تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

21 آگسٽ 1945

هيري ڊيگلين آمريڪي فزيسسٽ Physicist جيڪو مين هيٽن پروجيڪٽ جو حصو رهيو 21 اگست 1945 ۾ تابڪاري شعائن جي ور چڙهي فوت ٿي ويو.ٻي عالمي جنگ 1 سيپٽمبر 1939 کان 2 سيپٽيمبر 1945 تائين هلي، ان ۾ آمريڪا پاران Manhattan Projectجوڙيو ويو.ان پروجيڪٽ تحت ماهر تجربيڪار تابڪاري شعائن جو استعمال ڪري اهڙا نيوڪليئر هٿيار ٺاهيندا هئا جنهن سان دشمن ملڪ مڪمل طور تي تباهه برباد ٿي وڃي.ان پروجيڪٽ تي تجربي ڪرڻ دوران آمريڪي سائنسدان هيري ڊيگلين کي حادثاتي طور 21 اگست تي اهڙيون شعائون لڳيون جنهن 25 ڏينهن جي اندر اندر سيري ڊيگلين کي ختم ڪيو. آمريڪا لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندي هن جو موت ٿيو ان ڪري سندس يادگار پڻ لنڊن ۾ ٺاهيو ويو.ان پٿر تي سندس ڀيڻ ۽ ڀاءُ پاران لکيل آهي ته “حالانڪي وردي ۾ نه هو، پر ملڪ جي خدمت ڪندي مريو” Though not in Uniform, he died in Service to his country. ڊيگلين جي خوفناڪ حادثي Crticality accident بابت لکيل آهي ته Tungsten carbide brick ، هڪ سِر Plutonium-gallium alloy bomb core تي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ زهريلي گيس نڪتي جنهن آهستي آهستي هيري ڊيگلين کي اندران ڳاريو .ان ئي تجربي ۾ هيري جو ساٿي فزسٽ لوئي سلوٽن پڻ گزاري ويو .ان کان پوءِ احتياطي تدبيرون سخت ڪيون ويون.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *