تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

21 اپريل 1948ع

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير واري معاملي تي اڄوڪي ڏينهن تي گڏيل قومن پاران ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. سيڪيورٽي ڪائونسل پاران تڪرار جي حل لاءِ قائم ڪيل ڪميشن جي ميمبرن جو انگ وڌائي پنج ڪيو ويو، جن ۾ ارجنٽائين، بيلجيم، ڪمبوڊيا، چيڪوسلاويڪيا ۽ امريڪا جا نمائندا شامل هئا. انهي ڪميشن کي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو ته اهي ننڍي کنڊ وڃي، ٻنهي ملڪن ۾ امن امان جي قيام ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي پاران گڏيل قومن جي انهي قرارداد تي اعتراض واريا ويا، پر ان هوندي به انهن گڏيل قومن جي مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي جي آجيان ڪئي. ڪميشن پاران 1949ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي وارو مقصد ته حاصل ڪري ورتو پر تڪرار جو حل ڪڍڻ ۾ ناڪام وئي ۽ ڊسمبر 1949ع ۾ ڪميشن پنهنجي ناڪامي جو اعتراف پڻ ڪيو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *