تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

1918ع واري وبا کي ياد ڪندين ….رافعا ذڪريا / سڪندر گلاب

اهو 1918ع جو سال هو جڏهن گڏيل آمريڪي رياستن جي شهر ڪينساس ۾ اسپيني فلو (Spanish flu) جو پهريون ڪيس سامهون آيو. جنهن کي ختم ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ ٻه سال لڳي ويا. اسپيني فلو جي وبائي بيماريءَ گهٽ ۾ گهٽ 500 ملين ماڻهن (5 ڪروڙ) کي وڪوڙيو – حيرت انگيز طور تي دنيا جي آبادي جي وڏي تعداد جو ٽيون حصو. مرڻ وارن جو تعداد 50 ملين (50 لک) جي لڳ ڀڳ ٻڌايو وڃي ٿو.اسپيني فلو جي متاثر ماڻهن جو سڀ کان وڏو تعداد ننڍو کنڊ هندستان هو. هتي هن وبا جي سبب 18 ملين (18 لک) کان وڌيڪ ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا. هي ڪنهن ملڪ ۾ مرڻ وارن ماڻهن جو جو سڀ کان وڏو تعداد هو. پنهنجي لکين وطنين سان گڏ مهاتما گانڌي پڻ هن بيماري جو شڪار ٿيو. وبا مان متاثر ٿيڻ وارن تجربن ۽ انڊيا جي آبادي جي وڏي تعداد جو ائين موت جي منهن ۾ وڃڻ، انگريزن جي تسلط هيٺ انڊين نوآبادياتي حڪمراني جي عدم مساوات کي وڏي پيماني تي وائکو ڪيو.
20 صدي ۾ جنهن وقت اسپيني فلو ننڍي کنڊ تي حملو ڪيو ان وقت تائين ملڪ ۾ صحت جي بنيادي ڍانچي تي بغير ڪا سيڙپڪاري سان انگريزن کي هندستان تي حڪومت ڪندي ڏيڍ صدي جو عرصو گذري چڪو هو. اسپتالن جو عمودي يا افقي ۽ نه ئي وري حقيقي طور تي ڪو مناسب انتظام موجود هو جيڪو نوآبادياتي حڪمراني جي هيٺ زندگي بسر ڪرڻ واري ڪروڙين عام عوام کي صحت جي سار سنڀال جي لاءِ ڪا بنيادي سهولت مهيا ڪري ڏئي سگهي پيو. ڇاڪاڻ جو هت مهلڪ فلو مان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن کي بچائڻ جو ڪو به طريقو پڻ موجود نه هو تنهڪري، هن ۾ حيران ۽ پريشان ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي.
اسپيني فلو جي سبب ٿيندڙ اتفاقي موتماري جي گهڻائيءَ ۽ عوام جو ائين بي موت مرڻ وارين تباهه ڪارين ماڻهن ۾ اداسي ۽ ندامت جي احساس کي گهڻو پختو ڪيو. اهي نوجوان – جيڪي پنهنجي ڀرپور زندگي گذاري رهيا هئا، هن وبا جو گهڻو کاڄ بڻيا، نوجوانن جو نقصان گهڻو محسوس ٿيندڙ، سڀ کان وڌيڪ ۽ ڊگهو اثر ڇڏيندو آهي. هن قسم جو موت اڪثر ڪري ان صورت ۾ ايندو آهي جنهن کي ”سائٽوڪائن طوفان“ چيو وڃي ٿو، هي هڪ اهڙو ردعمل آهي جيڪو جسم جي مدافعتي نظام جي قوت کي گهٽائي، عضون کي هڪ هڪ ڪري ختم ٿيڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي وڃي ٿو. سڀ کان اول ساهه کڻڻ جي نظام کي غيرفعال ڪري ٿو، مريض کي ساهه کڻڻ ۾ وڏي تڪليف مان گذرڻو پئي ٿو ۽ تنهن کان ستت پوءِ هن جو موت واقع ٿي وڃي ٿو.
اسانجو موجودهه تاريخي لمحو اسپيني فلو جي ڏينهن وانگي ڳرو محسوس ٿي رهيو آهي. هنن ٻنهي بيمارين ۾ هڪجهڙائي نظر اچي رهي آهي. ڪووڊ-19 فلو صرف هڪ خطرناڪ ڪاهه نه آهي؛ هي ساهه کڻڻ جي نظام کي پڻ متاثر ڪري رهيو آهي. هي سائٽوڪائن طوفان کي ڀڙڪائي رهيو آهي جيڪو سڀ کان اول ساهه کڻڻ جي نظام کي نقصان پهچائي ٿو. ڪيترن ئي مريضن کي ساهه کڻڻ ۾ دشواري پيش اچي رهي آهي. نيڌرلينڊ ۽ ڏکڻ ڪوريا جي رپورٽن مان خبر پئي ٿي هنن کي وينٽيليٽر سان سلهاڙيو وڃي پيو. هن کان پهريان جو جيسيتائين مريض پاڻ ساهه کڻڻ جي قابل ٿين هنن کي ڪيترن ئي هفتن تائين وينٽيليٽرز تي رهڻو پئي ٿو. ڳالهه هي آهي ته، جيڪڏهن اهي بچي به ويا ته انهن جو تعداد ڪيترو آهي ۽ ڪيترا اهڙا آهن جيڪي باقي رهجي ويندا. نوول ڪورونا وائرس دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڦهلجي چڪو آهي. صرف ڪجهه ڏينهن جي اندر اندر ڪيسن جو تعداد ٻيڻو ٿيڻ جو مطلب هي آهي ته بيماري کي روڪڻ جي لاءِ موجودهه بيڪار قدمن سبب پوري دنيا وڏي پيماني تي نفس تي غور ڪرڻ ۽ پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.
جيئن ته، وبائي بيمارين جا ماهر اسان کي هي ٻڌائڻ جو شق رکن ٿا ته، وائرس جي زندگي جو مطلب وائرس ۽ ميزبان جو هڪٻئي سان ورتاءَ آهي. جيئن ته هي وائرس مٿاڇرن تي زندهه رهڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مرض لاءِ غيرعلامتي لاڙن کي رکڻ واري اهليت جو مالڪ آهي جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو موجودهه وقت ۾ هن کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي تنهنڪري انسانن کي ئي پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. في الحال هي خيال ڪيو پيو وڃي ته انساني آبادي جو هڪ وڏو تعداد پاڻ کي پاڻمرادو اڪيلائي ڏانهن وٺي وڃڻ جي لاءِ جيڪڏهن پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي ٿو ته وائرس کي ڪو نئون ميزبان ڪونه ملندو ۽ جيڪڏهن هت نوان ميزبان اڻلڀ ٿي ويندا ته ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ، جيڪو هن وقت تائين ڇتو ۽ تيزي سان سفر ڪرڻ جو مها ماهر ثابت ٿي چڪو آهي ان کي آخرڪار روڪي سگهجي ٿو.
هي هڪ تاريخي وقت آهي، هي هڪ غير يقيني وقت آهي ۽ هي هڪ مهلڪ وقت به آهي. هي اهو وقت به آهي جيڪو انساني ٻڌي جي لاءِ پريشان پڻ آهي. جيڪڏهن انسان خاص طور تي جوان ۽ صحتمند ماڻهو، هي ڄاڻڻ جي باوجود ته پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻ سان اهي وائرس کان بچي سگهن ٿا ته پوڙهن، نٻل ۽ ڪمزور ماڻهن کي زندهه رهڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. هي هڪ اهڙي دنيا جي لاءِ ڊگهو حڪم آهي جيڪا خودغرضي تي ڀاڙي ٿي. پر انسانذات ماضي ۾ عظيم ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن اها بچي وئي آهي ۽ اها مشڪل ۾ آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پنهنجو پاڻ ۽ هرهڪ کي ان سچ ۽ ان امڪان جي ياد ڏياريون ته جيئن اسان سڀ هن سخت گهڙي جي ٻاٽ اوندهه کي برداشت ڪيون.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *