تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

19 سيپٽمبر 1957

نيواڊا جي علائقي ۾ پهريون ڀيرو 19 سيپٽمبر 1957تي زمين اندر ڌماڪو ڪرڻ وارو تجربو ڪيو ويو. آمريڪا پاران نيوڪليئر طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ جدوجهد ڪئي وئي. ٻي عالمي جنگ دوران ڪيترائي خطرناڪ بم ٺاهيا ويا. هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي بم ڌماڪا ڪرڻ کان پوءِ جاپان پويان پير ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪئي پر انهي دور کان پوءِ سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪولڊ وار هلڻ شروع ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ نيوڪليئر طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين نيوڪليئر بم ٺاهڻ جا تجربا ڪيا.1951 کان وٺي 1992 تائين تابڪاري مواد جا تجربا ڪيا ويا پوءِ آمريڪا معاهدي تي صحيح ڪئي جنهن تحت اهڙن نيوڪليئر بمن جي تجربن تي بندش لڳي وئي آهي.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *