تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

آءِ جي صاحب رڳو اعتراف ڪافي ناهي

ڪورونا ،مهانگائي،بيروزگاري جي جهان ۾ امن امان ڄڻ سڀني کان وسري ويو هو،ڪنهن جو انهي طرف ڌيان نه هو ،جڏهن ته بدامني جو جنم ٿيندو ئي بيروزگاري ،غربت ۽ مهانگائي جي بطن مان آهي ،جڏهن ملڪ ۾ اهي ٽئي شيون لامارا ڏئي رهيون هيون تڏهن ئي حڪومتن جي ٿنڪ ٽينڪ ۽ پاليسيون جوڙيندڙن کي انهي پاسي ڌيان ڏئي انهي کي اتي ئي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ها پر انهي پاسي ڌيان نه ڏيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو معاملو ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ لڳو تڏهن وڃي حڪومت ان کي پنهنجي ايجنڊا جو حصو بڻايو آهي. ڪجهه مهينن کان وڌندڙ وارداتون اخبارن ۽ ميڊيا ذريعي ته عوام آڏو اينديون رهيون آهن پر ڪالهوڪي ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ پوليس جو اعتراف صورتحال جي سنگيني ٻڌائي رهيو هو.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته صوبي ۾ ڀتاخوري ۽ اغوا جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي. گذريل سال ڀتاخوري جا 75 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته هن سال جي 7 مهينن ۾ ئي 106 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن انهي کانسواءِ موالين ذريعي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن جي رپورٽ به بابت به ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته پوليس مقابلن ۾ واڌ پڻ اهو اشارو ڪري رهي آهي ته ڏوهاري وڌيڪ سرگرم ٿيا آهن. اتر سنڌ ته اغوا وارداتن جو اڏو ٿيندو پيو وڃي. سنڌ ۾ وڏين ڪوششن کان پوءِ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي هئي ۽ انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوليس جي بهتر ڪردار ۽ قربانين جي ڪري ئي اهو ممڪن ٿي سگهيو ته پوءِ جڏهن انهن ڪوششن جي ڪري قائم ٿيل امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي يا اها ساڳئي پوليس ۽سنڌ حڪومت هوندي خرابي ڪٿي پيدا ٿي آهي جو سنڌ جو امن هڪ ڀيرو ٻيهر داءُ تي لڳل آهي.
ڪجهه وقت اڳ تائين سنڌ پوليس کي مالي حوالي سان ايتريون سهولتون نه هيون جو هو پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهن يا پنهنجي گهرجن جو پوراءُ ڪري سگهن پر هاڻي ته گهڻي حد تائين سندن اهي معاملا بهتر ٿي ويا آهن ،ويلفيئر فنڊ کان وٺي انهن جي پگهارن تائين،ڏکين علائقن ۾ ڊيوٽين جو الڳ الائونس،زندگي جو ڪو ملهه ناهي پر شهادت جي صورت ۾ وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا ۽ نوڪري ،ڏوهارين کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد هٿيارن سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال،اهي سڀ اهي سهولتون آهن جيڪي عوام کي سک جي ننڊ سمهڻ لاءِ عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان پوليس کي ڏنيون وڃن ٿيون جيئن هو امن امان جي صورتحال کي قابو ۾ رکي سگهن. انهي کانسواءِ اڳ وليز جيپ تي هلندڙ پوليس جو ڪماني هاڻي لينڊ ڪروزر ۽ اي سي واري گاڏي کان هيٺ پير پٽ تي نه ٿو رکي،اهي سڀئي سهولتون ڳڻائڻ جو مقصد اهو آهي ته اڳ جيڪا پوليس پنهنجي اسٽيشنري وٺڻ لاءِ پريشان هوندي هئي انهي کي هاڻي مالي طور ڪيتريون سهولتون مليل آهن توڙي جو اهي ڀلي اڃان تائين مڪمل نه هجن پر ڪنهن حد تائين اطمينان جوڳيون ضرور آهن،جيڪڏهن انهي هوندي بهتر ٿيل امن امان جي صورتحال وري خراب ٿيڻ شروع ٿئي ته ان جو هڪڙو ئي مطلب نڪري ٿو پوليس يا ته پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪري رهي آهي يا وري ڪٿي نه ڪٿي پوليس جا ڪجهه ڪردار ڏوهاين سان مليل آهن.اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته جڏهن اغوا جون وارداتون وڌن ۽ ڏوهاري ٽولا سرگرم ٿين ته انهن کي اهڙن علائقن ۾ اهي ڳرا ۽ جديد هٿيار پهچن جتان لنگهڻ پوليس جي مرضي کانسواءِ ممڪن ئي نه هجي. انهي کانسواءِ پوليس پراسيڪيوشن جو معاملو به آهي اهو ايترو ته ڪمزور آهي جو ڄڻ ته اهو ڪم ئي ڏوهارين کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي جنهن ڪري اڄ تائين پوليس پراسيڪيوشن سبب ڪنهن ڏوهاري کي سزا تائين پهچائيندي ڄڻ ممڪن ئي نه هوندو آهي .
اسان سمجهون ٿا آءِ جي صاحب جو ڪابينا جي اجلاس آڏو ڏوهن ۾ واڌ جو اعتراف سٺي ڳالهه آهي پر رڳو اعتراف ڪافي ناهي ،انهن ڏوهن جي واڌ جي سببن تي به ڳالهائڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪمزورين ڪوتاهين کي درست ڪرڻو پوندو۽ امن امان جي صورتحال تڏهن بهتر ۽ برقرار رهي سگهي ٿي جڏهن پوليس اهي سڀئي سبب ختم ڪرڻ لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *