تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

8 لک مهاڻن جو روزگار داءُ تي لڳل! …نقاش علي

جتي روزگار ڏيڻ جا روز روز واعدا ڪيا ٿا وڃن. جتي هر ان نياڻي کي انصاف نه مليو هجي، جنهن کي بي دردي سان لڄالٽ ڪري قتل ڪيو ويو هجي. جتي هر ان معصوم جي خون جا ثبوت گم ڪيا وڃن ۽ اهڙا سنگين گناه ڪرڻ وارا وحشي درندا کليل گهمندا هجن، جتي عدالت مان انصاف جو ڏيئو اجهامي ويو هجي، جتي قانون ڏهارين جي رکوالي ڪندو هجي، جتي معصوم ٻار ڪتابن ۽ قلم جي بدران هٿ ۾ ڪٽوڙا کڻي پنندا هجن، جتي هڪ بي وس ماءُ پنهنجي ٻارن جي پيٽ ڀرڻ خاطر پنهنجو جسم گوشت خورن جي حوالي ڪندي هجي، جتي هر بيان ۾ ايئن لڳندو هجي، ته اجهو ٿي غريبي ختم ٿي، اجهو ٿو ملڪ خوشحالي جي طرف وڃي، اجهو ٿيون هڪ ڪروڙ نوڪريون ملن، اجهو ٿو ملڪ جو سڄو قرض لهي وڃي، اجهو ٿي هر طرف ساوڪ ٿئي، اجهو ٿو ملڪ ترقي ڪري، اجهو ٿو تعليمي معيار بهتر ٿي، اجهو ٿيون نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن، اجهو ٿا فارين مان شاگرد پڙهڻ اچن، اجهو ٿي مهانگائي گھٽجي، اجهو ٿو هر گنهگار جوابدارن کي سزا ملي، اجهو ٿا 5 لک بي گهرن کي گهر ملن، انهن سڀني غير عملي عملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪو نه ڪو اهڙو عمل ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ملڪي عوام ذهني طور مصروف ٿي وڃي. يا اهڙا واقعا هٿرادو ڪرايا ويندا آهن جيڪي لائق غور هجن. يا فرقه واريت ۾ اسلامي اسڪالرن کي وڙهايو ويندو آهي. انهن سڀني خوابن جي تعبير ۽ انهن سڀني ڏوهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ جيڪا ھينئر وفاق حڪومت سوچي رهي آهي، اهي آهن سمنڊ جا ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ جتي ننڍا وڏا شهر اڏجڻ وارو ڪم باقي رهيل آهي. 5 لک بي گهرن کي گهر ته نه مليا نه ئي 1 ڪروڙ ماڻهن کي روزگار مليو، پر 8 لک انهن غريب مهاڻن کان روزگار ڦرڻ جو منصوبو تيار ڪيو پيو وڃي.
سنڌ سرڪار ۽ اتي جي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ منصوبا جوڙيا پيا وڃن. سنڌ جي سمنڊ ۾ تقريبن ننڍا وڏا 300 ٻيٽ آهن. ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ جي ڀرسان تمر جا ٻيلا ۽ جهنگن جون نرسريون موجود آهن. اهي ٻيٽ شايد وفاق حڪومت جي ذهن مان نڪري ويا آهن، ته اهي ٻيٽ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ وزارت ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي کي سنڌ جي ملڪيت ڪرار ڏنو ويو هو. جڏهن ڪراچيءَ تي وفاق قبضو نه ڪري سگهي ته هاڻي ان جي نظر سنڌ جي سامونڊي انهن ٻيٽن تي آهي، جيڪي انڊس ڊيلٽا جو حصو آهن. جڏهن ته انڊس ڊيلٽا کي 10 ايم اي ايف پاڻي گهربل هو. اهو پاڻي ته نه مليو پر اتي شهر آڏڻ جا منصوبا پيا جوڙيا وڃن. وفاق حڪومت کي اهو سوچڻ گهرجي ته انهن ٻيٽن جي وسيلي 8 لک مهاڻن جو روزگار جڙيل آهي. جن جو روزگار اهي سامونڊي ٻيٽ آهن. انهن ٻيٽن جي وجه سان جيڪا سامونڊي صاف سٿري ماحوليات آهي، اها تباه ٿي ويندي. انهن ٻيٽن تي موجود جاندار مخلوق پڻ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندي. وفاق جو شهر اڏڻ جو فيصلو مهاڻن جي روزگار لاء ته هاڃيڪار ثابت ٿيندو پر اهو فيصلو ملڪ جي آئن جي به بر طرف آهي. اهو فيصلو گڏيل قومن جي مختلف ڪنوينشن معاهدن جي پڻ ڀڃڪڙي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن. وفاق جي چوڻ مطابق پاڪستان آئي لينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي شهر اڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مطلب ته جيڪي به 1050 ڪلو ميٽر تي جيڪي به سامونڊي ٻيٽ آهن انهن تي به قبضو ڪيو ويندو. جيڪو غير جانبدار عمل ٿيندو. اهي ٻيٽ سنڌو مان وهندڙ مٽي مان ٺهيل آهن. وفاق پنهنجي قبضي جي شروعات ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي جي ٻيٽن سان ٿي ڪرڻ چاهي. سنڌو جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ ناممڪن آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *