تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ھڪ طوطو ۽ نيڪ دل انسان …روشن داس

ڳوٺ جي ھڪ شخص جي جھوپڙي ۾ سموري ڳوٺ جا ماڻهو ھرروز شام جو مچ ڪچھريون ڪرڻ جي لاِءِ ايندا ھئا، اھا جھوپڙي ڳوٺ جي گھٽي جي ڀرسان ھئي ان جي مالڪ کي ھڪڙو طوطو به پاليل هو ـ جيڪو سدائين پڃري ۾ بند رھندو ھو، اھي ماڻهو ڪچھري ۾ ڳالهيون ڪندا ھئا ڳوٺ جي مھاتما ھڪ نيڪ دل انسان جون جيڪو وڏي قرامت وارو شخص ھوندو ھو چوندا ھئا ته اهو نيڪ دل انسان جيڪو ڀليل ماڻهن کي صحيح رستو ڏيکاري ٿو ۽ اھو ھر ڪنهن جي مدد به ڪري ٿو، انهن جون ڳالهيون طوطو وڏي غور سان ٻڌندو ھو سدائين ھر شام جو ان جھوپڙي ۾ ماڻهو ان مھاتما جا نوان نوان قصا ۽ ڪھاڻيون بيان ڪندا ھئا، ھڪ ڏينهن طوطي صبح جو ھڪ شخص کي ان جھوپڙي جي ڀرسان گذرندي ڏٺو ته طوطي ان شخص کان پڇيو ادا صبع صبع جو ڪاڏي ٿو وڃين، ان چيو ته مھاتما جي در تي حاضري ڀرڻ ٿو وڃان جيڪو به ماڻهو اتان گذرندو ھو ته طوطو ان کان پڇندو ھو ته ڇا تون مھاتما ڏانهن ٿو وڃين ـ
ھڪڙي ڏينهن طوطي ھڪ شخص کي سڏ ڪري چيو ته ادا ڇا واقعي مھاتما ھرڪنھن جي مدد ڪري ٿو، ان شخص چيو جي ھا ته ادا منھنجو ھڪ عرض مھاتما تائين پھچائيندي طوطي ان کي چيو ھا پر تنھنجو عرض ڇا آهي تون مھاتما کان اھو عرض ڪجان ته مان توهان جي باري ۾ ٻڌو آهي ته توھان سڀني جي مدد ڪندڙ آھيو ـ سو مھرباني ڪري مونکي به ھن پڃري مان آزادي ڏياريو مان ڪيترن ئي سالن کان ھتي پڃري ۾ بند آھيان ۽ آزاد ٿيڻ ٿو چاھيان، تون اھو مھاتما کي وڃي چئو ان شخص چيو ٺيڪ آهي تنهنجو ھي عرض مان مھاتما تائين پھچايان ٿو ـ ائين چئي ھو اڳتي نڪري ويو ۽ مھاتما تائين پھتو ھن مھاتما کي چيو ته سائين ھڪڙو طوطو آهي جيڪو ھر ايندڙ ويندڙ کان توهان جي باري ۾ پڇندو رهي ٿو ۽ اڄ ھن توهان لاءِ ھڪ عرض موڪليو آهي ـ ڇا عرض آهي طوطي جو مھاتما چيو، ان شخص سڄو حوالو ڏنو اھو سڀ ڪجهه ٻڌي مھاتما پٽ تي ڪري پيو. اھو شخص واپس طوطي ڏانهن ڊوڙيندو آيو پھچڻ سان ئي ھن طوطي کي چيو اڙي طوطا تون ته وڏو ظالم آھين، وڏو پاپي آھين، طوطي پڇيس ته آخر ڳالهه ڇا آهي. تنهن تي ھن ٻڌايو ته تنهنجو عرض ٻڌي مھاتما پٽ تي ڪري پيو ۽ ھو مري ويو، طوطي اھو ٻڌي خوشي وچان چيو اڇا، اڙي ظالم تون مھاتما جي مرڻ جو ٻڌي خوش ٿو ٿئين، ان شخص چيو، مھاتما بلڪل ٺيڪ آهي تون واپس وڃ مھاتما ته مون کي آزادي جو رستو ڏيکاريو آهي، اھو شخص واپس ويو ۽ ڏٺائين ته مھاتما ٺيڪ ٺاڪ ويٺو آهي، اھو پريشاني ۾ پڇڻ لڳو ته سائين توهان ڪجهه دير اڳ ۾ طوطي جو احوال ٻڌي ڪري ڇو پيو، ان تي مھاتما چيو تون اڃان ڳالهه نه سمجهي سگهيو آھين تو ھن طوطي جو ھڪ سوال آندو ۽ مان تنهنجي ذريعي ئي طوطي کي جواب به پھچائي ڏنو، ان شخص کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
ٻئي پاسي طوطي به پنهنجي مالڪ کي ايندي ڏسي پڃري ۾ پر ٽيڙائي پڃري ۾ ڪري پيو ـ مالڪ طوطي کي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو ته ھي منھنجو تمام گهڻو پيارو طوطو ھو آخر ھن جا به ڏينهن پورا ٿي ويا ۽ هي به گذاري ويو ـ ائين چئي پڃري جو در کولي طوطي کي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. اھڙي طرح طوطي کي به آزادي ملي وئي، طوطو اڏرندي چوندو ويو ته واقعي مھاتما وڏو مھان ۽ سڀن جي مدد ڪرڻ وارو نيڪ دل انسان آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *