تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

19 جون 1953ع

اهو سرد جنگ وارو زمانو هو، جڏهن امريڪا جي جوڙي جوليس ۽ ايٿل روزنبرگ کي سوويت يونين لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام اڄوڪي ڏينهن اليڪٽرڪ چيئر وسيلي موت جي سزا ڏني وئي. جوليس کي 1950ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس زال ايٿل کي ساڳئي سال آگسٽ ۾، مٿن الزام هو ته هنن ايٽم بم جي حوالي سان ڳجهي معلومات سوويت يونين کي ڏني آهي. جوليس گرفتاري جي وقت کان وٺي پنهنجي بي گناهي لاءِ دانهيندو رهيو پر 5 اپريل 1951ع تي عدالت پاران جوڙي کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. ايندڙ ٻن سالن ۾ اهو جوڙو ڏيهي، پرڏيهي بحث جو موضوع بڻيل رهيو. اڄوڪي ڏينهن 8 وڳي رات جو پهرين جوليس کي اليڪٽرڪ چيئر تي ويهاريو ويو، ڪجهه منٽن اندر سندس لاش کي ڪڍي ساڳي ڪرسي تي ايٿل کي ويهاريو ويو، 8 لڳي 16 منٽن تي سندس موت جو اعلان ڪيو ويو. ٻئي ڄڻا پنهنجي موت تائين پاڻ کي بي گناهه قرار ڏيندا رهيا.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *