تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

23 اپريل 1940ع

امريڪي رياست مسيسيپي جو اهو شهر ناشيز هو، جنهن جي رڌم ڪلب ۾ اڄوڪي ڏينهن تي پيش آيل باهه جو واقعو اتان جي رهواسين کان اڄ تائين وسري ناهي سگهيو. امريڪي تاريخ ۾ باهه جو اهو چوٿون وڏو واقعو هو جنهن ۾ 209 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا هئا. ان وقت رات جا ساڍا 11 ٿيا هئا، جڏهن ڪلب ۾ موجود ماڻهو گانن مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. چيو وڃي پيو ته ڪلب ۾ ان وقت 300 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا. اوچتو ٻاهرين دروازي مان باهه ڀڙڪي اٿي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ڪلب کي وڪوڙي وئي. ڪلب جون ديوارون لوهه جون ٺهيل هيون ۽ کڙڪيون اهڙي طريقي سان بند ٿيل هيون ته جيئن ٻاهريان ماڻهو ڪلب اندر ٿيندڙ چرپر ڏسي نه سگهن. نتيجي ۾ ماڻهن جي ٻاهر نڪرڻ جا آپشن لڳ ڀڳ ختم ٿي ويا، ماڻهو هڪٻئي کي لتاڙي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر فقط ڪجهه ماڻهو ئي نڪري سگهيا، باقي شعلن جي لپيٽ ۾ اچي ويا يا دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا. جاچ ۾ پتو نه پئجي سگهيو ته باهه جو ڪارڻ ڇا هو، فقط اندازا لڳايا ويا ته ڪنهن شخص پاران لاپرواهي سان سگريٽ اڇلڻ سبب باهه لڳي هجي.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *