عنوان تي هڪ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ 179 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي پيدائش سان لاڳاپيل صحت جي مسئلن، جنسي برابري ۽ ٻين مسئلن تي بحث ڪيو ويو ۽ پائيدار ترقي لاءِ آبادي تي ضابطي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اسان پاڪستان ، ان جي آبادي ۽ مسئلن ۽ انهن جي حل تي هڪ نظر وجهنداسون. 1951ع ۾ پاڪستان جي پهرين آدمشماري ڪئي وئي. ان وقت اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي گڏيل آبادي 7 ڪروڙ 57 لک 40 هزار هئي. اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) جي آبادي 4 ڪروڙ ۽ 20 لک هئي جڏهن ته اولهه پاڪستان (هاڻوڪي پاڪستان) جي آبادي 3 ڪروڙ 37 لک 40 هزار هئي.
2017ع ۾ جيڪا آدم شماري ڪئي وئي ان مطابق پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 هئي. گڏيل قومن جي آبادي واري اداري جي آن لائن آبادي جي ايپ مطابق هن وقت پاڪستان جي آبادي 22 ڪروڙ 8 لک ۽ 92 هزار آهي.
پاڪستان ۾ شهري آبادي 35 سيڪڙو آهي جڏهن ته 65 سيڪڙو آبادي ٻهراڙي ۾ رهي ٿي. ڳوٺن مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جاري آهي ڇاڪاڻ ته وڏن شهرن ۾ روزگار ۽ تعليم جي وسيلا وڌيڪ هوندا آهن. ان ڪري ايندڙ سالن ۾ شهرن تي آبادي جو دٻاءُ وڌندو. شهري حڪومتن کي ان باري ۾ جامع رٿابندي ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ عورتن جي سراسري عمر 68.9 سال آهي جڏهن ته مردن جي سراسري عمر 66.8 سال آهي. اهڙي طرح گڏيل سراسري عمر 67.8 سال آهي.
2017ع ۾ سرڪاري طور تي ڪرايل آدمشماري ۽ آن لائن آبادي جو اندازو ڪندڙ ايپ جي آبادي ۾ هڪ ڪروڙ 31 لک 17 هزار 820 جو فرق آهي اهو تعداد ٽن سالن جو آهي جنهن کي ٽن سان ونڊ ڪنداسون ته اهو 606.6، 4،372 ٿيندو. ان جو مطلب اهو آهي ته اسانجي ملڪ جي آبادي ۾ هر سال اٽڪل 44 لک ٻارن جو واڌارو ٿئي ٿو جيڪو انتهائي ڇرڪائيندڙ انگ آهي. 2017ع جي آدم شماري مطابق هر صوبي / علائقي جي آبادي هيٺين ريت آهي (1) خيبر پختونخوا 371، 523، 30، (2) فاٽا 676، 001، 5، (3) پنجاب 442، 012، 110، (4) سنڌ 051، 886، 47، (5) بلوچستان 408، 344، 12، (6) اسلام آباد 572، 006، 2. اهڙي طرح پاڪستان جي ڪل آبادي 520، 774، 207 ٿئي ٿي. مردن جو تعداد 10 ڪروڙ 64 لک 49 هزار آهي ۽ عورتن جو تعداد 10 ڪروڙ 13 لک 14 هزار 780 آهي. جڏهن ته کدڙن جو ڪل تعداد 10 هزار 418 آهي، ڪراچي ڊويزن جي آبادي 521، 051، 16 آهي. ضلعي حيدرآباد جي آبادي 635، 592، 10 آهي. ملڪي ترقي جو دارومدار انساني آبادي سان لاڳاپيل آهي.
اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ساليانو 44 لک ٻارن جو واڌارو ٿئي ٿو. ان واڌاري جي ڪري ڪافي شيون متاثر ٿين ٿيون. اسان جي زرعي ۽ غريب ملڪ ۾ 65 سيڪڙو آبادي ٻهراڙي ۾ رهي ٿي جتي ننڍي عمر کان ٻار والدين سان ٻني جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيدا آهن، ان ڪري ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان گهٽ ڏنو ويندو آهي ۽ ٻارن کي معاشي سرگرمين ۾ شامل ڪيو ويندو آهي جيئن اهي والدين جي وڏي عمر ۾ سهارو بڻجي سگهن.
اڳ ۾ عورتون مردن سان گڏ ٻني ٻاري جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائينديون هيون. گهر جو ڪم به سڀ پاڻ ڪنديون هيون، اهوئي سبب هو جو اهي ان وقت خوش هئا. آبادي وڌڻ جي ڪري معاشي مسئلا پيدا ٿيا. جن ماڻهن جي ٿوري زمين هئي ته اها گهرن ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيائون ۽ ڪمائڻ لاءِ پريشان ٿيا. ڪافي ماڻهن ننڍن وڏن شهرن جو رخ ڪيو ۽ اتي آباد ٿيا. اهڙي طرح شهرن جي آبادي وڌي ۽ معاشي مسئلا توڙي امن امان ۾ پڻ خلل پيدا ٿيو.
غريب خاندان ٻارن جي تعليم تي گهٽ ڌيان ڏيندا آهن. انهن جي ٻارن مان اتفاق سان ڪي ٻار محنت ڪري پنهنجو نالو پيدا ڪن ٿا. نوڪرين وارا ملازم ۽ وچولي طبقي جا آفيسر ڪوشش ڪندا آهن ته انهن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪن. گذريل ٽن ڏهاڪن کان سرڪاري تعليم جو معيار آهستي آهستي گهٽ ٿيو آهي ۽ خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ واڌارو آيو آهي. اڪثر خانگي تعليمي ادارا انهن استادن ۽ آفيسرن جا آهن جيڪي سرڪاري تعليم کاتي سان لاڳاپيل هئا ۽ هينئر به آهن يا انهن جا اعليٰ آفيسر شاهي ۽ عوامي نمائيندن سان تعلق آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هر خانگي اداري جو نصاب الڳ آهي. جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ 50 اسڪول آهن ته انهن سڀني جو نصاب الڳ الڳ آهي. پڙهيل لکيل مائٽ ٻار کي بهتر تعليم لاءِ سٺي خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو. ان جو خرچ به وڌي ٿو.
اهڙي طرح جنهن گهر ۾ چار پنج ٻار آهن ۽ اهي سڀ پڙهن ٿا ته يونيورسٽي سطح تائين تمام گهڻو خرچ ٿئي ٿو. مائٽ اتي پهچي پريشان ٿئي ٿو. اهو مرحلو به گذاري وڃي ته ٻار کي نوڪري ملڻ جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو. 18 سالن تائين جن ٻارن ٻيو ڪو به ڪاروبار ڪونه سکيو اهي نوڪري نه ملڻ ڪري وڌيڪ پريشان ٿين ٿا.
صحت جي مسئلي تي اچون ته اسانجي اڪثر آبادي کي صحت جون بهتر سهولتون حاصل ناهن. کاڌ خوراڪ جي مسئلن جي ڪري نوجوان ڇوڪريون توڙي عورتون حمل سان ٿيڻ کان پوءِ خوراڪ جي گهٽتائي جو شڪار ٿين ٿيون جنهن جي ڪري پيٽ ۾ ٻار کي مناسب خوراڪ ڪونه ٿي ملي. اهڙي طرح کاڌي جي گهٽتائي جي ڪري ٻار توڙي ماءُ جي زندگي کي هر وقت خطرو هوندو آهي. ڪجهه حالتن ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ ٻار يا ماءُ يا ٻنهي جو موت ٿيو وڃي.
اسانجي اسلامي معاشري جي ڪري شادي کي نسل وڌائڻ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري اڪثر ماڻهو خانداني ڀلائي جي مختلف ٻار روڪ طريقن کي نٿا مڃين. عورتن جي تعليم جي ڪري هاڻي آهستي آهستي تبديلي اچي پئي. ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ سوچڻو پوندو. ٻارن جي تعداد وڌڻ سان مسئلا وڌندا. ان ڪري معاشري جي هر فرد کي ذميواري جو ثبوت ڌيڻو پوندو. ڇوڪرين جي بهتر تعليم ۽ تربيت جو خاص خيال رکڻو پوندو.
اسانجي حڪومت کي گهرجي ته تعليم جو هڪ نصاب پوري ملڪ ۾ رائج ڪري. خانگي ادارن کي به پابند بنائي ته هو به هڪ ئي نصاب استعمال ڪن. تعليم کي صنعت نه سمجهيو وڃي. ننڍن شهرن ۾ به معياري تعليمي توڙي صحت جا ادارا هجن ته جيئن گهڻي آبادي کي لڏپلاڻ کان بچائي سگهجي. افغان پناهگيرن کي واپس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي. وڌندڙ آبادي جي کاڌ خوراڪ لاءِ قانون جوڙيا وڃن ته جيئن زرعي زمين وڪڻي رهائشي ٽائون نه جوڙيا وڃن.
جابلو ۽ غير آباد علائقن ۾ رهائشي منصوبا جوڙيا وڃن. خانداني منصوبابندي کي بهتر بڻايو وڃي. اسانکي گهرجي ته ٻين سرگرمين ۾ پنهنجو وقت استعمال ڪريون ۽ آبادي کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ عملي قدم کڻون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *