تازا ترين
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

10 محرم الحرام جي مناسبت سان… ڪربلا جي سانحي جو مختصر تاريخي جائزو … ڪنول چانڊيو

سموري اسلامي دنيا ۾ ڪربلا جو سانحو تاريخي حوالي سان هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو، جنهن جي لاءِ محققن جو چوڻ آهي ته حضرت عثمان عليه السلام جي شهادت کان پوءِ اسلامي دنيا ۾ ڪربلا جو واقعو نهايت ئي افسوسناڪ ٿي گذريو آهي! جنهن بابت محققن جو چوڻ آهي ته امام حسين عليه السلام جي شهادت اسلامي دنيا جي بقا خاطر هڪ اهم واقعي جي حيثيت رکي ٿي! 2 محرم الحرام 60هه بمطابق 681ع تي حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي اهل و عيال، سپهه سالارن ۽ رفيقن سان گڏجي ڪربلا جي ميدان ۾ اچي خيما کوڙيا، جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن عمر بن سعد به چار هزار جو هڪ وڏو لشڪر وٺي اچي ڪربلا جي ميدان ۾ پهتو! جيڪو حضرت امام حسين عليه السلام جي ويجهن رشتيدارن منجهان هڪ هو! عمر بن سعد سڀ کان پهرئين حضرت امام حسين عليه السلام سان ٺاهه ڪرڻ ٿي چاهيو پر پوءِ ابن زياد جي دٻاءَ ۾ اچي آخرڪار مقابلي جي لاءِ اٽڪي بيهي رهيو! عمر بن سعد سڀ کان پهرئين پنهنجي هڪ قاصد کي حضرت امام حسين عليه السلام ڏي موڪليو ته جيئن ان مسئلي جو ڪونه ڪو حل نڪري اچي! حضرت امام حسين عليه السلام ان قاصد کي اهو پيغام ڏنو ته” 18 هزار ڪوفين منهنجي بيعت ڪئي ۽ انهن پنهنجي جاني ۽ مالي قرباني ڏيڻ جو اقرار به ڪيو! پر هاڻي انهن مونسان بيوفائي ۽ غداري ڪئي آهي! تنهن ڪري هاڻي منهنجي اها خواهش آهي ته آءُ پنهنجي وطن واپس وڃان! تنهنڪري جيئن ئي اها خبر عمر بن سعد ڏانهن پهتي ته هن هڪدم فرمايو ته منهنجي خواهش به اها ئي آهي ته آءُ توهان سان ڪنهن به قسم جو ڪوئي تڪرار نه ڪريان! جڏهن اها خبر ابن زياد کي پهچائي وئي ته هن هڪدم اهو حڪم صادر ڪيو ته، امام حسين عليه السلام کان يزيد جي بيعت ورتي وڃي ۽ جيڪڏهن هو انڪار ڪري ٿو ته سڀ کان پهرئين هن جو پاڻي بند ڪيو وڃي! باقي ڳالهيون بعد ۾ طئي ٿينديون. ابن زياد پنهنجن پنج سئو سپهه سالارن کي فرات نديءَ تي مقرر ڪيو ته جيئن امام حسين عليه السلام جي لشڪر کي پاڻيءَ جي سرڪ به نصيب نه ٿئي، تنهن تي حضرت امام حسين عليه السلام جي حڪم جي بجا آوريءَ خاطر عباس بن علي رضه جن پنهنجي ساٿين سان گڏجي فرات درياهه تي ويا، جتي انهن پنهنجي دشمنن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ پاڻي ڀرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
نيٺ معاملي کي نبيرڻ ۽ مقابلي کي ٽارڻ جي لاءِ عمر بن سعد ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي وچ ۾ چار ڀيرا ملاقات به ٿي ته جيئن مسئلو هڪ ڀيانڪ روپ نه اختيار ڪري وٺي ! تنهنڪري ڪنهن وڏي معرڪي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ کان جلد از جلد بچڻ خاطر ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهجي! پر انهن ملاقاتن جي خبر جڏهن ابن زياد کي پئي ته هن هڪدم شمر ذي الجوشن سان مشورو ڪري عمر بن سعد ڏانهن هڪ پيغام ڪجهه هن ريت موڪليو ته،” اسان توکي مقابلي کي ٽارڻ ۽ نبيرڻ جي لاءِ ناهي موڪليو.“ تنهنڪري جيڪڏهن امام حسين عليه السلام بنا ڪنهن شرط جي يزيد جي بيعت قبول ڪري ته صحيح آهي پر جيڪڏهن هو ائين نه ٿو ڪري ته پوءِ ساڻس جنگ ڪر ۽ کيس مات ڏئي قتل ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي! ٻي صورت ۾ پنهنجي لشڪر جي ڪمانڊ شمر ذي الجوشن کي ڏي ۽ تون پنهنجو پاڻ کي معزول ئي سمجهه! ابن زياد جي ان ڌمڪي کان پوءِ عمر بن سعد لالچ ۾ اچي پنهنجي سموري لشڪر کي تياري جو حڪم ڏنو ۽ اٽڪل 9 محرم الحرام جي ڏينهن هن پنهنجي لشڪر سان گڏ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. امام حسين عليه السلام کي جڏهن اها خبر پئي ته،پاڻ کين هڪ پيغام موڪليائون جنهن ۾ پاڻ انهن کي فرمايائون ته ” جنگ کي سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اڄوڪي رات اسين سڀ عبادتِ الاهي ۾ گذارڻ چاهيون ٿا. امام حسين عليه السلام کي اها پڪ هئي ته سندن دشمن سندس رت جا پياسي آهن، تنهنڪري پاڻ پنهنجي سموري اهل و عيال ۽ سپهه سالارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري فرمائڻ لڳا ته منهنجا دشمن منهنجي رت جا پياسا آهن،تنهنڪري اوهان سڀئي مونکي ڇڏي منهنجي اهل وعيال کي واپس وٺي پنهنجن پنهنجن شهرن ڏانهن راتوڪي رات ۾ نڪري هليا وڃو ۽ بهتر وقت اچڻ جو انتظار ڪريو! پر سندس اهل وعيال ۽ سپهه سالارن کين ڪنهن به حالت ۾ اڪيلو ڇڏڻ نٿي چاهيو تنهنڪري انهن سڀني امام حسين عليه السلام سان مرڻ گهڙي تائين گڏ رهڻ جو عهد ڪيو، تنهن تي پاڻ دلجاءِ ڪري پنهنجي ساٿين سان سڄي رات جنگ بابت مشورا ڪيائون ۽ عبادت به ڪيائون!
آخرڪار 10 محرم الحرام جي تاريخ ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ڪربلا جي سانحي جو باقاعده آغاز ٿيو! امام حسين عليه السلام جو لشڪر تعداد ۾ بلڪل ئي ٿورو هو پر سندن جوش ۽ جذبو دشمن جي لشڪر کان تمام گهڻو هو. حضرت امام حسين عليه السلام جي دهشت ۽ رعب تاب به دشمن جي اک ۾ ڄڻ ته ڪٽر هو جو سندس بدن تي مصري قبا،سِر مبارڪ تي پنهنجي ناني رسول الله جي دستار،چيلهه ۾ پنهنجي والد بزرگوار حضرت علي جي ترار ” ذوالفقار“ ٻڌل هئس ۽ ڪلهي تي وري حضرت حمزه جي ڌال ڌاريل هئس! يزيد جي لشڪر جي ڪمانڊ پهرئين ته عمر بن سعد ۽ پوءِ شمر ذي الجوشن جي هٿ ۾ آئي، جنگ شروع ٿي ميدان جي چئني پاسي قيامت جا منظر برپا ٿيل هئا آخرڪار يزيدي لشڪر جو هڪ بهادر سپهه سالار حُر حضرت امام حسين السلام جي لشڪر ۾ شامل ٿيو ته دشمن جا حوصلا ئي پست ٿي ويا ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي جوڌن جوانن جي آڏو جهڪي پيا! جنهن تي شمر امام حسين عليه السلام جي کوڙيل خيمن کي ساڙڻ جو حڪم ڏنو! تنهن تي امام حسين السلام عليه السلام کيس فرمايو ته، ” اي پليت! تون اسان جي اهل و عيال مان به نٿو مڙين، شال دوزخ جي باهه ۾ جلي مرين! يزيدي لشڪر تمام گهڻو هجڻ ڪري حضرت امام حسين عليه السلام جي لشڪر کي تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو هو ته پوئتي وڃي فقط امام حسين عليه السلام جا پٽ ۽ ڀائيٽا بچيا! جنهن جي ڪري سڀ کان پهرئين سندس هڪ بهادر ڀائيٽي گهوٽ قاسم سِر جو نذرانو پيش ڪيو،جنهن کان پوءِ دشمنن سندن معصوم ۽ اَبهم پياسي پٽڙي صغير علي اصغر کي تير هڻي شهيد ڪيو! جنهن تي حضرت امام حسين عليه السلام جو هانءُ ئي ڇڄي پيو ۽ سندس اکڙين مان رت جا ڳوڙها وهڻ لڳا پر پاڻ مالڪ جي رضا تي راضي رهيا، جنهن بعد حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا جي ميدان ۾ لهي پيو، هڪ دشمن کين وات ۾ تير هنيو! جنهن تي پاڻ همت نه هاريائون ۽ مسلسل وڙهندا رهيا ۽ نيٺ يزيدي لشڪر سان وڙهندي وڙهندي سندن جسم مبارڪ صفا لهو لهان ٿي پيو ۽ پاڻ اچي پٽ تي ليٽي پيا! جنهن تي سندس دشمن مان ڪير به ويجهو نه پئي آيو ! پر شمر وري به ڪونه مڙيو ۽ اچي سندن ڇاتي مبارڪ تي چڙهي ويٺو، تنهن تي امام حسين عليه السلام شمر کان نماز جي اجازت گهري جيئن ئي پاڻ سجديءَ ۾ ويا ته سندس دشمن کين سجدي ۾ ئي تير هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪربلا جي ان واقعي کانپوءِ سموري اسلامي دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ افراتفري وارو ماحول برپا ٿي پيو جنهن جي ڪري اميه خلافت جا ٿنب ڪمزور ٿي پيا ۽ سندن سڄي خلافت جي عمارت ڊهي پٽ ٿي پئي! جتي جتي اها خبر پهتي اتي بغاوتون ٿيڻ شروع ٿي ويون،جڏهن ته حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت جو بدلو وٺڻ خاطر توابين جي نالي سان هڪ جماعت به ٺاهي وئي!ان ئي واقعي کان پوءِ ايران جي سرزمين تي هڪ اهڙي قومي تحريڪ وجود ۾ آئي، جنهن اڳتي هلي اميه خلافت جي تڏا ويڙهه ڪئي ۽ عباسي خلافت جي لاءِ هڪ سڌي راهه هموار ڪئي!
بهرحال ڪربلا جو واقعو تاريخي حوالي سان جيتري حيثيت ماضيءَ ۾ رکي ٿو سا حال ۾ به برقرار آهي ۽ مستقبل ۾ ايندڙ نسلن جا نسل هن واقعي کي ياد رکندا !

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *