تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

2050ع ۾ دنيا جون 5 عالمي طاقتون … سنڌيڪار:سارنگ خاصخيلي

ڪورونا وائرس ۽ واپاري جنگ سبب يقيني طور ڏکيائون پيدا ٿي رهيون آهن پر انهن سمورين ڳالهين باوجود عالمي معيشيت جي باري ۾ اهي اندازا لڳايا پيا وڃن ته اها ايندڙ ڪجهه سالن ۾ تيزي سان ترقي ڪندي رهندي ۽ 2050ع تائين عالمي منڊي پنهنجي موجودا حجم کان ٻيڻي ٿي ويندي جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي اندازي موجب دنيا جي آبادي ۾ ان دوران 26 سيڪڙو واڌ ٿي ويندي، ان معاشي حجم سان بي پناهه تبديليون اچڻ جو پڻ امڪان آهي پر مستقبل ۾ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿيون اهو چوڻ في الحال گهڻو مشڪل آهي، اقتصاديات جا اڪثر ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته اڄ جي دور واريون ترقي پذير معيشتون مستقبل جون ترقي يافته ۽ معاشي طاقتون ٿينديون. عالمي فرم پي ڊبليو سي جي رپورٽ “ دي ورلڊ ان 2050” موجب 30 سالن ۾ 6 کان 7 عالمي معاشي طاقتون اهي ملڪ هوندا جيڪي اڄ معاشي حوالي سان ترقي پذير آهن ۽ آمريڪا ان فهرست ۾ ٻئين کان ٽئين درجي تي هليو ويندو، اهڙي ريت جاپان چوٿين کان اٺين ۽ جرمني پنجين کان نائين درجي تي هليا ويندا، ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ويٽنام، فلپائن ۽ نائيجيريا جهڙا ملڪ به معاشي حوالي سان تمام گهڻي ترقي ڪندا ۽ ان فهرست ۾ گهڻو مٿي اچي ويندا. اهڙا 5 ملڪ جن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته اهي ايندڙ سالن ۾ بي پناهه ترقي ڪندا انهن جو ذڪر ترتيبوار هيٺئين ريت ڪجي ٿو.

01-چين
جيڪڏهن ملڪ جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) کي ماڻهن جي هڪجهڙي خريداري طاقت، جنهن اندازو مختلف ملڪن ۾ اگهن جي فرق کي برابر ڪري لڳايو ويندو آهي، ان اعتبار سان ڏٺو وڃي ته چين هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي معيشيت بڻجي چڪو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ جنهن رفتار سان چين ترقي ڪرڻ وارو آهي ان جي مقابلي ۾ سندس هن وقت تائين جي ترقي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، چين جي عوام جي نظرن اڳيان ملڪ ۾ تيزي سان معاشي ترقي ٿي رهي آهي، هڪ چيني ليکڪ رون ڪوهل جيڪو چين جي صوبي سوچئو جو رهواسي آهي چوي ٿو ته 15 سال اڳ جڏهن هو هن شهر ۾ آيو هو ته هن پوري علائقي ۾ رڳو ٻنيون پاڻي جا تلاءُ نظر ايندا هئا پر 15 سالن اندر پوري علائقي جي شڪل ئي تبديل ٿي وئي آهي، هاڻي اها جاءِ مڪمل شهر بڻجي خريداري جي جنت بڻجي وئي آهي، جٿي وڏا وڏا شاپنگ مال، صنعتي پارڪ ۽ ريسٽورينٽس آهن ۽ تمام گهڻي ٽريفڪ ٿي وئي آهي. اهو چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو ته پورو ملڪ ئي بدلجي ويو آهي، ان تيز رفتار معاشي ترقي سبب ماهر ڪاروباري ماڻهو۽ بهتر موقعن کي ڳوليندڙ هتي ڇڪجي اچن پيا، چين جو سڀ کان وڏو شهر شنگهائي آهي جٿي تمام گهڻا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ٿا، شنگهائي ۾ قائم فلڪرم اسٽريٽجڪ ايڊوائزري جي باني آمريڪي جان پايون جو چوڻ آهي ته شنگهائي وڏو ڪاروباري ۽ تجارتي ذهن وارو شهر آهي، سندس چوڻ آهي ته صبح سوير گوشت مارڪيٽ کان وٺي شام تائين روڊن تي ٽريفڪ جي اشارن تي هارن وڄائيندڙ موٽرسائيڪلن جي ڀيڙ ۾ ڦاٿل ۽ رات دير تائين آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهو هڪ ئي ڊوڙ ۾ لڳو پيو آهي، تنهن هوندي به نيويارڪ شهر جي ابتڙ جٿي ماڻهو سڀ ڪجهه لڪائيندا آهن شنگهائي ۾ هر ماڻهو ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ بهترين مشورو ڏيڻ لاءِ تيار رهندو آهي، سندس چوڻ موجب هتي رهڻ لاءِ اوهان کي چيني ٻولي ڳالهائڻ لازمي اچڻ گهرجي جيڪڏهن اوهان کي ڳالهائڻ نٿي اچي ته ڪم ۽ ڪاروبار ڪرڻ جا موقعا محدود هوندا ۽ شايد اوهان کي سماجي ۽ ثقافتي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ دعوت نه ملي سگهي.

02-انڊيا
آبادي جي حوالي سان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ انڊيا ايندڙ ٽن ڏهاڪن ۾ تمام گهڻي تيز رفتاري سان ترقي ڪرڻ وارو آهي، ان رپورٽ موجب انڊيا جي ترقي واري شرح لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو رهندي ۽ ائين دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل رهندو، اڃا به ڪيترائي ماڻهو سخت غربت جو شڪار آهن، بلند ترين عمارتن جي وچ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ نظر ايندا توقع ڪئي پئي وڃي ته سن 2050 تائين انڊيا آمريڪا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندو ۽ دنيا جي ٻئين وڏي معيشت بڻجي ويندو ۽ دنيا جي مجموعي پيداوار ۾ سندس حصو 15 سيڪڙو تائين ٿي ويندو، ان معاشي ترقي جا مثبت اثر پهرين ئي ماڻهن جي زندگين تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ٽاڪ ٽريول نالي هڪ ڪمپني هلائيندڙ سورب جندل موجب 20 هين صدي جي پڄاڻي ۽ ا2 هين جي شروعات ۾ هن انڊيا کي بدلجندي ڏٺو آهي، سندس ان معاشي ترقي سان ماڻهن جي زندگين ۾ به وڏيون تبديليون آيون آهن، شهر جي ماحول ۾ ان جو احساس ٿئي ٿو، ماڻهن جي سماجي روين ۾ ۽ ملڪ ۾ رهندڙن جي رهڻ سهڻ ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي، هن جو چوڻ هو ته گذريل 15 سالن ۾ مثال طور ٽي وي سيٽ، موبائل فون ۽ ڪارن جا برانڊ تبديل ٿي ويا آهن، هوائي سفر تائين گهڻي پهچ ٿي وئي آهي ۽ ماڻهن جا گهر گهڻا آرامدهه ٿي ويا آهن، ان تبديلي مسئلن کي به جنم ڏنو آهي، روڊن تي گاڏين جو انگ به تمام گهڻو وڌي ويو آهي پر سماجي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري گهٽ ڪئي وئي آهي، قانون سختي سان لاڳو نه هجڻ ڪري آلودگي ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، خاص طور دلي جهڙن وڏن شهرن ۾ اهو مسئلو وڌي ويو آهي.ان معاشي ترقي سان ماڻهن کي هڪجهڙو فائدو نه ٿيو آهي، جندل موجب اڃا به وڏي انگ ۾ ماڻهو سخت غربت جو شڪار آهن، معاشري ۾ عورتن سان جيڪو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي اهو به انتهائي مايوس ڪندڙ آهي.

03-برازيل
ڏکڻ آمريڪا جو هي ملڪ سن 2050 تائين ترقي يافته ملڪن جي فهرست ۾ جاپان، جرمني ۽ روس کي پوئتي ڌڪي پنجين نمبر تي اچي ويندو، معدني وسيلن سان مالا مال هن ملڪ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ وڏي تيزي سان ترقي ڪئي آهي پر ان کي بدعنواني ۽ مهانگائي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيئڻو پيو پوي.برازيل جي شهري ڪائيو برسوت جو چوڻ آهي ته هن ا2 هين صدي جي پهري ڏهاڪي جي پڄاڻي ۽ ٻئين ڏهاڪي جي شروع ۾ ملڪ ۾ معاشي ترقي جي باري نظر ايندڙ جوش ڏٺو آهي، ملڪ ۾ هڪ نئين طبقي جنم ورتو آهي جيڪو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، برازيل جا ٻه وڏا شهر ريئو ڊي جنيرو ۽ سائو پالو تمام گهڻا مهانگا شهر ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن لاءِ هتي رهڻ آسان ناهي، ان مان هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته برازيل جنهن رفتار سان ترقي ڪئي آهي کيس ان رفتار سان ترقي نه ڪرڻ گهرجي ها.ان ترقي سان جيڪي بندرگاهون، ايئرپورٽ، واپاري لنگهه، رستا، ريل جون پٽڙيون ۽ پل تعمير ڪرڻا هئا اهي نه ٿي سگهيا آهن، معاشي ترقي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيئڻ لاءِ برازيل ۾ ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجيز جلد اختيار ڪرڻيون پونديون. هڪ سماجي ماهر اناليسا ناش فرنانڊيز جو چوڻ آهي ته مهانگائي سبب بچت ڪرڻ ۾ ڏکيائي سبب برازيل فن ٽيڪ اپنائڻ وارو باني ملڪ بڻجي ويو آهي.

04-ميڪسيڪو
سن 2050 تائين ميڪسيڪو دنيا جي ستين وڏي معيشت بڻجي ويندو، هن وقت اهو 11 هين نمبر تي آهي ۽ 4 درجا مٿي اچي ويندو، سندس صنعتن ۽ پرڏيهه واپار تي خاص ڌيان سان حالتون بهتر ٿيون آهن پر معاشي حالتن ۾ ڏکيائي سبب هو ان جو ڀرپور فائدو وٺي نه سگهيو، جيڪڏهن اوهان محنت ڪرڻ ڄاڻو ٿا ۽ موقعا ڳولي رهيا آهيو ته هتي گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پيسا ڪمائي سگهو ٿا، سفر تي بلاگ لکندڙ فيڊريڪو آرز ابالاگا موجب گذريل 10 سالن ۾ ميڪسيڪو معاشي حوالي سان ترقي ضرور ڪئي پر ايتري نه جيتري کيس ڪرڻ گهرجي ها يا ڪري پئي سگهيو، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ جي ڀيٽ ۾ هتي علاج ۽ ٽرانسپورٽ سستو آهي، جيڪڏهن اوهان کي هسپانوي ٻولي اچي ٿي ته پوءِ هتان جي مهمان نوازي مزو ڏيندي ۽ هتي آباد ٿيڻ ۾ پڻ اوهان لاءِ مدد گار ثابت ٿيندي.

05-نائجيريا
آفريڪا جي هڪ وڏي معيشت نائجيريا آهي هي ملڪ 2050 تائين وڏي ترقي ڪرڻ وارو آهي هي هر سال سوا 4 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ 2050 ۾ معاشي حوالي سان ترقي يافته ملڪن جي فهرست ۾ 22 هين نمبر کان 14 هين نمبر تي اچي ويندو، نائجيريا جا ماڻهو تمام گهڻو محنت ڪندڙ ۽ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ شين تي ڪم ڪندا رهندا آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر طرف ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو رهندو آهي، نائجيريا جي حڪومت ڪرپشن ۾ ڦاٿل آهي پر ماڻهن ۾ ڪاروبار جو رجحان ملڪ جي ترقي واري ڦيٿي کي هلائي رهيو آهي، عالمي ڪاروبار جي حوالي سان نائجيريا جا 30 سيڪڙو ماڻهو ڪاروباري ذهن رکندڙ آهن ۽ اهي ڪنهن نه ڪنهن ڪاروبار جا مالڪ يا مئينجر آهن جيڪي سموري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ به ڪاروبار جو هڪ موقعو بڻجي وئي آهي، هاڻي نائجيريا ۾ موٽرسائيڪل جي سواري فراهم ڪندڙ هڪ ڪمپني اوڪادس اڀري آهي جنهن جي هاڻي وڏي پئماني تي سروس استعمال ڪئي وڃي ٿي. پرڏيهه مان ايندڙن لاءِ لاگوس ۽ ابوجا مستقل رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ بهترين هنڌ آهن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *