تازا ترين
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

4 سئو سالا قديم پپر جتي نادر شاهه لشڪر سميت ڊاٻو ڪيو هو ….پروفيسر بشير احمد جانوري

ننڍي ھوندي ھڱورجا ايندي ۽ ويندي گرمي وارن ڏھاڙن ۾ ان پپر ھيٺان آرامي ٿيندا ھئاسين، پپر تمام ڊگھو ڪشادو ۽ ھوادار ھوندو ھو، جنھن بنياد تي ڪافي مسافر پڻ ھن تاريخي پپر ھيٺان ترسي شام جو پنھنجي پنھنجي منزلن ڏانهن روانا ٿيندا ھئا. ھن پپر بابت مختلف روايتون ٻڌڻ لاءِ ملنديون ھيون، وڏڙا ٻڌائيندا ھئا ته ڪنھن زماني ۾ ھندستان جو بادشاهه ھن پپر ھيٺان لشڪر سميت تنبو ھڻي ڪافي ڏينھن تائين ترسيل رھيو پر ھو ان بادشاهه جو نالو ۽ ڪھڙي سن ۾ ھتي آيو، ان بابت ٻڌائڻ کان قاصر ھئا. آئون جيئن ته تحقيق جو شاگرد رھيو آھيان، ان ڪري ان ڏند ڪٿا جي ثابتي حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخ جا مختلف ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيم. جنت السنڌ کان ويندي تاريخ معصومي ۽ تاريخ مظھر شاھجھاني تائين ڪٿي به اھڙي ثابتي نه ملي سگھي.آخر ڊاڪٽر عطا محمد حامي جو ڪتاب “خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو” پڙھيم ته اھا تاريخي ثابتي ملي وئي.
ڊاڪٽر حامي جي ان ڪتاب پڙھڻ بعد معلوم ٿيو ته ھن تاريخي پپر ھيٺان ھندستان نه پر ايران/ افغانستان جو بادشاهه نادر شاهه ترسيو ھو. ڊاڪٽر عطا محمد حامي لکي ٿو ته “ديهه سيٺارجا، تعلقي ميرواهه ۾ ڀنڀرن جي ڳوٺ ڏانھن ويندي ھڪ پراڻو پپر نظر ايندو، جنھن بابت چيو وڃي ٿو ته ان جي ھيٺان نادر شاهه منزل ڪئي ھئي. ان ڏينھن کان وٺي ان پپر کي سماج وارو پپر سڏيندا آھن”. (خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو صفحو 20).
نادر شاهه 1739 عيسوي ۾ ھندستان تي ڪاهه ڪئي ۽ مختلف هنڌن تان گذرندي ھن تاريخي مقام تي پھتو. ھن وقت ھي پپر ديهه رڪراڻي تعلقي سوڀيديري ۾ واقع آھي. ھن پپر کي سماج وارو پپر ان ڪري سڏجي ٿو جو ھو سماج مائينر جي ڪپ تي واقع آھي. ھي تاريخي پپر، “تار واري سڙڪ” جي ڪناري تي واقع آھي، جنھن جو ذڪر به ڊاڪٽر عطا محمد حامي ڪيو آھي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته “ان پپر جي اتر ۾ سڏ کن پنڌ تي ھڪ دڙو آھي، جنھن کي شير شاهه جا مسافر خانا سڏيو وڃي ٿو، اھو دڙو پراڻي شاھراهه عرف تار واري سڙڪ جي ڪناري تي آھي”.
ڊاڪٽر عطا محمد حامي ھتي ٻن تاريخي جاين “تار واري سڙڪ” ۽ “دڙن” جو ذڪر ڪري ٿو. تار واري سڙڪ بابت مشھور آھي ته ھيءُ سڙڪ دھلي تائين ويندي ھئي ۽ مغلن واري زماني کان وٺي انگريزن جي حڪومت تائين آمدرفت جو مکيه ذريعو ھئي. سماج وارو پپر، ان تاريخي تار واري سڙڪ جي ڪناري تي واقع آھي، ان ڪري سھولت خاطر نادر شاهه ان سڙڪ جي ذريعي ھتان گذرندي ھن وڻ ھيٺان ترسيو. ھي تاريخي سڙڪ اڄ به جانورين جي ڳوٺ کان اوڀر طرف سيٺارجا روڊ تائين ۽ پيرزادن واري ڳوٺ کان ڳوٺ عبدالرحمان ڀٽي تائين پراڻي حالت ۾ برقرار آھي، جڏھن ته ان جو ڪجهه حصو جانورين جي ڳوٺ کان اولهه طرف پيرزادن جي ڳوٺ تائين پڪو ٿي چڪو آھي.
عطا محمد حامي جن دڙن جو ذڪر ڪيو آھي، سي پڻ تاريخي آھن. ھي دڙا پيرزادن واري ڳوٺ ۽ ڳوٺ حاجي عبدالرحمان ڀٽي جي بلڪل ويجهو تار واري سڙڪ تي واقع آھن. اھي دڙا پڻ سوين سال قديم آھن. ناليواري محقق عطا محمد ڀنڀري جو ڳوٺ ھن دڙن کان 3 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ڀنڀرو صاحب ھن دڙن کي سھتا ذات سان منسوب ٿو ڪري. سھتا ذات جا ڪافي ڳوٺ پڻ دڙن جي ڀر ۾ موجود آھن. ھي دڙا يا ڀٽون ڏھن ايڪڙن تي مشتمل هئا پر ھاڻي اھي قبضا مافيا جي ھٿ وس ھئڻ سبب ختم ٿي چڪا آھن. عطا محمد حامي پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ھن دڙن تي“شير شاهه جا مسافر خانا ھئا”.
شير شاهه سوري ھندستان جو بادشاهه ٿي گذريو آھي جيڪو شاھراھن ٺاھڻ ۽ عام ڀلائي جي ڪمن ۾ مشھور رھيو آھي. ھُن ھِن تاريخي جڳهه کي مدنظر رکي مسافرن لاءِ مسافرخانا جوڙايا ته جيئن مسافر تڪليف کان بچي سگھن. ھتي اڪثر ڪري مالوند ماڻھو سانگ جي سلسلي ۾ ايندا رھندا ھئا. ان تاريخي دڙي بابت آئون اڳ به مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکي چڪو آهيان. سنڌ سرڪار ۽ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جو پڻ ڌيان ڇڪائيندو رھيس پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪري سگھيو ۽ ڳالهه وڃي ان حد تي پھتي جو اھي تاريخي دڙا ختم ٿي چڪا آھن. جيڪڏھن وس وارا شروعات ۾ کوٽائي ڪري محفوظ ڪري وٺن ھا ته تاريخ ميسارجڻ کان بچي پوي ھا.
تاريخي سماج پپر کان 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف رڪراڻين جي ڳوٺ ۾ لطيف جو لوڙھو آھي. اڄ کان ٽيھارو سال اڳ اتي ھڪ مجاور رکيل ھوندو ھو جيڪو آئي وئي مسافر جي خدمت ڪرڻ سان گڏ صفائي جو به بندوبست رکندو آھي. لطيف جي لوڙھي ۾ رڪراڻي سھتن جو قبرستان به آھي جيڪو 4 ايڪڙن تي مشتمل آھي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752-1689) سنڌ جا واھڻ، وستيون، ڍنڍون ۽ ڍورا گھمندي ھن جڳهه تي آيو، ان ڪري مٿس نالو لطيف جو لوڙھو پيو. ھن وقت لطيف جو لوڙھو بي ڌياني سبب زوال پذير آھي. سم ۽ ڪلر سبب ھي لوڙھو پنھنجو اوج وڃائي چڪو آھي. سنڌ سرڪار ثقافت کاتي ۽ آرڪيالوجي شعبي کي تحرڪ وٺي انهن تاريخي جاين جو تحفظ ڪرڻ گھرجي ته جيئن تاريخ جا وڃايل ورق محفوظ ڪري سگھجن ۽ تاريخي جاين جي اھميت ۽ افاديت کي برقرار رکي سگھجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *