تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

51 هين ورسي جي حوالي سان … حاجي احمد ملاح هيڪڙائي حق جو وڏي ۾ وڏو مبلغ … محمد موسيٰ جوکيو

حاجي احمد ملاح گھڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو. سندن شخصيت تي لکڻ لاءِ اسان کي تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻي پوندي ، جيئن اسان کي پروڙ پوي ته انهن ماڻهن ڪهڙن مشڪل ترين دورن ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪئي. قدرت جي سڀني نعمتن سان مالا مال آهي. انهي ڪري هن ڌرتي جا رهواسي سدائين خوشحال ماڻهو ۽ سدا سٻاجهڙا رهيا آهن. انهن تي هميشه دنيا جي حريص، مڪار ، فريبي ماڻهن جون غاصبانا نظرون هونديون آهن. موهن جي دڙي جي وقت کان اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا ماڻهو اهي پيڙاهون ڀوڳيندا رهيا آهن. دنيا جو مشهور سياح، البيروني ، جنهن سڄي دنيا جو سير وسفر ڪيو آهي. انهي پنهنجي مشهور سفرنامي ۾ لکيو آهي ته : “ سڄي دنيا ۾ واحد سنڌ ملڪ آهي. جتي مسافرن کي ماني اجهو مفت مهيا ٿئي ٿو ” البيروني اڳتي لکي ٿو ته “اهڙا ملڪ جنهن جا ماڻهو اهڙا فراخ دل هجن، اهي پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا آهن. هميشه سازشن مڪارين ، ٺڳين ۽ منافقين جو شڪار ٿيندا رهندا آهن”.
مولوي حاجي احمد ملاح جو هڪ اهڙي مڪتبه فڪر سان واسطو هو. جنهن جو برصغير جي تاريخ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اهو مڪتبه فڪر آهي“ مظهردالعلوم ديوبند” جنگ آزادي جي تحريڪ ۾ مظهردالعلوم جي عالمن جو تمام وڏو حصو رهيو آهي. دارالعلوم جو ناظم حضرت مولانا حسين احمد مدني هندستان جي مسلمانن جي وڏي ۾ وڏي جماعت جمعيت العلماءِ هند جو صدر به رهيو آهي . هندستان ۾ آزادي جي حساب سان جيڪي مشهور تحريڪون هليون جن ۾ خلافت تحريڪ، ريشمي رومال واري تحريڪ ۽ ٻين تحريڪن ۾ جمعيت العلماءِ هند جي عالمن جو ڪليدي رول رهيو آهي. اسان جي سنڌ ۾ به مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارا، مولانا عبدالحق رباني ، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ حضرت مولانا حاجي احمد ملاح جو ڪردار تاريخ جو سونهري باب آهي. مولوي حاجي احمد ملاح صاحب انگريزن جي دور ۾ انهن تحريڪن جي عتاب ۾ جيل به ڪاٽيو.
مولوي حاجي احمد ملاح جو جيڪو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي. اهو آهي شرڪ جي خلاف اعلان جنگ، وهم پرستي، قبر پرستي، نام نهاد پيري مريدي خلاف اعلان جهاد، مولوي صاحب سڄي زندگي انهي محاذ تي دليري سان وڙهيو . اهو اهڙو دور هو جڏهن پيري مريدي خلاف هڪ لفظ ڳالهائڻ به جرعت جو ڪم هو. پر مولوي صاحب پنهنجن مختصر ساٿين سان گڏجي پيري مريدي جي شيش محل کي پٿر هڻي ڀورڀور ڪري ڇڏيو.مولوي صاحب جي سّٿ جو هڪ ٻيو ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي پيري مريدي کي هڪ مهلڪ مرض سمجهي انهي جي خلاف ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. ڏيپلائي صاحب مرشد جي ڪن، نڪ کان وٺي هر عضوي تي ڪتاب لکيو ، انهي کان علاوه پيري مريدي سان واسطو رکندڙ هر موضوع تي سون جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن سنڌ ۾ تمام گهڻي سجاڳي آندي.مولوي صاحب جو ٻيو ساٿي جيڪا سنڌ ۾ نهايت قابلِ احترام شخصيت آهي. اهو هو مولانا عبدالحق رباني هو به پيري مريدي جي خلاف تمام گهڻو سرگرم رهيو. هن تي به مرشدن جي طرفان دڙڪا دهمان به ٿيا. پر هو ڪنهن جي به عتاب ۾ نه آيو ۽ سدائين سرخرو رهيو.
مولوي احمد ملاح جيڪو جسماني طور ضعيف ۽ ڪمزور هوندو هو ۽ هن جي دوستن جو به محدود حلقو هوندو هو. پر تنهن هوندي به سڄي زندگي پنهنجي عظيم مقصد خاطر سدائين حالت جنگ ۾ رهيا. هن جو مخالف طبقو پيسي پرور، ماڻهن جي گهڻائي ۽ سرڪار جي سرپرستي هيٺ هو. پر مولوي صاحب حق ۽ سچ تي هو. ۽ هن جي اڳيان ڪابه وڏي رڪاوٽ جٽا ڪري نه سگهي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جو نظريو عام آهي. ۽ باطل نظريه رد ٿي چُڪا آهن. ڪو دور اهو به هو جو وهابي لفظ دشمن لاءِ للڪار هئي . ڪن لاءِ گار به هئي. ته وري ڪن لاءِ هڪ اعزاز هو . انهي وقت مولوي صاحب جي ماڙي وهابين جي درسگاهه ۽ اڪيلي مسجد هئي. اڄ جي دور ۾ مولوي صاحب جا معتقد ڪنهن وڏي گادي نشين جي مريدن کان گهڻائي ۾ آهن. اڳتي هلي گادي نشينن جا نشان رهن يا نه رهن. پر مولوي حاجي احمد ملاح جو نالو قيامت تائين زنده جاويد رهندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *