تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

17 مئي 1987ع

ايران عراق جنگ ۾ اڄوڪي ڏينهن عراق جنگي جهاز ايران عراق سامونڊي سرحد ويجهو پيٽرولنگ ڪندڙ امريڪي جنگي بحري ٻيڙي “اسٽارڪ” تي ٻه ميزائيل فائر ڪيا، نتيجي ۾ 37 امريڪي نيوي اهلڪار مارجي ويا ۽ 21 زخمي ٿي پيا. عراق جهاز رات جو 8 وڳي شيبا ايئر بيس تان اڏام ڀري، 8 لڳي 9 منٽن تي امريڪي بحري ٻيڙي جي ڪپتان جهاز برينڊل کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ پيغام موڪليو پر پائلٽ نظر انداز ڪري ڇڏيو. ان دوران بحري ٻيڙي مٿان ٻه ميزائيل فائر ڪري جهاز واپس روانو ٿي ويو. هڪڙو ميزائيل ڦاٽي نه سگهيو پر ان جو فيول ٽينڪ ليڪ ٿيڻ سبب باهه سڄي جهاز کي وڪوڙي وئي جڏهن ته ٻيو ميزائيل ڦاٽي پيو ۽ جنهن ۾ 10 کان 15 فوٽن جو کڏو ٿي پيو. جهاز جي ڪپتان بهرحال ان کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ۽ ٻئي ڏينهن ان کي بحرين جي بندرگاهه تي پهچايو ويو. ڪپتان برينڊل کي بعد ۾ جهاز جو دفاع نه ڪرڻ ۽ جوابي حملو نه ڪرڻ سگهڻ تي نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *