تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

199 ھين عرس مبارڪ جي مناسبت سان …مان جوئي آھيان، سوئي آھيان حضرت سچل سرمست…عامر مهيسر

حضرت سچل سرمست به ان راھ جو راھي آھي جنهن تي صوفي شاھ عنايت شهيد، شاھ ڪريم بلڙي وارو ۽ حضرت شاھه عبدالطيف ڀٽائي رح ھلي چڪا آھن، انهن سڀني تصوف جون رمزون پنهنجي مام ۾ چيون آھن، پر حضرت سچل سرمست ھڪ ڳالھه ۾ انهن سڀني کان مختلف آھي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي وڏي واقعي چئي ڏنيون آھن، حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح پيشنگوئي ڪئي ھئي ته جيڪا ڪُني اسان چاڙھي آھي اُن جو ڍڪڻُ حضرت سچل سرمست لاھيندو پر جڏھن ڍڪڻ لاھڻ جو وقت آيو ته حضرت سچل سرمست نه صرف ڍڪڻ لاٿو پر ڪُني به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي.
حضرت سچل سرمست جا ڪلام بيباڪيءَ جو آئينو آهي. پاڻ اهو چٽو ۽ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خدا تعالي انسان کي پنهنجي نور مان پيدا ڪيو آهي. انسان جيستائين حق جي طلب نٿو رھي، ايسيتائين اهو گمراهيءَ جي گردش مان ٻاهر نٿو نڪري سگهي. قرب، پيار ۽ محبت جي ڪا به حد مقرر ناهي. ڇو ته انسان جڏهن قرب جي تانگھ ۾ پوي ٿو، تڏهن پاڻ کي مرڪز جي چوڌاري گهمندي محسوس ڪري ٿو. جيئن
پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پنهون پڻ پاڻ،
اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيون پاڻ کي.
سنڌ جي صوفي بزرگن انسان دوستي ۽ رواداري تي ايمان رکيو آھي ۽ ھميشه مذھبي رواداري کان ڪم ورتو آھي مولوين وانگر انهن ڪڏھن به اسلام جي نعري کي جنگ جو نعرو بلند ناھي ڪيو ۽ ھر وقت انهن جي اھا ڪوشش رھي آھي ته انهن جهڳڙن کان مٿانهان رھي ڪري انسان زات جي خدمت ڪئي وڃي ۽ ائين ئي حضرت سچل سرمست ڪري ڏيکاري آھي. حضرت سچل سرمست سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي روحانيت جي سڳند ۽ سرھاڻ سان سرھو ڪري ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري چوڏھن رمضان سن 1242 ھجري، 11 اپريل (1827ع) تي 90 ورھين جي ڄمار ۾ وصال ڪيو انهي تاريخ تي ھر سال درگاھه تي ميلو لڳندو آھي ۽ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن مان پيار جا پانڌيئڙا اچي سڪ جو سلام ڀريندا آھن،
حضرت سچل سرمست جو روضو مبارڪ درازا شريف ۾ موجود آھي سندس جو روضو ان وقت جي خيرپور ميرس جي والي مير رستم خان 1440 ھجريء ۾ تعمير ڪرايو ھيو، حضرت سچل سرمست جي وفات کان پوءِ ھن وقت تائين درگاھ جا يارھن گادي نشين ٿي گذريا آھن ۽ انهن سڀني گادي نشين مان گهڻو عرصو سخي قبول محمد فاروقي گادي نشين جي حيثيت سان رھيو پاڻ سڀني کان وڌيڪ پڙھيل لکيل ھو جنهن جو مثال صوفي ازم تي پي ايڇ ڊي ھولڊر ھئڻ آھي ۽ پاڻ سچل سائين جو پيغام کڻي دنيا جي مختلف ملڪن تائين پهچايو جنهن ۾ ھندستان، آمريڪا وغيرہ اچي وڃن ٿا سندس جي وفات کان پوءِ وڏو فرزند پير خواجه عبدالحق فاروقي درگاھ جو ٻارنهون گادي نشين آھي پاڻ نوجوان ۽ پڙھيل لکيل آھن.
هن دفعي چوڏھن رمضان تي ڪا به تقريب منعقد نه ٿي سگهندي ڇو ته عالمي وبا ڪرونا وائرس جتي انساني تهذيب جو ڦيٿو جام ڪرڻ سان گڏوگڏ سڄي دنيا جي انسانن جي زندگيء جون رونقون ڳڙڪائي وڌيون آھن جنهن سبب سادگي ۽ سماجي دوري واري سخي تي عمل ڪندي عرس مبارڪ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *