تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

آئسوليٽ ٿيل سياستدان ۽ ڪامورا، مسئلن ۾ وڪوڙيل عوام

دادو ضلعي ۾ تقريبن ست اٺ مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿيندو جو دنيا ۾ آيل وبا ڪورونا جي ڪري معاشي ڪاروبار، روز مره جي انساني ڪارونهوار، سماجي اٿ ويهه متاثر ٿيا آهن ۽ ماڻهو عملي مفلوج ٿي ويا آهن ۽ مٿان وري مسلسل لاڪڊائون جي ڪري بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن سان گڏ هر قسم جو ڪاروبار ڪندڙ، واپاري، پورهيو ڪندڙ ۽ عام ماڻهن جي ذهنن ۾ بيزاري پيدا ٿي پئي آهي اتي وري عوام جي خدمت لاءِ قائم ادارا،مڪاني توڙي انتظامي سڀئي مفلوج بڻيل هجن ته ماڻهن جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو.ايئن ٿو لڳي ڪورونا جي ڪري اهي ڪامورا به آئسوليٽ ٿيل آهن رڳو ڪامورا نه پر انهن سان گڏ ضلعي جا سياستدان پوءِ اهي سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پ پ پ جا ضلعي مان چونڊيل نمائيندا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز هجن اهي به ڄڻ آئسوليٽ ٿيل آهن. انهن ۾ ايم اين اي رفيق احمد جمالي هجي ياايم اين اي عرفان ظفر لغاري هجي يا ايم اين اي مسرت رفيق مهيسر هجي، ايم پي اي صالح محمد شاه هجي، ايم پي اي پير مجيب الحق ، ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو يا وري ايم پي اي فياض علي ٻٽ هجي يا وري پ پ پ مخالف وفاق ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي جا اڳواڻ اڳوڻو وفاقي وزير لياقت علي جتوئي، اڳوڻا ايم پي ايز صداقت علي جتوئي، احسان علي جتوئي دادو ضلعي جو اڳوڻو ناظم ڪريم علي جتوئي هجي،اهي به ايئن گم آهن ڄڻ انهن جو عوام سان ڪو واسطو ئي ناهي ۽ پنهنجي پنهنجي ووٽرن ۽ تڪن جي عوام کان پري آهن انهن مان ڪنهن به ان وبائي صورتحال ۾ عوام جو ڀرجهلو ٿي نه ڪا سرگرمي ڪئي آهي نه ئي ڪا سياسي سماجي سرگرمي ۾ حصو ورتو آهي.  
تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي ۽ سندس ڀائرن تي ايتري ميار نه ٿي ٺهي ڇو جو هو نه سنڌ حڪومت ۾ ته آهن نه وري وفاق ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي تحريڪ انصاف يا ان جي اڳواڻ عمران خان پاران کين ڪا ايڏي موٽ ملي سگهي آهي جو هو حڪومتي يا رياستي سطح تي دادو ضلعي جي عوام۽ پنهنجي ووٽرن کي ڪو رليف ڏياري سگهن. ذاتي طور پنهنجي ۽ پنهنجي دوستن معرفت انهن ڪا خوراڪ فراهم ۽ مالي مدد ڪنهن جي ڪئي آهي ته اها به محدود ٻڌائي پئي وڃي. ميار آهي ته پ پ پ تي ۽ دادو ضلعي مان چونڊيل نمائيندن پوءِ اهي قومي اسيمبلي جا هجن يا صوبائي اسيمبلي جا ميمبر هجن ضلعي ميونسپل ڪاميٽي ٽائون ڪاميٽي يونين ڪائونسل جا منتخب ٿيل چيئرمن هجن يا ميمبر هجن. انهن سنڌ ۾ حڪومت هوندي عوام کي ڪو وڏو رليف نه ڏياريو آهي جيڪو رليف ڊي سي دادو ايس ڊي ايم ۽ مختيار ڪار بلدياتي ادارن جي چيئرمنن معرفت رياست جي ڪروڙين روپين جي ماليت جو ڄاڻائي روز مره جي کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ اٽو چانور گيهه کنڊ چانهه ۽ گرم مصالحن جا ڪٽا ٺاهي عوام کي ڏنا ويا آهن اهي به اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهن کي ڏنا ويا آهن. اهو کاڌ خوارڪ جو سامان هڪ هزار کان پندرنهن سو روپيا ياوڌ ۾ وڌ 2هزار جو هوندو ۽ عوام سوچي ته سنڌ تي حڪومت ڪندڙ پ پ پ جيڪا سرڪار پاران مدد ڪئي آهي اهو کاڌي جو راشن في خاندان جي هڪ هفتي جو هيو ۽ عوام گذريل ست اٺ مهينن کان لاڪ ڊائون سمال لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگاري ۽ ڪاروبار بند هجڻ محنت مزدوري بند هجڻ ڪري ڪهڙي مشڪلاتن ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ان جو احساس سماج ۾ ان ماڻهو کي ٿيندو هوندو جنهن جي گهر جي چلهه نه ٻرندي هوندي ۽ معصوم ٻچا ٻار بک سبب ماني ڳڀي ۽ ڀت جي گرهه لاءِ روئيندا هوندا ۽ سندن ماءُ پيءَ بيوس هوندا ته ان ڏکي گهڙي ۾ سندن وٽ به ڪجهه ناهي ۽ ووٽ وٺي اقتدار ماڻيندڙ سياستدانن مان به ڪو سندن مدد گار ۽ واهرو نه ٿيو آهي جو هو پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي پيٽ جي بک اجهائي سگهن. دادو ضلعي جو عوام سياستدانن جي آئسوليٽ ٿيڻ ڪري ننڌڻڪائي جو شڪار بڻيل آهي پر سندن شهرن ڳوٺن جي بلدياتي ادارا جن وٽ هر مهيني لکين ڪروڙين روپيا بجيٽ اچي ٿي انهن جي به ڪارڪردگي بهتر ناهي هر مهيني وڏي بجيٽ اچڻ باوجود شهرن ۽ ڳوٺن جو عوام پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي کان محروم آهن پر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائي سٿرائي جو هن وبائي صورتحال ۾ ڪو بهتر نظام ناهي.
دادو ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن دادو جوهي ڦلجي اسٽيشن واهي پانڌي سيتا روڊ ڪڪڙ خيرپور ناٿن شاه ميهڙ راڌڻ ٿرڙي محبت فريدآباد جي حالت ڏسون ٿان ته روڊن تي گند ڪچري جا ڍير پيل نظر اچن ٿا. روڊن تي ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ شهرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا اکڙيل ۽ تباهه نظر اچن ٿا بجلي ۽ گئس ته اڻلڀ بڻيل آهي ۽ انهن مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ بلدياتي ادارا پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو ۽ سنڌ حڪومت هر مهيني ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿي پر پوءِ به عوام پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي جي اڻ هوند صفائي سٿرائي جي ابتر صورتحال روڊ رستا نه هجڻ ڊرينيج جي گندي پاڻي جي نيڪال نه هجڻ واري صورتحال ۾ ڦاٿل آهي. هن ڏکئي مرحلي۾ عوام پنهنجي تڪن جي سياستدانن جي آئسوليٽ ٿي ڪٽجي ويهڻ ڪري پاڻ کي بيواهو ۽ ننڌڻڪو محسو س ڪري ٿو اتي سرڪاري ادارن جي ڪامورن جي نا اهلي ۽ آئسوليٽ ٿيڻ ڪري پنهنجي ذميواري نه نڀائڻ ڪري عذاب ۾ زندگي گذاري رهيو آهي جنهن جو ڪو سرڪاري۽ سماجي طور واهرونه آهي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *