تازا ترين
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

9 سيپٽيمبر 1845

آئرلينڊ ۾ 9 سيپٽيمبر کي دي گريٽ هنگر (وڏي بک) جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.1845 ۾ آئرلينڊ جي فصلن ۾ هڪ فنگس پکڙجي ويو.ڪيترائي فصل ان خطرناڪ فنگس جي ور چڙهي ويا ۽ زراعت مڪمل طور تباهه ٿي وئي.ان فنگس کي فائٽوپٿورا انفيسٽينس جو نالو ڏنو ويو.پٽاٽن جي اها بيماري آئرلينڊ ۾ پکڙجڻ کان پوءِ پٽاٽن مان تيار ٿيندڙ سڀ شيون مهانگيون ٿي ويون ۽ غريب عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويو.هن فنگس جو خاتمو 1852 تي آندو ويو پر تيستائين آئرلينڊ معاشي طور تي ڪنگال ٿي چڪو هو. بک ۽ بدحالي ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي لڏي ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا.دي گريٽ هنگر ۾ غريب ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ۽ ان وقت جي حڪومت منصوبه بندي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.جنهن جي ڪري عوام جو وڏو تعداد عدم غذائيت تحت مختلف بيمارين وگھي فوت ٿي ويو. ان سانحي کان پوءِ حڪومت غريب ماڻهن جا مجسما يادگار طور ٺهرايا جيڪي آئيرلينڊ ۾ هن وقت به موجود آهن.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *