تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

7 مئي 1960ع

مئي 1960ع ۾ ان وقت عالمي سفارتي بحران ڪر کنيو جڏهن سوويت يونين دعويٰ ڪئي ته هنن امريڪا جي جاسوس جهاز يو- 2 کي روس جي حدن اندر ڪيرائي سندس پائلٽ فرانسس گيري پاورس کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان واقعي کانپوءِ امريڪي صدر آئزن هاور کي اعتراف ڪرڻو پيو ته سي آءِ اي ڪيترن ئي سالن کان سوويت يونين ڏانهن جاسوس مشن موڪلي رهي هو. روس پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پائلٽ گيري پاورس کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي پر هو فقط ٻه سال سزا ڪاٽي سگهيو. ان دوران امريڪا ۾ گرفتار ٿيل روسي ايجنٽ جي آزادي بدلي گيري پاورس کي آزاد ڪيو ويو. سوويت يونين جي ڄاڻ ۾ اهي جاسوس جهاز هوندا هئا پر اهي ايتري اوچائي تي هوندا هئا جو انهن کي نشانو بڻائڻ ممڪن نه هو، نيٺ سوويت يونين زمين کان فضا ۾ ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيل تيار ڪري امريڪا جاسوس جهاز کي ڪيرائي وڌو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *