تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

24 اپريل 1980ع

اڄوڪو ڏينهن امريڪا لاءِ انتهائي ذلت وارو هو، جڏهن ايران ۾ يرغمال بڻايل سفارتي عملي کي ڇڏائڻ لاءِ “آپريشن ايگل ڪلا” انتهائي بري طريقي سان نه رڳو ناڪام ٿيو پر 8 امريڪي فوجي پڻ مارجي ويا. امريڪا جي سفارتي عملي ۾ 52 ماڻهو هئا، جن کي تهران ۾ ايراني نوجوانن يرغمال بڻائي رکيو هو. امريڪي صدر جمي ڪارٽر آپريشن جي منظور ڏني، جنهن لاءِ 8 هيليڪاپٽر ايران موڪليا ويا. پر انهن مان رڳو 5 واقعي واري هنڌ پهچي سگهيا، هڪ سان مڪينيڪل مسئلو ٿيو، ٻيو واري جي طوفان جي ور چڙهي ويو ۽ ٽئين جي پرن ۾ نقص پيدا ٿيو. آپريشن پلان ڪرڻ وقت اهو طئي ڪيو هو ته جيڪڏهن 6 کان گهٽ هيليڪاپٽر فعال هوندا ته آپريشن ختم ڪيو ويندو. اهو ئي ٿيو صدر ڪارٽر آپريشن روڪي ڇڏيو، هيليڪاپٽرن جي واپسي تي هڪ هيليڪاپٽر ٻئي سان ٽڪرائجي ويو، نتيجي ۾ 8 فوجي مارجي ويا.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *