تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

11 مئي 1995ع

دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ وارو عالمي معاهدو اين پي ٽي پهريون ڀيرو 1968ع ۾ صحيحون ڪرڻ لاءِ کوليو ويو. 5 مارچ 1970ع تي امريڪا جي توثيق کانپوءِ اهو معاهدو باقاعده عمل ۾ اچي ويو. اڃوڪي ڏينهن تي ان کي اڻ ڄاتل مدي تائين وڌايو ويو. ان حوالي سان نيويارڪ ۾ معاهدي جي وڌاءُ لاءِ هڪ گڏجاڻي پڻ ٿي، جن ۾ دنيا جي 170 ملڪن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ 3 فيصلا ۽ هڪ قرارداد پاس ڪئي وئي. انهن فيصلن ۾ هڪ ته غير مشروط طور معاهدي کي اڻ ڄاتل مدي تائين وڌائڻ، ٻيو معاهدي جي اصولن ۽ ضابطن کي عمل جوڳو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ٽيون مستقبل جي نظرثاني ڪانفرنس لاءِ نظرثاني مڪينزم جوڙڻ شامل هو. آخر ۾ وچ اوڀر ۾ انساني تباهي جي هٿيارن کان پاڪ زون قائم ڪرڻ لاءِ قرارداد منظور ڪئي وئي.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *