تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

29 جولاءِ 1981ع

اڄوڪي ڏينهن تي برطانوي شهزادي چارلس ۽ اسپينسر ڪٽنب جي ڊيانا اسپينسر جي شادي سينٽ پال ڪيٿيڊرل لنڊن ۾ ٿي. ٻنهي ۾ سڀ کان پهرين ملاقات 1977ع ۾ ٿي، 1980ع ڌاري ۾ ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ويجهڙائي ٿي، ان کانپوءِ کين ڪيترن ئي هنڌن تي گڏ ڏٺو ويو. نيٺ 3 فيبروري 1981ع تي شهزادي چارلس پاران ڊيانا کي شادي جي آڇ ڪئي وئي. ٻنهي جي مڱڻي جي خبر ڪجهه هفتن لاءِ ڳجهي رکي وئي، جنهن جو باقاعده اعلان 24 فيبروري 1981ع تي ڪيو ويو. اڄوڪي شادي واري ڏينهن تي اٽڪل ساڍا 3 هزار مهمان شريڪ ٿيا، جڏهن ته 2 ڪروڙ ماڻهو شاهي جوڙي کي ڏسڻ لاءِ قطارون ٺاهي بيٺل هئا. هن شاهي جوڙي جي شادي تي مجموعي طور تي 48 ملين ڊالرن جو خرچ ٿيو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *