تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

14 فيبروري 1989ع

ڀارتي نزاد برطانوي ناول نگار ۽ ليکڪ سلمان رشدي جو ناول ”سيٽينڪ ورسز“ جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو تڏهن دنيا ڀر جي مسلمان ملڪن ۾ شديد رد عمل ظاهر ڪيو ويو. ڪيترن ئي مسلمانن پاران ناول نگار تي توهين رسالت ۽ بلاسفيمي جا الزام هنيا ويا پر اڄوڪي ڏينهن تي ايران جي روحاني پيشوا روح الله خميني پاران فتويٰ جاري ڪندي سلمان رشدي کي واجب القتل قرار ڏنو ويو. انهي ناول جي حوالي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شديد وڳوڙ ٿيا. ايراني حڪومت 1998ع تائين انهي فتويٰ جي حمايت ڪئي پر ان بعد ايراني صدر محمد خاتمي جي حڪومت چيو ته اها سلمان رشدي جي قتل جي حمايت نه ڪندي پر اهو پڻ چيو ويو ته جيڪڏهن سلمان رشدي ڪتاب تان هٿ کڻي ۽ معافي وٺي ته مسلمان کيس معاف ڪري سگهن ٿا. ان بعد 18 فيبروري تي سلمان رشدي انتهائي محتاط لفظن ۾ مسلمانن جا جذبات مجروح ڪرڻ تي معافي ورتي.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *