تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

7 اپريل 1955ع

اڄوڪي ڏينهن تي برطانوي وزير اعظم سر ونسٽن چرچل برطانيه جي وزارت عظميٰ واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ونسٽن چرچل جي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1900ع ڌاري ٿي، جڏهن هو ڪنزرويٽو پارٽي پاران پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو، بعد ۾ هن پارٽي پاليسين سان اختلاف رکندي لبرل پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1940ع ۾ هو پهريون ڀيرو وزيراعظم وري ڪنزرويٽو پارٽي تان ٿيو ۽ ٻي عالمي ويڙهه ۾ مخلوط حڪومت جي اڳواڻي ڪئي. ان پوري عرصي ۾ سندس بهادري واري ڪردار پوري برطانوي قوم کي متاثر ڪيو. ويڙهه جي خاتمي تي مخلوط حڪومت ٽٽي وئي ۽ هن 1945ع ۾ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني. پر ستت ئي برطانوي بادشاهه پاران کيس عبوري حڪومت جون ذميواريون ڏنيون. ونسٽن چرچل کي جنگ جي دور جو وزير اعظم تصور ڪيو ويندو هو، ان ڪري امن جي ڏينهن ۾ هن جي مقبوليت نه رهي ۽ هن چونڊن ۾ زبردست شڪست کاڌي. بعد ۾ هو ٻيهر 77 ورهين جي عمر ۾ وزير اعظم ٿيو، پر پوءِ اڄوڪي ڏينهن تي هن صحت جي خرابيءَ سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *