تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

22 اپريل 2000ع

ڪيوبن نينگر ايلين گونزاليز جي عمر ان وقت 7 سال هئي جڏهن هو ماءُ سان گڏ ڪيوبا مان سمنڊ رستي امريڪا پناهه لاءِ اچي رهيو هو. رستي تي سندن ٻيڙي ٻڌڻ سبب ايلين جي ماءُ سميت ٻيڙي ۾ سوار سمورا مسافر ٻڏي ويا پر گونزاليز کي بچايو ويو. ايلين جي والدين ۾ طلاق ٿيل هئي، سندس پيءُ ڪيوبا ۾ رهندڙ هو، جڏهن ته نينگر جا ڪجهه مائٽ امريڪي شهر ميامي ۾ هئا، کين انهن جي حوالي ڪيو ويو. ان وقت کان وٺي ٻارڙو ڪيوبا ۽ امريڪا وچ ۾ حوالگي جي حوالي سان سخت ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل رهيو. امريڪي عدالت ٻارڙي جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهي، نيٺ اڄوڪي ڏينهن تي ايف بي آءِ ايجنٽن زبردستي نينگر جي مائٽن جي گهر ۾ داخل ٿي، کيس پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جتان جهاز رستي کيس واپس ڪيوبا پنهنجي پءُ ڏانهن موڪليو ويو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *