تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

9 جولاءِ 1982ع

اڄوڪي ڏينهن تي امريڪا جو مسافر بردار جهاز پين اي ايم 759 جيڪو ميامي کان سان ڊياگو وڃي رهيو هو سو نيو اورليانز ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن سبب جهاز ۾ سوار سمورا 145 مسافر توڙي جهاز ڪرڻ واري هنڌ 8 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. جهاز جي اڏام کان اڳ ئي موسم جي خرابي جي اڳڪٿي ڪئي وئي جنهن ۾ طوفان جو خدشو پڻ شامل هو، جهاز جيئن ئي رن وي تان اڏام ڀري ته ان وقت انتهائي تيز هوائون هلي رهيون هيون. جهاز فضا ۾ 150 فوٽن تائين بلند مس ٿيو ته هيٺ اچڻ لڳو، ڪجهه ئي دير ۾ رن وي کان پريان رهائشي علائقي ۾ وڻن ۽ گهرن سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو. مشافرن کي بعد ۾ لکين ڊالرن جي معاوضي جي ادائگي ڪئي، 80ع واري ڏهاڪي ۾ اهو امريڪا جي هوابازي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏن حادثن منجهان هڪ هو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *