تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

25 اپريل 1792ع

گلوٽين يعني سسيءَ کي ڌڙ کان ڌار ڪرڻ واري مشين جو پهريون ڀيرو استعمال اڄوڪي ڏينهن تي فرانس ۾ ڪيو ويو، جڏهن هڪ شخص نڪولس پيليٽيئر کي گلوٽين وسيلي موت جي سزا ڏني وئي. نڪولس ڏوهاري ٽولي سان تعلق رکندڙ هو. هن هڪ واردات دوران رات جو رستي تان گذرندٽ هڪ همراهه کان نه رڳو ڦر ڪئي پر کيس بيدرديءَ سان قتل پڻ ڪري ڇڏيو. انهي ساڳي رات کيس گرفتار ڪيو ويو. جيتوڻيڪ جوابدار کي پنهنجي دفاع جو موقعو ڏنو ويو پر جج نيٺ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. گلوٽين وسيلي جوابدار جي موت جي سزا ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. جڏهن ڳاڙهي رنگ جي مشين رکي ان ۾ جوابدار جو مٿو وڌو ويو ته ماڻهن جو اشتياق ڏسڻ وٽان هو پر هو ان وقت شديد مايوس ٿيا جڏهن ڪجهه سيڪنڊن اندر کي گلوٽين جوابدار جي سسي وڍي ڇڏي. ان کانپوءِ ماڻهن نعرا هڻڻ شروع ڪيا ته موت جي سزا جا پراڻا طريقا بحال ڪيا وڃن.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *