تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

29 جون 1987ع

اڄوڪي ڏينهن تي جڳ مشهور مصور ونسينٽ وان گو جي شهرت يافته پينٽنگ “The Bridge at Trinquetaille” رڪارڊ 20.2 ملين ڊالرز ۾ نيلام ٿي، جيڪا ان وقت دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿيندڙ ٻي پينٽنگ هئي. ڪرسٽي جي نيلام گهر تي پينٽنگ لاءِ اها ٻولي نيلامي شروع ٿيڻ جي رڳو هڪ منٽ اندر نامعلوم ماڻهو پاران جرمني مان فون ذريعي ڪئي وئي. اها پينٽنگ هڪ پل جي باري ۾ آهي، جيڪا مصور 1888ع ۾ پنهنجي آپگهاتي موت کان 2 سال اڳ تخليق ڪئي هئي. اها پينٽنگ 1932ع ۾ هڪ امريڪي شهري پيرس مان 18 هزار ڊالرن ۾ خريد ڪئي هئي. ان کان اڳ مارچ ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ مهانگي وڪرو ٿيندڙ پينٽنگ به وان گو جي ئي سن فلاور هئي، جيڪا جاپان جي هڪ فرم پاران 39 ملين ڊالرن ۾ خريد ڪئي وئي هئي.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *