تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

10 اپريل 1971ع

ڪوريائي جنگ ۾ شامل ٿيڻ تي امريڪا پاران چين مٿان 1950ع ڌاري واپاري پابنديون لڳايون ويون هيون، ان بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا ختم ٿي ويا. اٽڪل 20 سالن تائين سفارتي ۽ واپاري ناتا منقطع رهڻ بعد ٻنهي ملڪن هڪٻئي لاءِ دروازا کولڻ جي شروعات ڪئي. ان لاءِ جاپان ۾ منعقد 31هين عالمي ٽيبل ٽينس چيمپيئن شپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو سبب بڻي. ٿيو هيئن جو امريڪي ٽيم جاپان ۾ هئي ته کين چين جي دوري جي دعوت ملي. اڄوڪي ڏينهن تي امريڪي رانديگر جڏهن ڪجهه صحافين سميت چين پهتا ته 1949ع کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو چين پهچندڙ امريڪي وفد هو. امريڪي رانديگرن جو اهو دورو پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ”پنگ-پانگ ڊپلوميسي“ طور مشهور ٿيو. اها پنگ پانگ ڊپلوميسي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ مددگار ٿي، جنهن بعد امريڪي صدر رچرڊ نڪسن چين جو دورو پڻ ڪيو.

This entry was posted in History. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *