تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

9 مئي 1979ع

حبيب الغانين ايران ڄائو يهودي بزنيس مين هو، جيڪو گهڙيون، اليڪٽرونڪس جون شيون، ڪپڙا وغيره ايران امپورٽ ڪندو هو، ٻي عالمي ويڙهه جي پڄاڻي تائين سندس اثاثا هڪ ملين ڊالرز کان وڌيڪ هئا. 1959ع ۾ هو ايراني يهودي ڪميونٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن ايران جي غريب يهودي ڪٽنبن جي سهائتا لاءِ فلاحي ادارو پڻ قائم ڪيو. حبيب الغانين اسرائيل به ايندو ويندو رهندو جتي پڻ سندس ڪاروبار هو. هن تهران ۾ هڪ گهر پڻ خريد ڪيو جيڪو اڳتي هلي ايران م اسرائيلي سفارتخاني ۾ تبديل ٿي ويو. 1978ع ۾ جڏهن شاهه ايران خلاف مظاهرا تيز ٿيا ته الغانين امريڪا ۾ هو، سندس دوستن کيس ايران واپس اچڻ کان منع ڪيو، پر هو اسرائيل مان ٿيندو ايران هليو آيو. جتي انقلاب بعد شاهه جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي. کيس گرفتار ڪيو ويو، ٻن مهينن تائين ڪيس هلائي کيس جاسوس ۽ غدار قرار ڏيئي فائرنگ اسڪواڊ وسيلي موت جي سزا ڏني وئي. انهي واقعي بعد ايراني يهودين ۾ عدم تحفظ جو شديد احساس پيدا ٿيو ۽ اٽڪل هڪ لک ايراني يهودي ملڪ ڇڏي ويا.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *