تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

5 اپريل 1999ع

اڄوڪي ڏينهن تي اٽڪل ٻن ڏهاڪن کانپوءِ انهن ٻن لبيائي باشندن کي هالينڊ جي حوالي ڪيو ويو، جن مٿان الزام هو ته هنن پين امريڪن فلائيٽ 103 ۾ بم فٽ ڪيا، نتيجي ۾ اها جهاز اسڪاٽ لينڊ جي مٿان فضا ۾ تباهه ٿي ويو هو ۽ 270 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هئا. انهي واقعي کانپوءِ گڏيل قومن پاران لبيا جي مٿان ڪيتريون ئي پابنديون لڳايون ويون هيون، جيڪي لبيا پاران ٻن ڏهاڪن کانپوءِ جوابدار حوالي ڪرڻ تي کنيون ويون. اهي ٻه جوابدار عبدالباسط الميگراهي ۽ الامين خليفه هئا، جيڪي لبيا حڪومت جا ايجنٽ قرار ڏنا ويا هئا. انهن ٻنهي کي هالينڊ پهچائڻ لاءِ غير معمولي انتظام ڪيا ويا هئا. جهاز هادٿي واري معاملي تي امريڪا ۽ لبيا وچ ۾ سخت سفارتي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ تڪراري نقطو اهو به هو ته ملزمن مٿان اسڪاٽ لينڊ ۾ ڪيس هلايو وڃي يا امريڪا ۾- بعد ۾ ڏکڻ افريڪا ۽ سعودي عرب جي مداخلت ۽ امريڪا ۽ برطانيه پاران ڌمڪين بعد لبيا معاهدي تي راضي ٿيو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *