تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ھبل خلائي دوربيني … سمير مگسي

دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايتري ته ترقي ڪري وئي آھي جو ھر شئي کي پرکڻ ۽ ڏسڻ تمام آسان ٿي چڪو آھي، ڪلاڪن جو پنڌ منٽن ۾ طئي ٿئي ٿو، گھربل جيڪو به سامان ھجي انٽرنيٽ ذريعي گھر ۾ ميسر ٿيو وڃي، ھڪڙي ڪمري ۾ ويھي ڪري دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ھجي اڄ جي دؤر ۾ موبائل وسيلي ڳالھائي سگھجي ٿو، دڪانن ۽ ھوٽلن تي ماڻھن بدران روبوٽ ڪم ڪري رھيا آھن. انھي منزل تي پھچڻ لاءِ تمام گھڻو عرصو لڳو آھي. انسان فقط چار سئو سال پھرين ڪائناتي مُشاھدا صرف پنھنجي عيان اک سان ڪندو ھو، تڏھن گليليو پنھنجي ٽيليسڪوپ 1610ع ۾ خلا طرف موڙي ۽ مختلف مشاھدا ڪندو رھيو گليليو سڀ کان پھريان اسان کي اھو معلوم ڪري ڏنو ته سيچورن گرھ کي چوڌاري رنگس آھن.( جيڪي دراصل برف جون ٺھيل ٿھليون ڇپون آھن) ۽ جوپيٽر کي چنڊ آھن ۽ اسان جي کير ڌارائن ڪھڪشان( ملڪي گئلڪسي) ڪڪر يا بادل ناھي پر بيشمار تارن جو ميڙ آھي، اھڙين مختلف کوجنائن کانپوءِ اسانجو فطرتي دنيا ڏانھن خيال ھميشه لاءِ تبديل ٿي ويو، سائنس ۾ انقلاب برپا ٿيڻ لڳو، ڪجهھ صدين کانپوءِ ٽيليسڪوپ ۾ نيون ڦير ڦار آيون ۽ وايومنڊل کان مٿي ڪم ڪرڻ لڳيون.
1920ع ۾ ايڊون ھبل نالي فلڪياتي ماھر ۽ سائنسدان پنھنجي ٽيليسڪوپ ايجاد ڪري مختلف ڪھڪشائن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ خلا طرف موڙي ھئي. ھبل پھرين ۽ سڀ کان وڏي ٽيليسڪوپ ھئي جيڪا ھن وايومنڊل ۽ مينھن جي بادلن ۽ ڪڪرن کان به ڏورانھون پري موڪلي وئي، ان ٽيليسڪوپ ذريعي انسان ڪھڪشائن جا اڻ ڏٺل نظارا ڏسڻ جي قابل ٿيو ۽ سائنسدان ان جي مدد ذريعي نظام شمسي ۾ موجود گھڻو پري موجود تارا، گرھه ۽ ٻين مختلف ڪھڪشائن تي مشاھدا ڪرڻ لڳو ھبل ٽيليسڪوپ زمين کان 550 ڪلوميٽر مٿي مدار ۾ گردش ڪري ٿي. خلا ۾ موڪلڻ جي تاريخ 24 اپريل 1990 ٻڌائي وڃي ٿي جنھن جو مقصد خلا ۾ موجود شين مثال گرھه، تارا ۽ مختلف خلائي شين جون تصويرون ڪڍڻ ھو، ھبل لکين مشاھداتي تصويرون ڪڍيون جنھن ۾ تارن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جون تصويرون، نوري سال پري موجود ڪھڪشائون، پُڇڙ تارن جون ۽ ان کان علاوہ جوپيٽر جي وايومنڊل سان ٽڪرائجڻ جون تصويرون شامل ھيون. سائنسدان انھن تصويرن ۽ مختلف خوبصورت ڪائناتي مظھرن مان گھڻو ڪجهھ سکيا آھن.
ھبل ٽيليسڪوپ ۾ موجود اوزارن مان ھڪ Guidance senser آھي جيڪو ڪنٽرول سسٽم جو حصو آھي اھو ٽيليسڪوپ کي صحيح رخُ ڏانھن ھلڻ ۾ ھدايت ڪندو آھي. ٻيو ٽيليسڪوپ ۾ پرائمري آئينو نالي اوزار موجود ھوندو آھي ھڪ دفعو ھٿ ڪيل ھدف کانپوءِ روشني جمع ڪرڻ شروع ڪندو آھي جيڪا انساني اک کان چاليھه ھزار دفعا وڌيڪ روشني جمع ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آھي، ان کان علاوه ٽيليسڪوپ ۾ ٻيا به سائنسي اوزار موجود آھن جن مان مک اسپيڪٽوگرافس ۽ ڪئميرا آھي.اسپيڪٽوگراف اھو اوزار آھي جيڪو روشني کي مختلف wavelengths ۾ ظاھر ڪري ٿو، اسپيڪثوگراف جي مدد سان سائنسدان اھو معلوم ڪري سگھيا آھن ته ھي ڪھڪشائون، تارا، ۽ گرھه ڪيئن جُڙيا ۽ وقت سان ڪيئن تبديل ٿيا آھن، اسپيڪٽوگراف جو ٻيو ڪارائتو ڪم اھو آھي ته خلا ۾ موجود شين جي ٽيمپريچر انھن جي ڪيميائي بناوٽ، ڪثافت ۽ چرپر معلوم ٿي سگھي آھي بلئڪ ھولس کي ڳولي لھڻ ۾ مدد اسپيڪٽوگراف جي ڪري ٿي آھي. ان کان علاوہ ٽيليسڪوپ ۾ موجود اوزار ڪئميرا جو اھم ڪردار آھي، ٽيليسڪوپ جي ڪئميرا دور ڪھڪشائن جي بناوٽ کان وٺي شمسي نظام ۾ موجود گرھن کي جانچي ٿي، جديد ڪئميرائن جي ذريعي خلا جي وڏي ايراضي تي پکڙيل شين جون تصويرون ڪڍيون وڃن ٿيون، جيڪي اوائلي ڪائنات ۾ ٿيل مُشغولي جي تعليم کي پڙھڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.
ٽيليسڪوپ جي مدد سان جيڪي خلا ۽ خلائي شين جي تصويرن ۽ مواد ذريعي سائنسدانن انھن کي گھرائي سان پڙھي ڪري اھو پڻ معلوم ڪري سگھيا آھن تہ ھن ڪائنات جي عمر تقريبن 14 بلين سال آھي ان سان گڏوگڏ ڪائنات جي مقدار ۽ ماپي جو اندازو پڻ لڳائي چڪا آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *