تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

2 مئي 2008ع

ميانمار جي تاريخ ۾ سڀ کان بدترين قدرتي آفت اڄوڪي ڏينهن تي نرگس سائڪلون جي صورت ۾ برپا ٿي. 215 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن ۽ سامونڊي لهرن ڊيلٽا واري علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جنهن دوران لڳ ڀڳ هڪ لک 40 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا. رڳو لبوٽا نالي شهر ۾ 80 هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا. انهي طوفان کانپوءِ ريسڪيو جي سست ڪوششن ۽ بيمارين سبب ڪيتريون فوتگيون ٿيون، تنهن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ نه پئجي سگهي. طوفان سبب مجموعي طور تي 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، جيڪو انهي علائقي ۾ ڪنهن طوفان سبب تاريخ جو سڀ کان وڏو نقصان هو. ان وقت ميانمار ۾ فوجي جنتا جي حڪومت هئي، جن سياسي سببن جيڪري پرڏيهي امداد وٺڻ کان انڪار ڪيو، نتيجي ۾ رليف جون ڪوششون سست رهيون ۽ عالمي سطح تي ميانمار جي فوجي جنتا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *